حيدرآباد (پ-ر) محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواب اڪبر بگٽي جي قاتل ، آئين ٽوڙيندڙ آمر جنرل پرويز مشرف کي جهڙي طرح پ-پ جي وفاقي حڪومت گارڊ آف آرنر ڏئي ملڪ مان باعزت طريقي سان روانو ڪيو هاڻي پ-پ سنڌ حڪومت پرويز مشرف کي هلندڙ هفتي ئي ملڪ کان باعزت طريقي سان باهر موڪليندي جنهن جي ڊيل آصف – نواز ملاقات ۾ طئه ڪئي وئي. سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير تي قاتلاڻو حملو سنڌ حڪومت جي نااهليءَ جو واضح ثبوت آهي . جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اهڙو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين اشرف نوناري، مسو ڀرڳڙي ۽ هٽڙيءَ ۾ ڪارڪنن جي گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته ڪراچي ۾ گذريل پنج مهينن کان رينجرز ۽ پوليس جو آپريشن هلي رهيو آهي جنهن باوجود به هر روز ٻه درجن کان وڌيڪ انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجي رهيون آهن. هن چيو ته حامد مير کي سنڌين ۽ بلوچ قومپرستن جو آواز اٿارڻ ۽ گمشده قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ حقيقتون بيان ڪرڻ تي حملو ڪرايو ويو جنهن ۾ طاقتور قوتون ملوث آهن. هن چيو ته اندرونِ سنڌ جي مختلف شهرن مان 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي مذهبي بنيادن تي هندن جي مندرن ۽ قبرن کي ٽوڙيون پيو وڃي انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن . مگر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي . اهڙي صورت ۾ سنڌي قوم کي قومپرستن جو ساٿ ڏيڻو پوندو، ڇو جو ايندڙ دور قومپرستن جو آهي هن سنڌ جي قومپرستن کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ جي قومي ايجنڊا طور خسيس اختلاف وساري متحد ٿين ٻي صورت ۾ سنڌ دشمن حڪمران ۽ جاگيردار سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا. عوامي گڏجاڻين کي شبير انقلابي ، نجيب احمد ٿيٻو، ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو، اختر سنڌي ، روي تمبولي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پريس ترجمان 21 مارچ 2014