• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرائيٽ اسڪول سنڌي ٻولي لاءِ مصيبت

هيٺيان اسڪول جي ڪي پرائيوٽ طور هلن پيا تن جو بنيادي مقصد سنڌي ٻولي کي روڪڻ ۽ تباه ڪرڻ آهي
1 سٽي اسڪولس
2 بحريه اسڪولس
3ڪيڊت اسڪولس
4 آڪسفورڊ اسڪولس
5ڪيمبرج اسڪولس
سڀ غير سنڌي هلائڻ وارا اسڪولس
جن ۾
وائيٽ هائوس اسڪولس،سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سڀ اسڪول ڪوڙ ٽي مبني آهن
۽ ٻيا هنن کي فورن بند ڪرايو .....وڃي ڏسو هنن ۾ سنڌي ٻولي ڪيترو پڙهائي وڃي ٿي
 
ادا توهان جي ڳالهه درست آهي پر توهان ڪنهن ثبوت سان ان ڳالهه کي ثابت ڪريو ته مٿي ڏسل سڀني سڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي ؟؟؟؟؟؟؟
عام سياستدانن وانگر ڳالهيون نه ڪندا ڪريو
 
ادا معاف ڪجو ....توهان الائي ڪهڙي دنيا ۾ رهو ٿا هي جيڪي اسڪول جن جي مان نشاندهي ڪئي آ اتي وڃو جي اها سچ ثابت نه ٿي ته مان وري ڪڏهن به ائين نه لکندس ...منهنجا سهڻا انهن اسڪولس ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي شاگردن کان ڏنڊ ورتو وڃي ٿو وڃي جانچي ته ڏسو مان ڪڏهن به ڪنهن تي الزام نه پر حقيقتن جو اظهار ڪرڻ جي ڪوسشش ڪندو آهيان ....سو به سنڌ جي مفاد ۾ نه ته مون ائين هرگز نه ڪندس هي جيڪي لکڻ آ سو سنڌ جا مفاد ڏسي پو ڪجه لکجي ٿو ۽ حقيقتون بيان ڪجن ٿيون...وڌيڪ وس جا مالڪ آهيو منهنجا سهڻا ماڻهو سنڌ جا...الله خوش رکي توهان کي .....
 
سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن ته بلڪل ڪوڙ تي مبني آهي مون پاڻ انهن جو طريقا واردات پريڪٽيڪلي ڏٺو آهي جيڪي ٻار اڳ ۾ ئي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا تن کي هي ڪجه پيسن جي عيوض ان ڏينهن اسڪول ۾ گهرائين ٿا جڏهن ڪو هنن جو نام نهاد آفيسر وزٽ ڪري ٿو...هنن کي سنڌ گورنمنٽ جيڪي بجيٽ ڏي ٿي سا بلڪل ضايع پئي ٿي....هي منهنجو ۽ ٻين اسڪولس جو ذڪر ذاتي مشاهدو آهي...وڃو وڃي وائيٽ هائوس گرامر اسڪول جو مشاهدو ڪريو جيڪو گلشن اقبال ۾ آهي ۽ هي ٻيا سلسلي وار اسڪول وڃي گهمو انهن ۾ بلڪل سنڌي ٻولي لا نفرت آهي ڪو به مناسب ماڻهو هنن اسڪولس ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ وارو نه ....
 
اسان سڀ جا سڀ ڪنهن هڪ تي هي ضميواري نه آهي سڀني تي هڪ جيتري ضميواري آهي جي ڪي تعليم جي شعبي ۾ آهن انهن تي سئين سڌي باقي ٻين تي اڻ سڌي ڪو اسڪول بند آ ته کولڻ جو اونو سڀ کي هجي ...جي ڪٿي اسڪول نه آهي ته اتي اسڪول هجڻ جو اونو ۽ ڪوسشون وٺن گهرجن..جتي پڙهائي گهٽ ا اتي پڙهائي جي سگهاري طريقي سان پڙهائڻ جو اون فڪر ۽ ڪوسش
 
هيٺيان اسڪول جي ڪي پرائيوٽ طور هلن پيا تن جو بنيادي مقصد سنڌي ٻولي کي روڪڻ ۽ تباه ڪرڻ آهي
1 سٽي اسڪولس
2 بحريه اسڪولس
3ڪيڊت اسڪولس
4 آڪسفورڊ اسڪولس
5ڪيمبرج اسڪولس
سڀ غير سنڌي هلائڻ وارا اسڪولس
جن ۾
وائيٽ هائوس اسڪولس،سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سڀ اسڪول ڪوڙ ٽي مبني آهن
۽ ٻيا هنن کي فورن بند ڪرايو .....وڃي ڏسو هنن ۾ سنڌي ٻولي ڪيترو پڙهائي وڃي ٿي
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!
سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!
 
هيٺيان اسڪول جي ڪي پرائيوٽ طور هلن پيا تن جو بنيادي مقصد سنڌي ٻولي کي روڪڻ ۽ تباه ڪرڻ آهي
1 سٽي اسڪولس
2 بحريه اسڪولس
3ڪيڊت اسڪولس
4 آڪسفورڊ اسڪولس
5ڪيمبرج اسڪولس
سڀ غير سنڌي هلائڻ وارا اسڪولس
جن ۾
وائيٽ هائوس اسڪولس،سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سڀ اسڪول ڪوڙ ٽي مبني آهن
۽ ٻيا هنن کي فورن بند ڪرايو .....وڃي ڏسو هنن ۾ سنڌي ٻولي ڪيترو پڙهائي وڃي ٿي

ادا رسول بخش اوهين بلڪل صحيح پيا چئو .انڌير لڳو پيو آهي .ٻيو ته ٺهيو پر اسان جا ڳڀرو سنڌي جيڪي ڪراچي ۾ رهن ٿا سي به پنهجن ٻارن جي انگريزي ڳالهائڻ تي فخر ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا جيڪڏهن ڪوئي انهن کي ان باري ۾ ڪجهه چوندو ته جواب ڏيندا اوهين محدود سوچ رکو ٿا هي نئون زمانو آهي توهان پراڻي دور ۾ رهو ٿا. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت وساري انهن جا وجود ئي ختم ٿي ويا.
 
Back
Top