دوستن سان ڪاوڙ

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو ڪجهه مهينا اڳ مون دوستيءَ جي عنوان سان هڪ قميتي ليک ونڊ ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ جي ڏاهن جا قميتي قول چيل آهين ... هيٺ ڪلڪ ڪري پڙهي سگهجنٿا

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=625

    ... اڄ وري اوهان لئه دوستيءَ جي عنوان تي هڪ ٻيو ليک کڻي آيو آهيان اميد ته ڪارائتو ثابت ٿيندو.
    ________________________________________
    دوستن سان ٿيل ڪاوڙ کي ڪيئن نبيرجي؛
    [​IMG]

    دوستن سان ڪاوڙ يا جهيڙو انتهائي ڏکوئيندڙ هوندو آهي، اسين اڪثر ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪري وجهندا آهيون جن جو مطلب ڪجهه ٻيو هوندو آهي پر تنهن هوندي به معاملا اٽڪي پوندا آهن ۽ مٿان وري ڪا به ڌر پنهنجي غلطي مڃڻ لئه تيار ناهي ٿيندي ۽ ان ڪاوڙ لئه پڇتاءُ يا معافي به ڏيڻ يا وٺڻ کان ڪيٻائيندا آهيون، جيتوڻيڪ معاملا ڪافي پري وڃي پوندا آهن پر تنهن هوندي به ڪجهه اهڙا رستا آهن جن سان اسين پنهنجن دوستن سان ٿيل ڏڦيڙ ختم ڪري سگهونٿا ... هيٺ ڪجهه رستا آهن جن تي هلڻ سان اسين دوستيءَ ۾ پيل مفاصلن کي گهٽ ڪري سگهونٿا ...
    1. پاڻ کي ٿڌو ڪريو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪاوڙ جا جذبا جاڳيل هوندا ته حقيقت تي پردا پئجي ويندا آهن، پنهنجي ڪاوڙ کي جهڪي ڪرڻ خاطر پاڻکي ڪجهه وقت ڏيو ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ اهڙن معاملن تي غور ڪرڻ کان پرهيز ڪريو..
    2. هڪ ٻئي جي عزت ڪريو، پنهنجي دوست جي عزت نه ڪرڻ سان اوهين انهن مسئلن کي دلي طور تي نبيرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا ...
    3. ڪاوڙ جي وقت هڪٻئي کي ساهه کڻن جو موقعو ڏيو ۽ ٿوري دير لئه هڪٻئي کان پري ٿي وڃو
    4. هڪٻئي کي ايترو وقت ڏيو جو ڪاوڙ جهڪي ٿئي ۽ اها جهڪائپ اوهانکي معاملن جي حل ڪرڻ ۽ سهي سوچ پئدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
    5. هڪٻئي کي ڏنل وقت ۽ جڳهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ عزت ڪريو، ڇاڪاڻ ممڪن اوهانجو دوست ان معاملي کي سمجهڻ ۾ هفتا لڳائي ۽ ممڪن اوهين ان ڳالهه کي هڪ ڏينهن ۾ ئي سمجهي وڃو، انڪري پنهنجي دوست کي ڏنل وقت ۽ جڳهه جو قدر ڪريو ۽ کيس سوچڻ جو وقت ڏيو.
    6. رابطا ختم نه ڪريو، وقت به وقت پنهنجي دوست کان ان معاملي ۾ نه سهي ڪنهن ٻي معاملي يا تڪليف يا خوشيءَ بابت ساڻس ڳالهايو ۽ خيريت معلوم ڪريو ۽ کيس احساس ڏياريو ته اوهين اڃان به سندس لئه احترام رکوٿا.
    7. جنهن معاملي تي اوهين پاڻ ۾ ڪاوڙيا آهيو، دوست کي موقعو ڏيو ته هو پنهنجو نقطه نظر پيش ڪري ۽ ان تي اوهين کليل دماغ سان غور ڪريو.
    8. ڳالهه ٻولهه دوران لفظن جي چونڊ انتهائي سهڻي هجڻ کپي، ۽ اهڙن جملن کان پرهيز ڪريو جي معاملي کي وڌيڪ منجهائي يا وچڙائي ڇڏين ... مثلن ” تون هميشه“ ، ” تون ڪڏهن به“ يا ” تون ايئن ڇو؟“ وغيره وغيره
    9. جڏهن دوست اوهانکان معافي وٺي يا پنهنجي غلطي مڃي ته سندس کليل دل سان اها معافي قبول ڪريو ۽ ... اهڙين ڳالهين کان پرهيز ڪريو جنهن سان اڳلي کي ڏک پهچي.
    10. ۽ جي اوهين ٻئي ڪنهن نتيجي تي نه پهچو ته وقتي طور هڪٻئي کان پري ٿي وڃو ۽ معاملن کي ايندڙ وقت تي رکي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته معاملن کي الجهائڻ سان ڪوبه فائدو ناهي...
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دوستن سان ڪاوڙ

    سائين بهترين ڏس آهن۔۔ هڪ ته مان ڪوشش ڪندو آهيان ته دوستن کي ناراضگيءَ جو موقعو نه ڏجي ۽ جي ناراض ٿين ته پرچائڻ ۾ دير نه ڪجي۔۔۔
    مولا علي عه جو به هڪ فرمان ياد ٿو اچيم ته ” پنهنجي دشمن کي هزار موقعا ڏيو ته اهو توهان جو دوست بڻجي پر پنهنجي دوست کي دشمن بڻجڻ جو هڪ به موقعو نه ڏيو“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو