5 اپريل 1817ع

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2014۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    5 اپريل 1817ع محترم بارٽل فريئر جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي.هي سنڌ جو ڪمشنر رهيو آهي. هن پنهنجي ڪمشنري جي دؤران هڪ ڪاميٽي ٺاهي هئي، ان ڪاميٽي کي سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ٺاهڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي. ڪاميٽي ٻن لپين ۾ ٺاهي هئي، هڪ ديوناگري ۽ ٻي عربي، ديوناگري کي رد ڪندي عربي رسم الخط کي پسند ڪيو ويو. ۽ سنڌي ٻولي کي انهن سڀني آفيسرن لاءِلازمي قرار ڏنو ويو، جن جي تعيناتي سنڌ ۾ هئي. ايئن ئي سنڌي ٻولي سرڪاري ٻولي ٿي.
    سر بارٽل فريئر ، خيال ڏنو هو ته ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي لائن وڇائجي. هن ئي ڪراچي بندرگاه کي ترقي وٺرائي هئي.

    بارٽل فريئر ئي سنڌ ۾ ٽپال کاتي کي متعارف ڪرايو هو. ٽپال جي ٽڪيٽ جو نالو سنڌ ضلع ٽڪيٽ ڏنو هو.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    فريئر ھال ڪراچي جيڪو سر بارٽل فريئر جي نالي ارپيل آھي، جون ڪجھ تصويرون. . .
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    فِريئر ھال ڪراچي، سنڌ

    فِريئر ھال جي باري ۾ لکڻ کان اڳ سر بارٽل فِريئر کان شروعات ڪيون ٿا تڏھن ئي فِريئر ھال جي تاريخ کي صحيح طريقي سان سمجهي سگهنداسين۔

    بارٽل فِريئر کي 1851ع ۾ سنڌ جو ٻيون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ھو، جنوري 1851ع ۾ جڏھن فِريئر ڪراچي پُھتو، تڏھن ڪراچي ايترو ترقي يافته نه ھو۔ ھتي نه روڊ ھئا، نه ئي بندرگاھ جي لاءِ ڪو ادارو ھو، ۽ نه ئي ٽپال جو ڪو خاص انتظام ھو۔ حالنڪه بحري جھازن جي ٺاھ ٺوھ جي لاء پڻ ڪو به انتظام نه ھو، اُھي مرمت جي لاءِ بمبئي موڪليا ويندا ھئا۔بارٽل فِريئر جي دور ۾ اصل ڪراچيءَ جو سونھري دور طرف سفر جي شروعات ٿئي ٿي، ھن جي دور ۾ 1853ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽي جي بنياد پئي۔ ان جي ئي دور ۾ ريلوي جي لائين جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو، ايشيا جي پھرين ٽپال ٽڪيٽ جيڪا فِريئر جي دور ۾ 1 جولائي 1852ع تي ڪراچي ۾ شروع ٿي جنهن کي سنڌ ٽپال جو نالو ڏنو ويو ھو۔ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌ جي ھندن جي تاريخ ۾ لکيو آھي؛ " نه صرف ڪراچي بلڪه پوري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فِريئر جي دور ( 1850 کان 1859ع تائين ) ۾ ٿي، سرڪاري خط و ڪتابت فارسي ۾ ٿيندي ھُئي، ان جو سلسلو سر فِريئر بند ڪرايو ۽ حڪم جاري ڪيو ته اڳتي تمام قسم جي خط و ڪتابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندي، جيڪي يورپي يا ٻيا اھلڪار جي سنڌي ٻولي نه ڄاڻيندا ھئا اُھي سنڌي سکن ۽ سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪن۔ ان وقت تائين سنڌي لکڻ جي لاءِ ڪا به رسم الخط نه ھئي۔ ان لاءِ سر بارٽل فِريئر، موجوده عربي رسم الخط ترتيب ڏني۔ جنهن جو آغاز جولائي 1853ع ۾ ٿيو ھو۔بعد ۾ ان ٻه عدد سنڌي درسي ڪتاب پڻ تيار ڪرايا ۽ ڪجھ سنڌي ۽ 3 ھاءِ‌اسڪول به قائم ڪيائين۔ فِريئر جي دور ۾ ڪراچيءَ جي پبلڪ لائيبريري جو افتتاح ٿيو، ۽ سنڌ جو پهريون انگلش ميڊيم اسڪول ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو۔ سنڌ ۾ سر بارٽل فِريئر جي خدمتن کي وساريو ناھي ويو ۽ ان جي ياد کي ھميشه جي لاءِ تازو رکڻ جي لاءِ آگسٽ 1863ع ۾ ان جي مان ۽ مرتبي وانگر عظيم ھڪ شاندار عمارت تعمير ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي ويئي۔

