22 اپريل تي سڄي دُنيا ارٿ ڊي ملهائي 1970ع کان پيل انهيءَ روايت جو تسلسل پئي قائم رکيو آهي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن گڏيل قومن کان ايوارڊِ آفته امن لاءِ جاکوڙيندڙ مسٽر جان مڪلن صلاح ڏِني ته ڌرتي سان مُحبت ۽ انهيءَ جي قدر ڪرڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ هڪ ڏينهن ڌرتي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي. اُهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن ارٿ ڊي ملهايو پيو وڃي. هونئن ته ارٿ ڊي لاءِ 21 مارچ جو ڏينهن تجويز ڪيو ويو هو جيڪو اُترين علائقن جو بهار جو پهريون ڏينهن هوندو آهي پر جيئن ته گڏيل قومن پاران اهو ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ ڌرتي جي سُٺي موسم واري ڏينهن کان وڌيڪ ڌرتي کي ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکي ملهائڻ جي سوچ هئي تنهنڪري اهو ڏينهن ڦيرائي 22 اپريل تي رکيو ويو ۽ اهو ڏينهن رهيو ته ارٿ ڊي ئي پر ماحولياتي اثرات جي نسبت سان ملهايو وڃڻ لڳو. 1970 کان ئي وٺي انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکيو ويو ته ڌرتي کي وڌ کان وڌ خطرو ڪهڙو آهي؟ جيئن ته اهو انهيءَ وقت ئي معلوم ٿي ويو هو ته آهستي آهستي ڌرتي جي خُشڪي توڙي سامونڊ حِصي جي سطح جو گرمي پد وڌي پيو. انهيءَ وقت ئي اها ڳالهه مُشاهدي ۾ اچي چُڪي هئي ۽ ماهرن ايندڙ وقت لاءِ پيشن گوئي تي مبني انگ اکر به پيش ڪيا ته ايندڙ سالن ۾ گرمي پد اڃان وڌندو. پر هن وقت سڄي دُنيا جي ماحولياتي ماهرن کي سر جي تڏهن اچي لڳي آهي جڏهن اهو ڏٺو اٿن ته 1970ع کان وٺي 2000ع تائين ڌرتي جي گرمي پد ۾ آيل واڌ ايتري نه هئي جيتري 2000ع کان 2010ع تائين ٿي آهي. جنهن جو صاف مطلب آهي ته گرمي پد وڌڻ جو سبب بڻجندڙ مُحرڪ نه رُڳو وڌن پيا پر انهن ۾ تيزي به خطرناڪ حد تائين آئي آهي. گرمي پد وڌڻ جا ڪافي سبب آهن پر سڀ کان وڏو يا وري چوجي ته سڀني جي جَڙ آهي ”گرين هائوس گئسز“ جو وڌڻ. اهو نالو هاڻي ايترو عام ٿي چُڪو آهي جو ڪنهن لاءِ به نئون ڪونهي. پر هتي انهيءَ جي سؤلي سنڌي ۾ وضاحت ڪجي ته بهتر. گرين هائوس گئسز جو نالو گرين هائوسز مان ئي کنيو ويو آهي جيڪي ٻوٽن جي نشونما لاءِ لانڍي نما شيشي يا پلاسٽڪ جا گهر ٺاهيا وڃن ٿا. جنهن ۾ ڪنٽرولڊ گرمي پد تي ٻوٽا (خاص ڪري ڀاڄيون) پوکيا وڃن ٿا. انهن ۾ سڄو ڏينهن سج جي جيڪا روشني اندر اچي ٻوٽن تي پئي ٿي اهااٻاهر نه ٿي وڃي سگهي تنهن ڪري اهي رات جو به گرم رهن ٿا. پر انهن جي گرم ٿيڻ ۽ گرين هائوس گئسز جي ڪري ڌرتي جي گرم ٿيڻ جو عمل بلڪل مُختلف آهي. گرين هائوس گئسز اصل ۾ مختلف گئسز جو مجموعو آهي جنهن ۾ پاڻي جا بُخار، ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ، ميٿين (ٻارڻ واري گئس)، نائٽرس آڪسائڊ ۽ اوزون آهن. سج کان ايندڙ گرم شُعاع اڌ ته ڌرتي پاڻ جذب ڪري ٿي باقي اڌ واپس اُڇلائي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن مٿي وڃبو آهي ته گرمي گهٽ ٿئي ٿي ڇو ته شُعاع جذب ٿي واپس موٽڻ کان پوءِ هنن گئسز جي ڪري ئي گرمي جو سبب ٿين ٿا ۽ مٿي اهي گئسز گهٽ آهن. انهي جو مُشاهدو جهاز ۾ ٿئي ٿو جڏهن جهاز ڪيترو مٿي وڃي ٿو ته ٻاهر جو گرمي پد ڪِرندو رهي ٿو. ڌرتي پاران واپس اُڇليل اهي شُعاع گرين هائوس گئس جذب ڪن ٿيون ۽ انهن کي وڌيڪ گرمائش ۾ تبديل ڪري ڦهلائن ٿيون. جن سان ڌرتي جي گرمي پَد ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ جو اضافو ٿئي ٿو. مطلب ته اهي گئسز نه هُجن ها ته ڌرتي جو گرمي پد گهڻو تڻو ڄمڻ پَد تي ئي رهي ها. پر جيستائين اهي گئسز گهُربل مقدار ۾ هُيون ته توازن هِو. بلڪه انهي توازن ئي انسان جي هن ڌرتي تي رهڻ ممڪن بڻايو آهي. جيئن انسان لاءِ شُگر ضروري آهي پر هڪ حد تائين جنهن کان گهٽ يا وڌيڪ ٿيڻ ماڻهو کي مريض بڻايو ڇڏي. ايئن ئي هنن گئسز جو هُجڻ به ضروري آهي پر هڪ حد کان وڌڻ به خطرناڪ آهي. پر جي. وقت گُذريو ۽ کان ترقي ٿي ته انسان آساني لاءِ وقت کي مات ڏيندڙ شين جي ايجاد ڪئي ۽ مختلف شيون اهڙيون استعمال ۾ آنديون يا ٺاهي وِڌيون جيڪي انهن گئسز جي واڌاري جو سبب بڻجي پيون. جنهن جو وڏو مثال آهي گئس جو استعمال ۽ پئٽرول تي گاڏيون هلائڻ. جيئن جيئن انهن گئسز جو اضافو ٿيو ته گرمي پَد وڌڻ لڳو ڇو ته گئسز جي وڌڻ سان انهن ضرورت کان وڌيڪ شُعاع جذب ڪري انهن کي گرمائش ۾ ٿي بدلايو. اهو ئي سبب آهي جو ماحولياتي تبديلي ۽ موسمن ۾ غير يقيني تبديلي هاڻي سان ئي ڏِسڻ ۾ اچي ٿي. هن وقت جڏهن ماحولياتي سائنسدان اهو پيا چون ته اسان کي ٽارگيٽ سيٽ ڪرڻا پوندا. فل حال رُڳو خطري جي گهنٽي وڄي آهي ۽ ڳالهه هٿن مان ناهي وئي. جيڪڏهن اسان عالمي طور تي ڪوشش وٺون ۽ گرين هائوس گئسز جي تڪڙي واڌاري کي روڪيون ته شايد 2050ع تائين جي پيشن گوئي ٿيل خطري کي منهن ڏيئي سگهون ٿا. پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته 2050ع تائين صورتِحال ڳنڀير ٿي ويندي. ۽ انهيءَ جو خطرناڪ پهلو اهو هوندو ته ڏکڻ وارا علائقا (خاص طور تي سامونڊي پٽيون) سخت گرم ٿينديون. نه رُڳو انهيءَ جي ويجهي رهواسين جو پر سامونڊي جيوت جو به جيئڻ ڏکيو ٿيندو ۽ وڏي شرح سان موت جو انگ وڌندو. اهي سامونڊي پٽيون جيڪي ڪيئي صدين کان ماڻهن جي ڪشش جو سبب رهيون آهن ۽ هن مهل تائين اوڀر کان وٺي اولهه تائين جي مُلڪن ۾ ڏسبو ته ماڻهن مختلف سبب ڪري جيڪا لڏ پلاڻ ڪئي آهي سا اُتر کان ڏکڻ ڪئي آهي. هِن مُلڪ ۾ ڏسو ته اسان کي پٺاڻ بلوچ حيدرآباد بدين توڙي ٺٽي ۾ کوڙ ملندا پر اوهان سندن علائقن ۾ وڃو ته مستقل رهائشي ته ٺهيو پر ڪو مجبوري ۾ ڪم ڪار يا نوڪري سانگي ملندو ته به بيزار بيزار هوندو. ايئن ئي وري اوڀر ۾ ڏسو ته چائنا کان ملائيشيا ڏي لڏ پلاڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ جي تاريخ ڀَري پئي آهي. هن وقت ملائيشيا توڙي آسپاس ايترا چائنيز آهن جو يقين نه ٿو اچي ته هي مُلڪ ڪنهن ٻي قوم جو آهي چائنا وارن جو آهي. ايئن وري اولهه ۾ آمريڪا (ميڪسيڪو) تائين لڏ پلاڻ جو اهو رُجحان رهيو آهي. ڇو ته اُتر جي سخت پٿريلي زمين تي گُذارو ڪرڻ نسبتن ڪافي ڏُکيو آهي جڏهن ته سامونڊي پٽي جي سِڌي زمين تي جتي موسم به ڪافي سُٺي هُجي ٿي ۽ سمنڊ ته هونئن به واپار لاءِ بهترين رستو رهيا آهن تنهنڪري انهيءَ جي ويجهي وارن علائقن ۾ روزگار جا موقعا به سوايا هوندا آهن. ايستائين جو رڳو پرڳڻي جي اُتر وارا ماڻهو به موسم جي ڪشش ۾ ڏکڻ پاسي گهڻو ايندا رهيا آهن ۽ ”سُهڻا تون نه وڃ لاڙ پکو مان جهليندي مانءِ“ جهڙا گيت سرجيا ويا. پَر خدا نه ڪري جيڪا پيشن گوئي ٿئي پئي ايئن ٿيو ته وڏي پئماني تي گنگا اُبتي وهندي يعني ماڻهو ڏکڻ کان اُتر طرف لڏ پلاڻ ڪندا. ڇو ته نارمل موسم ۾ رهڻ جا عادي اچانڪ وڌي ويل گرمي جي سَٽ نه سهي سگهندا. ۽ موسم جي انهي تڪڙي تبديلي ڪري وڌ کان وڌ قلت ڪڻۡ جي ٿيندي جيڪا هنن علائقن ۾ هلڪي (ڏور اُتر جي ڀيٽ ۾) ٿَڌ ۾ ٿئي ٿي. پر جڏهن سيارو صفا ايندو ئي نه ته ڪڻڪ نه ٿيندي. اهڙي ۾ ماڻهن ۾ خوراڪ تي ويڙهه جا به امڪان آهن. لڏپلاڻ سان ڀلي کڻي گرمي کان بچاءُ ٿِئي پر اُتر طرف وڃڻ سان جيئڻ لاءِ جيڪي ٻيا جَتن آهن انهن ۾ اهنج ايندا ۽ ڏُکيايون وڌنديون. سواءِ موسم جي ٻيو ڪو ساٿ نه هوندو. آباد ٿيڻ ۽ لوازمات جي پورائي ڏُکي ٿيندي. هڪ ئي وقت تي ايڏي وڏي پئماني تي ٿيل لڏ پلاڻ ويڙهه جو سبب به ٿي سگهي ٿي. انهيءَ وقت جي موزون مُلڪن لاءِ سرحدن تي ڪنٽرول به هڪ چئلنج ٿي سگهي ٿو. ذاتي طور ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ توڙي جو اڄڪلهه جي مادي دؤر ۾ هر ڪو چئي ٿو جڏهن ٿيو تڏهن ڏسبو يا اسان نه هونداسين. پر هن وقت ذميداري جو مظاهرو ڪندي گهٽ توانائي وارين شين تي زور ڏيڻ (مثال طور بلب بجاءِ انرجي سيور جو استعمال)، ڪچرو (waste) ٿيڻ کان پوءِ انهن جي ختم ڪرڻ کان بهتر آهي انهي جي ٿيڻ کي ئي روڪڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ (مثال طور پلاسٽڪ ٿيلهين بجاءِ ڪاغذ جي بئگ جو استعمال) ۽ اضافي گئسز جي جذب لاءِ وڻ پوکڻ جي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائڻ ۽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين جي هر مُمڪن نندا ڪرڻ اهڙا ڪم آهن جيڪي ذاتي طور تي ڪجن تي ڏينهن رات هڪ ڪري اهو مسئلو سُلجهائڻ ۾ رُڌل سائنسدانن جي ڪم کي جيڪر هٿي ملي پئي.
تمام سٺو ... ڌرتي اسان جي ماء آهي ۽ اسان جي هر ضرورت جو پورائو ڪري ٿي. تنهنڪري ساڳي ڌرتيء جي حفاظت ۽ ماحليوت کان بچائڻ به اسان جي فرضن ۾ شامل آهي.