• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هائو اسين ويري آهيون....

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
هائو اسين ويري آهيون...


اسين سنڌي قوم، ڪڏهن به ڪنهن ٻوليءَ يا زبان ڳالهائيندڙن کان نفرت يا ڪاوڙ نه ٿا ڪريون، پر انهن مان انهنجي لساني درندن وحشين، ۽ دهشتگردن جي ازلي ڪردار کان حقارت ۽ عداوت ٿا ڪريون، جيڪي سنڌ ڌرتي جي معصوم سپوتن کي بي گناه سلاسل اسير بڻائي بي درديءَ سان قتل ڪن ٿا، سنڌ جيجل جو سڪون ۽ امن تباه ۽ برباد ڪن ٿا. ڌرتي ڌڻين کي خانه بدوش ۽ بي گهر ڪن ٿا، سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري ۽ ان جي ٻچن کي حقن کان محروم رکي انهن کي پاڻ اجھائڻ تي مجبور ڪن ٿا. اسين اهڙن لساني شرپسندن جا ويري آهيون جيڪي اسان کان جياپي جون ضرورتون کسي اسانجي هٿن ۾ پنهنجن جي موت جو سامان ڏئي لالچ جا چند سڪا ڏيکاري ڳوٺن جا ڳوٺ ڀسم ڪرائين ٿا..... !!!....

نوٽ؛ مهنجي سوچ سان ڪنهنجو سهمت هجڻ ضروري نه آهي.
 
Back
Top