باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو اجلاس ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جي عظيم محبت وطن اڳواڻ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي سڄي زندگي سنڌ جي عوام تان ڏک ڏولاوا ٽارڻ ۽ ظلمن ۽ نا انصافين جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندي گذري. جڏهن ڏنڊي جي زور تي گورنر جنرل غلام محمد “ون يونٽ” جو بل پاس ڪرايو، تڏهن ڪامريڊ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سڏائي اُهو تاريخي اعلان ڪيو ته “جيستائين ون يونٽ جو خاتمو نه ايندو تيستائين آرام نه ڪبو.” هڪ طرف هاري ورڪرن کي حڪم ڏنائين ته ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ جلسن، جلوسن جو سلسلو جاري رکيو وڃي ٻئي طرف پمفليٽ لکي دنيا وارن کي آگاهه ڪيائين ته سنڌ سان هي ناحق ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪامريڊ ون يونٽ خلاف ڪيترائي انگريزءَ ۾ پمفليٽ لکيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ٻئي پاسي جڏهن ون يونٽ خلاف نعرو هڻڻ ڏوهه سمجھيو ويندو هو تڏهن ڪامريڊ حيدربخش جي اڳواڻيءَ ۽ رهبري ۾ سنڌ جي هاري ورڪرن ڳوٺ ڳوٺ ۾ جلسا جلوس ڪڍي ون يونٽ خلاف آواز بلند ڪيو. ون يونٽ جي خلاف سنڌ هاري ڪاميٽيءَ طرفان ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي صدارت هيٺ 11 نومبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ٺهراءَ پهريون. هيءُ اجلاس هن راءِ جو آهي ته سنڌ، بلوچستان، ۽ فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ جو تحريڪ پنجاب جي سرمائيدارن ۽ عملدارن طرفان هلايل آهي، ته جيئن ننڍن صوبن جي وسائل، زمين، تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي. هيءَ (ون يونٽ ٺاهڻ واري) تحريڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آهي جنهن ذريعي پنجاب عوام ۽ سنڌ جي عوام جي عوام وچ ۾ نفرت ۽ عام طرح پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو، جنهن مان خطرناڪ نتيجا نڪرڻ لازمي آهن. سنڌ هزارين سالن کان خاص تهذيب ، زبان ۽ روايتن جي مالڪ آهي، ان کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانه ڪاروائي ٿيندي. اهڙي ناپاڪ تحريڪ کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هيءَ اجلاس مسٽر غلام محمد گورنر جنرل کي اپيل ٿو ڪري ته هن معاملي ڱي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان سواءِ ختم ڪري پاڪستان تي مهرباني ڪري . ٺهراءَ ٻيو. هيءُ ڪائونسل جو اجلاس سنڌ اسيمبليءَ جي انهن ميمبرن جي ون يونٽ جي حمايت ۾ ڪيل فيصلي تي اظهار ناراضگي ٿو ڪري. جيڪو انهن بندوق جي ڇانوَ ۾ ۽ پوليس ۽ ملٽري کان هيسجي ڪيو آهي. ۽ اهو ڪيل فيصلو عوام جو فيصلو نه آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ووٽرن جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي ن کي ووٽ ڏنا هئا، تڏهن انهن جي اڳيان ون يونٽ جو سوال ئي ڪونه هو ، تنهن کانسواءِ اهو 1940ع جي لاهور واري تاريخي ٺهراءُ جي پڻ قطعي خلاف آهي. ون يونٽ دوران سنڌ جي عوام مٿان بوقت جيڪي به ظلم ، زبردستيون ، نا انصافيون ٿينديون رهنديون ، ڪامريڊ انهن خلاف قدم کنيو، ڪافي محنت ۽ خرچ ڪري، سنڌ جي سڀني مسئلن تي انگريزي ۾ پمفليٽ ليا جن اوڻ وقت جي حڪومت خلاف وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. انهن پمفليٽن جو مختصر طور جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو. Democracy or Dictator ship in Pakistan (جلد پهريون ، ڪراچي 7 آگسٽ 1955ع ، صفحا 21) انهيءَ پمفليٽ ۾ جمهوريت ۽ آمريت جي چڱاين ۽ اوڻاين بابت ڪامريڊ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان سان گڏ ان ۾ اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن کي زوريءَ ملائي “ون يونٽ” بنائڻ واري منصوبي جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. پمفليٽ جي آخر ۾ انهيءَ گڏيل بيان جو متن پڻ ڏنو ويو آهي . جيڪو 28 جولاءِ 1955ع تي محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش ،۽ محمد محمود عوامي ليگي جي صحين سان جاري ڪيو ويوهو. جنهن ۾ انوقت جي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي جي ڪرتوتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي. Democracy or Dictator Ship in Pakistan II چووينهن ، صفحن تي مشتمل هيءَ پمفليٽ ڪامريڊ 22 آگسٽ 1955ع لکي ڇپرايو. ان ۾ ون يونٽ بل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. گورنر جنرل غلام محمد طرفان 24 آڪٽوبر 1954ع تي آئين ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري قدم جو تجزيو پڻ ڪيو ويو آهي، پمفليٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ هر لحظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگھڻ جي لائق آهي.