• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اُستاد بخاري

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن
ڪنهن جي نظر ۾ آئون چڱو آھيان
ڪنهن جي نظر ۾ آئون بُرو آھيان
پر حقيقت ۾ جيڪو جيئن آھي
ان جي نظر ۾ آئون اھو آھيان

♥♥♥♥ ♣♦♣ ♥♥♥♥
 
اوپرو اوپرو، اڻ ڏٺل ٿو لڳين
سنڌ جي ڀاڳ جيان رٺل ٿو لڳين

آرزو، جستجو ، آسرو ، ڀروسو
تون سڄي زندگيءَ جو عمل ٿو لڳين

تون ته دودو ھُئين، تون ته دولھ ھُئين،
اڄ موئن جي دڙي جيان ڊٿل ٿو لڳين

رات " بخاري " شايد رنو آھين گهڻو
زُلفِ جانان جيان وکريل ٿو لڳين
استاد بخاري
 
رات " بخاري " شايد رنو آھين گهڻو
زُلفِ جانان جيان وکريل ٿو لڳين

واهه ... ڇا ڳالهه ڪجي استاد جي
 
Back
Top