    اھاخوبصورت ۽ شاندار عمارت فِريئر ھال ھئي۔

    فِريئر ھال ھڪ خوبصورت ۽ دلڪش عمارت آھي۔ جنهن جي ٽاور جي آخري ڇيڙي تي ھڪ لوھي دري ھن جي خوبصورتي ۽ دلڪشي ۾ بيپناھ اضافو ڪري ٿي۔ اھا خوبصورت فن تعمير جو شاھڪار نمونو آھي۔ اھا عمارت سنڌ جي ڪمشنر سر ھينري بارٽل ايڊورڊ فِريئر ( 1863 کان 1865ع ) جي عرصي ۾ تعمير ڪرائي۔ فِريئر ھال جنهن کي ڪراچيءَ جي خوبصورت ترين عمارتن مان ھڪ ھجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي۔ جيڪا اڄ به ڪراچيءَ جي شھرين کي سر بارٽل فِريئر جي ياد ڏياري ٿي۔ گوٿڪ طرز سان ٺاھيل ھن عمارت جي اڏاوت جي ڪم جي شروعات 1863ع ۾ ٿي، ان جو نقشو شاھي انجينئر ڪرنل ڪليرو لڪينن تيار ڪيو ھو، ۽ ان جي اڏاوت ٻن سالن جي عرصي 1865ع ۾ مڪمل ٿي ھئي۔ 10 آڪٽوبر 1865ع تي ان وقت سنڌ جي ڪمشنر مسٽر سموئيل مينفيلڊ افتتاح ڪيو ھو۔

    ان عمارت جي تعمير تي 1 لک اسي ھزار رپيا خرچ ٿيا، ان رقم مان 50220 رپيا عوام ڏنا، جڏهن ته 75000 رپيا حڪومت ڏنا ھئا ۽ بقايا 50000 رپيا ڪراچي ميونسپالٽي فراھم ڪيا ھئا۔ ان عمارت جي تعمير کان پوءِ‌ ان کي ٽاؤن ھال طور تي استعمال ڪيو ويو ھو۔ چُن جي پٿر سان اڏيل ھي ٻه منزله پيلي رنگ جي ھن عمارت جي مٿين منزل تي (70X24) فٽ جو ھڪ ھال ۽ ھڪ گيلري پڻ موجود آھي۔ جڏھن اسان فِريئر ھال جي مرڪزي دروازي اندر داخل ٿيندا آھيون ته اسان کي ھڪ ڀوري رنگ جو مينار نظر ايندو آھي، اُھو مينار انھن جانثارن جي يادگار آھي جن پھرين مھاڀاري جنگ ۾ انگريز سرڪار جي سلامتي خاطر پنهنجين جانين جا نظرانه ڏنا ھئا، انھن سڀن جو تعلق بلوچ انفينٽري سان ھو۔ ان مينار تي انگريزي ۽ اڙدوءَ ۾ ھڪ لکت تحرير ٿيل آھي۔ " يادگار؛ انھن برٽش آفيسرن ، ڪميشنڊ آفيسرن ، سپاھين ۽ پوءِ لڳن جي ناءُ ، جن پنهنجي بادشاھ سلامت ۽ پنهنجي ملڪ و قوم جي عزت ۽ ناموس خاطر پنهنجين جانين جون قربانيون ڏنيون، خدا پاڪ انهن جي مغفرت فرمائي" ۔۔۔ آمين ثم آمين۔

    ايسٽر جي ڏڻ (عيسائين جو مذھبي ڏڻ) جي موقعي تي ھي عمارت ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي آھي، ان کان علاوه ان جي ٽاؤن ھال ۾ باقاعده عوامي ميڙاڪا، گڏجاڻيون، ڪچھرين جا پروگرام ۽ راڳ رنگ جون محفلون پڻ منعقد ٿينديون رھنديون آھن۔

    1887ع ۾ بنجمن ڦلنڪ نالي ھڪ برطانوي شخص ان جي خوبصورتيءَ ۾ اضافي خاطر ملڪه برطانيه جا مجسمه رکيا ھئا، جنھن ھن عمارت کي انتھائي دلڪش ۽ خوبصورت ڪري ڇڏيو ھو۔

    فِريئر ھال جي آرٽ گيلريءَ جي سونهن ۽ سجاوٽ کي وڌيڪ خوبصورتي ڏيارڻ جي لاءِ عالمي شھرت يافته چترڪار ۽ مصور صادقين تمام گهڻو ڪم ڪيو ھو۔ 1986ع ڌاري صادقين پنهنجي تخليقي ڪم جي شروعات ڪئي ھئي، ان فِريئر ھال جي مٿين منزل جي ڇت کي پنهنجي شاھڪار مصوري جي نمونن سان سينگاريو، ھاڻي اھا ڇت صادقين جي چترڪاري جي نمونن سان سينگاريل آھي۔ مگر ان جي موت جي ڪارڻ اھو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو۔ ان جي باوجود صادقين جي ان ڪم جي ڪارڻ ان عمارت جي تاريخي حيثيت جي لحاظ کان خوبصورتي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي۔

    ھن وقت به فِريئر ھال جي عمارت ڪراچي شھر ۾ ھڪ انمول ھيري مثل پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل آھي ۽ انڳن صدين جي سفر جي امين آھي جيڪا سنڌ جي شاندار ماضي سان سلھاڙيل آھن۔ اڄ به فِريئر ھال پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي رھي ٿي ۽ سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي شاندار نشانيءَ ھجڻ جو احساس ڏياريندي رھي ٿي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 اپريل 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين زاهد حيدر ملاح صاحب ، ادا تمام بهترين مورتون ونڊ ڪيون اٿوَ. مان مسلسل ڏيڍ سال ڪراچي ۾ رهيس پر اندران فريئر هال نه ڏسي سگهيس جڏهن به ويس ته بند ئي مليو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو