سائين ۽ سائِڻ، هيڏي هوڏي نِهاريُم،،،،الوءِ، ڪو سنڌي نظر ڪونَه آيو؟ پٺاڻ ڏِٺم، پنجابي ڏِٺم،، پناهگير ڏِٺم، برما ۽ بهارجا وحشي ڏِٺم، طالبان ڏِٺم، فوجي ۽ رينجرز ڏِٺم، قبروُن ڏِٺم، لاشون ڏِٺم، نياڻِن جون عزتُون لُٽنديون ڏِٺم، ڪوُڙ ڏِٺم، ڌوڪو ۽ ڌوڪيبازي ڏِٺم، لُچائي ۽ لالچ ڏِٺم، غداري ۽ بُڇڙائي ڏِٺم، ڇُڙواڳ ڪُتا ۽ گڏَهَ ڏِٺم! ابوءِ! سڀ ڪُجه ڏِٺم، پَرَ،،،،، سنڌي ٻچڙو ۽ نياڻي ڪونَه ڏِٺم! هاڻي، ڇا رهي ڪنجي، ادڙا ۽ سرتيوُن، هِن ساڻيهَ ۽ ڀنڀورَ ۾؟ جئي سنڌ! سوڳوار عبدالرحيم گجراڻي
اسان تي لٺيون، گوليون، ڦٽڪا، لانچر ۽ اسين ئي شھادتون توهان اسان کي حوصلو ڏيو، اسين اوهانجي اخلاقي حمايت جا منتظر آهيون. مادرِ علمي سنڌ ۾ جيڪا رياست رٿا رِٿي آهي ان لاءِ قلم ڌڻين سميت سمورن ساڃاھ وندن کي هاڻي ڪجھ سوچڻو پوندو. ڪالھ سنڌ ورسٽي ۾ شاگردن جي پُرامن ريلي تي رينجرز ۽ پوليس جي وحشياڻي ڪاروائي تي سنڌ جي قلم ڌڻين کي خاموش ڏِسي مونکي پنهنجي بدنصيبي تي يقين اچي ويو. استاد ته ابو هوندو آ پر پنهنجي اداري جي استادن کي ڏسي گوانٽانامو بي ياد اچي ويو سنڌ ورسٽي جي ملازمن جو رويوبلڪل ڪوفي جي مُلن وارو ئي آهي. ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن باھ توهان سڀني تائين پھچندي تنهنڪري سڀاڻي پڇتائڻ کان بهتر ٿوَ ته اڄ اسانجو ساٿ ڏيو. مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس جي تون سڏ نہ ڏيندي تہ ڇا ٿيندو ماءُ تہ ٻنهي جي هڪڙي آ جي تون ڀاءُ نہ ٿيندي تہ ڇا ٿيندو..........
اڃان آجپي جي وئي ويل ناهه اٿي وک وڌاءِ ، اٿي وک وڌاءِ جيڪو ڪيٽي ڪلاچي پيو مياڻي کسي، جيڪو ڪينال کوٽي پيو پاڻي کسي جيڪو مذهب مٽائي پيو نياڻي کسي جيڪو خودڪش بڻجي پيو راڻي کسي انهيء ساڻ ڪيسين ۽ ڪهڙو آ ٺاههُ اٿي وک وڌاءِ ، اٿي وک وڌاءِ
قديم ڪتابن ۾ عورت جي عظيم ڪردارن جو ذڪر ملي ٿو. سنڌي سماج ۾ عورت ، ديوي ، حسن و جمال کانسواءِ عقل ، دانش ، فهم ۽ ادراڪ جو پڻ اهڄاڻ رهي آهي. سنڌي سماج ۾ عورت جي تعليم ۽ تربيت جو ڪيڏو نه وڏو خيال رکيو ويندو هو. هند جي نامور تاريخدان گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ” سنڌو سووير “ ۾ لکيو آهي ته سنڌ جي پهرين عورت حڪمران مهاراڻي ودلا هئي. جنهن جو پٽ سنجيو سندس فوج جو سپه سالار هو ، شڪست کانپوءِ جڏهن هو واپس وريو ته مهاراڻي ودلا قلعي جي ٻاهران پنهنجي ڪانئر پٽ کي جيڪي لفظ چيا سي تاريخ جو ناياب باب آهن هي راڻي جو مختصر خطاب هر سنڌي عورت ۽ مرد کي ضرور ٻڌڻ گھرجي ۽ ان مان سبق پرائڻ گھرجي.
جنهن معاشري م هر طرف ڪوڙ،ٺڳي،دوکو دولاب عام هجي.شارٽ ڪٽ ذريعي پٽيوالي مان سيڪريٽري ٿيڻ جا جڳاڙي مثال موجود هجن ان معاشري ۾ هڪڙو اسٽيو به زنده رهي ٿو. جيڪو انگلينڊ جهڙو ٿڌو ملڪ ڇڏي ڪيترن ئي سالن کان اتر سنڌ جي سخت گرمي پيو سهي.هن ماستري مهڻو نه سمجهي ء گهٽ پگهار تي به استاد ٿيو.هاڻي ترقي ڪري پرنسپال ٿيو آهي.انگريزاڻي مزاج آهر هن سنڌي ٻولي سکي ء پنهنجي مددگار آفيس بواء چانڊيئي کي فل انگريزي سيکاريائين..........هو وزيرن سيڪريٽرين جي خوشامد به نٿو ڪري نه ئي ڪلاس نه وٺندڙ ماسترن وانگر سياست جو شوق اٿس...کيس جنون آهي ته صرف هڪ..سنڌ ۾ سندس اسڪول جا پڙهيل ٻار ٽاپ ڪن....ٿينڪ يو اسٽيو..سنڌ تنهنجي شڪرگذار آهي.
سنڌ جو هڪ ٻيو شهر جاتي مذهبي انتهاپسندي جو شڪار، شهر ۾ عورت جي مبينا اغوا جي افواه تي هندو ۽ مسلم مذهبي تنظيمن ۾ جهڙو،شرپسندن پوليس موبائيل سميت هڪ دوڪان کي باه ڏئي ڇڏي ۔ هڪ پوليس اهلڪار زخمي، اقليتي برادري جي گهرن تي فائرنگ ،انتظاميه بيبس
جيجل سنڌُڙيئَ کي اسان ٻچڙَن جو قرب ۽ حب ڀريو نماڻو سلامُ! سلامت هجو شال سدائين! امڙ، پنهنجي ٻاجه سان نوازيو اسانکي!؛ اوهان جي نقدس پيرَن تي منهنجيون نماڻيون اکڙيوُن، امڙ! آيل، مان اوهانجو پتڪڙو ٻچڙو
۽ هيئُ بِه سچُ آهي،،،،،،؛ مانوارا مٺڙا سُنهڻا سائيِن، مانواري نياڻي سنھڻين مٺڙي؍ خوش ھجو شال سسداٸين؍ لکين قرب ۽ مهربانيون؍ اوهان جا لک لائق ۽ احسان؛ سڀني سڄڻَن سان هيئَ پوسٽ، نوٽ، ليک شيئر ٿا ڪريوُن،،،، ڇو جو اڄ اسانجي جيجل سنڌ ڏُکن، سوُرن ۽ ڳڻتِن ۾ آهي! سنڌي سٻاجهڙَا اونداهيئَ ۾ ڀٽڪي رهيا آهِن! سنڌجي جياپي ۽ حياتي جو سوال آهي! سنڌين جي فِيوُچر، ڪامليتَ، قابليت ۽ ديانتداري جي مصلحت جي ڳاله آهي!،،،،؛
سائين ۽ سائڻ، هيئُ گجندڙ ۽ ٻهڪندڙ، اثرائِتو ۽ ڪارگر، روشني ڏيکاريندڙ ۽ هدايت ڏيندڙ بپيغام آهي سنڌ، هند ۽ سڄي دُنيا ۾ رهندڙ سنڌُڙيئَ جي سنهڻَن ٻچن ۽ مٺڙِن نياڻِن لاءِ،،،،پنهنجي جيجل، امڙ، ماتا، آيل سنڌ سان پيار، محبت، هب، وفاداريِ، ديانتداريِ، رواداريِ، عزت رت جي رشتي کي مضبوُط ۽ پڪو ڪرِڻ جو!؛
ها سائين !!!! برابر وقت اڃا ويو ناهي، هاڻي به وقت آهي. وقت ته ڪالهه به هو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به هوندو. پر وقت ڪا حقيقت آهي ؟؟؟ تانگهي تائي ۾ ٻڌ پنهنجو ترهو اونهي ۾ آڻي ڏيندو ڪو نه ڪي ٻيو. جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي اڪيلي سر ڪيو، ٻئي جي آسري تي نه لڳو. ته سائين قائم علي شاهه يا اياز لطيف پليجو ، ڊاڪٽر قادر مڱسي يا آصف زرداري ساٿ ڏيندو!! ڪڏهن به نه هي سڀ وڪائو مال آهن، مهاجر، پنجابي، پٺاڻ، بلوچ ۽ ڪشميري ڏاڍا مهانگا ٿا وڪامجن، سنڌي ڀڳڙن جي مٺ تي به راضي آهن ڪو رڳو هنن کي آڇ ڪري. پوءِ ڪيڏانهن وئي ڌرتي ؟ ۽ ڌرتي وارا .
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!! سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....! الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!! جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ....... منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف ســــنــڌ آهي(سائين جي ايم سيد)