سنڌ سلامت فورم کي اپڊيٽ ڪندي ڪلائوڊ تي ڪاميابي سان منتقل ڪيو ويو آهي.. جنهن کان پوءِ ايڊمنسٽريشن سائيڊ کان ڪافي سڌارا آندا پئي ويا خاص طور سنڌ سلامت جي مواد جو پاڻمرادو بيڪ اپ وٺڻ ۽ اي ميلز سيڊنگ رسيونگ.. ان معاملن کي درست ڪرڻ کان پوءِ هاڻي سنڌ سلامت جي انٽرفيس طرف توجا ڏيڻ شروع ڪئي وئي آهي.. ان سلسلي ۾ هڪ جهڙا موضوع سسٽم کي وڌيڪ بهتر انداز سان فعال ڪيو ويو آهي.. اڳ جي مقابلي ۾ هن سسٽم کي وڌيڪ جاندار ۽ ڏسڻ ۾ مڪمل نتيجن سان رکيو ويو آهي.. ان کان علاوه هاڻي ڪو به موضوع لکڻ وقت سسٽم موضوع جو عنوان لکندي ئي ان کي پڙهڻ شروع ڪندو ۽ جيڪڏهن عنوان مطابق ڪو اهڙو اڳ موضوع موڪليو ويو آهي ته ان بابت تفصيلي لسٽ فراهم ڪندو ..
ان سان يقينن باربار ساڳيا ئي موضوع اچڻ بجاءِ اڳ ئي موجود موضوعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويندي.. جنهن سان سنڌ سلامت جو ڊيٽا بيس هرو ڀرو به نه وڌندو ۽ پڙهندڙ لکندڙ کي به اضافي فائدو ٿيندو...!!