السلام عليڪم دوستو دوستو مون وٽ هڪ 4 جي بي جي يو ايس بي آهي جيڪا فارميٽ نه پئي ٿئي ڊائريڪشن ملي ٿئي ته هي ڪمپيوٽر هن کي فارميٽ نه ٿو ڪري سگهي مان ان کي ٻين ڪمپيوٽرس ته به آزمائي چڪوآهيان پر اها ئي ڊائريڪشن پئي ملي ان يو ايس بي ۾ ڪو به وائرس وغيره به نه آهي هي ڊائريڪشن پئي ملي مون وٽ يو ايس بي 4 جي بي جي آهي پر وري هي ڊائريڪشن ۾ 8 جي بي جي ڪيپيسٽي پئي ظاهر ڪري asul matt سو هاڻي يو ايس بي کي ڪهڙي نموني فارميٽ ڪجي سدائين گڏ
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي ادا سائين هن يو ايس بي کي پهرين ڪمپيوٽر ۾ هڻو ان کان بعد جڏهن ڪمپيوٽر ۾ شو ٿئي ته توهان يو ايس بي جي آئيڪان تي رائيٽ ڪلڪ ڪري eject جي آپشن سان هن کي ايجيڪٽ ڪريو پوءِ وري رائيٽ ڪلڪ ڪري فارميٽ ڪري ڏسو۔۔
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي ادا eject سان هي ڊائريڪشن پئي اچي ان کي اوڪي ڪرڻ کان پو۽ فارميٽ لا۽ جيئن ئي اپلائي ڪيان پيو ڪو به ايڪشن ڪو نه ٿو کڄي وڌيڪ جيڪا سنگت جي صلاح سدائين گڏ
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي يو ايس بي يا وري سيڪنڊري هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪرڻ يا ان جا پارٽيشن ٺاهڻ جو هڪ طريقوهن ريت آهي ته اوهان ما ڪمپيوٽر کي رائيٽ مائوس سان ڪلڪ ڪري، “مينيج” ۾اچو۔ ان کان پو “ڊسڪ مئنيجمينٽ” ۾ايندا۔ هاڻي اوهان کي ساڄي طرف مٿيان پنهنجي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن نظر ايندا۔ جيڪڏهن اوهان وٽ ٻي هارڊ ڊسڪ (سيڪنڊري ڊرائيو) به لڳل هوندي ته ان جا پارٽيشن پڻهيٺ نظر ايندا۔ ان کان پو ٻي ڪا رموو ايبل ڊرائيو (يو ايس بي يا سي ڊي ڊرائيو) وغيره هيٺ نظر ايندي۔ هاڻي اوهان يو ايس بي کي رائيٽ مائوس سان سليڪٽ ڪري فارميٽ ڪري سگهو ٿا۔ وضاحت لا هي شارٽ ڏسو: http://www.4shared.com/photo/EjB4dFHS/DM_XP_.html واضحرهي ته ونڊوز ايڪس پي ۾ “ڊسڪ مئنيجمينٽ” “ڊاس” وارو ڪم ڏيندو آهي، اتان اوهان ڪنهن به هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهي يا ڊاهي سگهو ٿا، يا وري ان کي ڪنهن به فيٽ ۾تبديل ڪري سگهو ٿا۔
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي اوهان جي يو ايس بي بغير پراپر ايجيڪٽ ڪرڻ جي رموو ڪرڻ جي ڪري شايد انهي جي ماسٽر بوٽ ريڪارڊ ۾ پرابلم آيا آهن سو انهي حل ڪجهه هن ريت آهي پر اهو جي ڪم نه ڪري ته پو پنهنجي يو ايس بي کي گند جي دٻي جي نظر ڪجو يا ڪنهن ننڍڙي ٻار کي راند ڪرڻ لا ڏئي ڇڏجو۔۔۔ حل پهريو۔۔ ميموري ڪمپيوٽر ۾ اٽيچ ڪريو، جي ڊڪيٽڪٽ ٿئي ته انهي ڪجهه به نه ڪريو صرف اسٽارٽ تي ڪرل ڪري رن اوپن ڪري هي لکو diskmgmt.msc ۽ ان کان پو اتڙي نظر ايندڙ ميموري ڊرائيو تي رائيت ڪلڪ ڪري چينج ڊرائيو ليٽر اينڊ پاٿ تي ڪلڪ ڪريو، پو پهريون مليل ليٽر ڊليٽ ڪري ڪو به نئون ڊرائيو ليٽر ايڊ ڪريو، انهي کان پو ميموري کي فارميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، جي نه ٿئي هي ٻيو حل ٽرا ڪريو، حل ٻيو۔ هي هڪ عدد لنڪ آهي انهي ۾ جيڪو ميموري فارميت ڪرڻ جو سافٽويئر اهي اهو ٽرا ڪريو، http://www.4shared.com/file/ZqLQIFE3/HP_USB_Disk_Storage_Format_Too.htm جي نه ٿئي ته، حل ٽيون۔۔ پارٽيشن مينيجر استعمال ڪريو۔۔۔ لنڪ هي آهي۔ http://www.4shared.com/file/DcrTm5Ns/Paragon_Partition_Manager_90_P.htm حل چوٿون۔۔۔ سي ميپ نالي ننڊڙي يوٽلٽي استعمال ڪريو هي لنڪ آهي http://www.4shared.com/photo/Hcd02f1B/__Remove_Hard_Disk_Badsectors_.htm حل پنجون۔۔۔ جي هاڻي به نه ٿئي ته پو جنهن ڪمپني جي جوڙيل آهي انهن کي ڏياري موڪليو ڪجهه چارجز وٺي هو ٺيڪ ڪري موڪليندا، پر خرچو ايترو اچي ويندو جو انهن پئسن ۾ 16 جي بي جيترو ڪيئي ملي ونڃن، حل آخري۔۔ پر جي انهن وٺان به واپس اچي ۽ نه ٺهي ته مونڏانهن سعودي ڏياري موڪل ته ڪنهن اوناهي سموڊ ۾ اڇلايانس، نه هودي نه ئي ايترو وري ڪڏهين ٽائيپ ڪرڻو پوندو۔۔ مهرباني فقير ~X(
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي ادا ايترو ٽائيپ ڪرڻ لا۽ توهان جي مهرباني مان ان مٿيان ٻه حل ته آزمائي چڪو آهيان باقي هيٺيان حل به آزمائي پو۽ ئي پنهنجي را۽ ڏيندس نه ته توهان ڏي يو ايس بي ڏياري موڪليندس سدائين گڏ
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي ادا پاڪستان ۾ جيڪي يو ايس بي ملن ٿيون انهن جا تقريباَ اهي ئي حال هجن ٿا... ٻه ٽي ڀيرا پراپر نموني اجيڪٽ نه ٿيون ته پوءِ ڪم چٽ ٿي ويندو آهي ۽ وري انهن کي واپسي ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.... بهتر اٿو ته ادي عبدالعزيز مڱريو ڏي موڪلي ڏيوس ته سمونڊ حوالي ڪريس..
جواب: يو ايس بي فارميٽ نه پئي ٿئي بس هاڻي ته ائين ئي ڪبو ڇو جو مٿيان سڀ طريقا آزمائي چڪو آهيان #-o#-o#-o