اي پي پي وار سنڌ جي ويساه کي نه ورهايو!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اها ڪهڙي مجبوري آ جو پي پي سنڌ گورنمنٽ ۾ سنڌين جي قاتلن ...سنڌ جي منڪرن ...سنڌ جي وجود کي ٽوڙيندڙن دهشت گردن پئي شامل ڪري هن سان سنڌين جو پي پي تان ويساه وڃائجي ويندو ورهائجي ويندو ....سنڌي قوم گهر ڪري ٿي ته هي اتحاد ڪنهن به ريت سنڌ جي مفاد ۾ نه آهي ۽ پي پي وٽ گهربل گهڻائي پڻ موجود آهي سنڌ جو حق حڪمراني سنڌين جو حق آهي ...پوءِهي پي پي جي قيادت ڪنهن وٽ قيدي بڻيل آهي ...هن سان پي پي کي مستقبل ۾ نقصان ٿيندو ...اهو به واضع رهي ته سنڌين ماڻهن جا قاتل ايم قيو ايم سنڌ پوليس جي قاتل ايم قيو ايم ..ڀٽو فيملي جي قاتل ايم قيو ايم ..جن واضع چئي سنڌين کي للڪاريو ته اسان بي نظير کي قتل ڪيو آ بلڪ پورو ڀٽو فيملي اسان مارائي آ ڇو ته هنن کي شق هو ته شاهنواز ڀٽو لياقت علي کي مارائڻ ۾ ملوث هوسو هنن شق جي بنياد تي پوري ڀٽو فيملي کي قتل ڪرائي ڇڏيو ....هنن سنڌين سان دشمني جي انتها ڪرڻ وارن قاتلن کي سنڌ گورنمنٽ ۾ شامل ڪرڻ هنن شهدن سان دوکو آهي شهيد راڻي سان ۽ سنڌي قوم سان دوکو آهي ...هي دوکو ڪرڻ بند ڪريو ...سنڌي عوام ۽ پوري قوم هن اتحاد کي رد ڪري ٿي بلڪ ڪنهن به سنڌي پارٽي کي هنن ٻنهي ڌڙڻ ايم قيو ايم سان اتحاد کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي.....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    آزمايل کي وري ٻيهر، وري ٻيهر ۽ وري ٻيهر آزمائڻ مٿي ۽ منهن ۾ ڌوڙ پائي لعنتير چوائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ، صرف ۽ صرف سنڌ دشمني آهي!!!
     
  3. مير ماجد نوناري

    مير ماجد نوناري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪيلفورنيا.
    هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو