هل مون توکي معاف ڪيو...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ايران ۾ هزارين ماڻهن جي سامهون ڊرامي نما حقيقت ڏسڻ وٽان ملي... جتي هڪ مجرم کي سرِعام ڦاسي ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل هيون ۽ منظر ڏسڻ وارا دل پڪڙي ايندڙ منظر جا منتظر هيا.. ته ايتري ۾ هڪ برقعو پوش خاتون اچي قاتل جي منهن تي هڪ چماٽ لڳائي ۽ اعلان ڪيائين... ته .. ”هل مون توکي معاف ڪيو...“
    تفصيل مطابق بلال نالي نوجوان ست سال اڳ پنهنجي هڪ عمر نوجوان کي جهڳڙي دوران قتل ڪري ڇڏيو هو .. جنهن جو جرم ثابت ٿيڻ تي ان کي موت جي سزا ملي... سرِعام ڦاسي ڏيڻ لاءِ مجرم کي ميدان ۾ آڻي انکين تي پٽي ٻڌي وئي ... جڏهن کيس تختي تي گهلي وٺي وڃڻ لڳا ته قاتل موت پنهنجي سامهون ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون..
    ٻئي طرف مجمع جي دل جون ڌڙڪڻون وڌڻ لڳيون جو قاتل لٽڪائجڻ تي هو.. ته اچانڪ مقتول نوجوان جي جي والده کي دل ۾ رحم اچي ويو ۽ قاتل کي صرف هڪ چماٽ هڻي موت جي منهن مان واپس وٺي آئي...
    پٽ جي موت جي تڪليف سهندڙ هن ڏکايل ماءِ پنهنجي پٽ جي قاتل ماءُ کي اهڙي ڏک کان بچائي ورتو... ۽ قاتل کي ڦاسي گهاٽ تي موت کان ڪجهه لمحا پهريان معاف ڪري ڇڏيو...
    سچ چوندا آهن ته انسان جي ڪردار يا ظرف جو اندازو ان وقت ئي هوندو آهي جڏهن ڪو ان جو وڏو نقصان ڪري يا ڪردارڪشي ڪري ۽ پوءِ اهو ماڻهون کيس معاف ڪري ڇڏي...
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بدلي وٺڻ کان معاف ڪرڻ وڌيڪ بهادري آهي ، جڏهن ته بدلي وٺڻ جي سگھ به رکندو هجي پوءِ به معاف ڪري!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو