ڪنهن جي نظر ۾ آئون چڱو آھيان ڪنهن جي نظر ۾ آئون بُرو آھيان پر حقيقت ۾ جيڪو جيئن آھي ان جي نظر ۾ آئون اھو آھيان ♥♥♥♥ ♣♦♣ ♥♥♥♥
اوپرو اوپرو، اڻ ڏٺل ٿو لڳين سنڌ جي ڀاڳ جيان رٺل ٿو لڳين آرزو، جستجو ، آسرو ، ڀروسو تون سڄي زندگيءَ جو عمل ٿو لڳين تون ته دودو ھُئين، تون ته دولھ ھُئين، اڄ موئن جي دڙي جيان ڊٿل ٿو لڳين رات " بخاري " شايد رنو آھين گهڻو زُلفِ جانان جيان وکريل ٿو لڳيناستاد بخاري