يار سهڻي دلربا دلدار تان صدقي وڃان، منهن مٺي محبوب منٺار تان صدقي وڃان. زلف زنگي وار ونگي مست اکڙيون يار جون، منهن مصحف محبوب جي رخسار تان صدقي وڃان. تيغ ابرو، خوني خنجر ڇا چئي مان ڇا چوان، چشم آهو ۽ ڀرونء خمدار تان صدقي وڃان. هڪ اشاري سان هزارين مست ٿيا محبوب جي، ناز تان انداز تان، سينگار تان صدقي وڃان. لعل لب جي چاشني آ ڄڻڪ ٿي ٿي آب حيات، قول تان فعل تان،اقرار تان صدقي وڃان. مرڪ سان محبوب جي تائب ٿيا شمس و قمر، تن اکين جي نور ۽ انوار تان صدقي وڃان. مهنديءَ رتل تنهنجا هٿڙا، مست عابد ڇا چئي، مه لقا محبوب مٺڙي يار تان صدقي وڃان. شاعر : مرحوم عبدالحق عابد سروري جوکيو..مالماڙي ڪوهستان