جاويد احمد سومرو
سينيئر رڪن
آءٌ پنهنجي ذميواري سان لاڙڪاڻو شهر جي هڪ سرڪاري اسپتال جو جائزو ورتو جنهن ۾ مريض ڪافي ڏينهن کان داخل آهن پر انهن جو ترت علاج ڪو نه پيو ٿئي، آپريشن جا مريض ته پندرنهن سورنهن ڏينهن کان به ترسيل آهن ڪارڻ اهو ته سفارشي ماڻهو پنهنجي ڏيٺ وائٺ تي جلد معالجو ڪرايون پيا وڃن، سفارشي مريضن سان منهنجي ڪا به عداوت نه آهي، دانهن اها آهي ته طريقو ۽ اصول صحيح نه آهي. بي پهچ مريض الله پاڪ جي آسري پنهنجي زندگي گھارڻ جا ڏينهن پيا ڳڻين، اسپتال جي اندر گندگي، بدبوءِ ايتري ته وڌي وڃڻ ڪري ويتر رهيل مريض وچڙندڙ بيمارين ۾ مبتلا ٿيو پيا وڃن، بسترن جون شيٽون (تهه) هڪ هفتو گذرڻ باوجود به بدلايون نه ٿيون وڃن. مريض ته رهيو وڃي بي حال پر ان سان گڏ آيل صحتمند سنڀاليندڙ به مريض ٿيو پيا وڃن هاڻ سوچيو صحت ڪيئن سڌرندي؟؟ وري حادثات شعبي يعني لال بتي ۾ ويس ته اتي وري فرسٽ ايڊ واريون دوائون اڻلڀ! هڪ موجود اسپتال جي ملازم کان پڇيم، ادا ڇا مسئلو آهي؟ ايترو نظرانداز پيا ڪريو؟ جواب مليو جيڪو دوست دوائون ڏيندو آهي اڄ ان دير ڪئي آهي دوائون ان جي ڪمري ۾ رکيل آهن. ايتري ۾ هڪ ننڍڙي قد سان موبائيل فون تي ڳالهائيندڙ ڀاءُ داخل ٿيو جنهن تي ڪلام ڪندڙ چيو اهو انچارج صاحب آهي وري آءٌ به ان جي پٺيان وڃي رسيومانس، صاحب جي موٽ اهڙي هئي ڄڻ ايم ايس لاڙڪاڻو به انجو ملازم هجي. بعد ۾ هڪ آئينو ڏيکارڻو پيو ته هي ايمرجنسي شعبو آهي جيڪڏهن هنن مريضن مان ڪنهن هڪ کي به ڪجهه ٿيو ته انجو ذميوار اوهان پاڻ هوندا. تنهن بعد ادويات سڀني مريضن تائين پهچايون ويون. دوائون ڏٺم ته غير معياري هيون جيڪي مارڪيٽ جي ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تي دستياب نه هيون.
ساڳيا مريض جيڪڏهن لاڳاپيل ڪجھ ڊاڪٽرس صاحبان جي پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽرز تي ايڊمٽ ٿين ٿا ته پوءِ جلد آپريٽ ڪيا وڃن ٿا ۽ صحتياب ٿي واپس ماڳ به پهچن ٿا. معلوم ٿيو ته سرڪاري اسپتالن اندر عدم توجھي ڄاڻي واڻي ڪجھ ڊاڪٽرس صاحبان ۽ انچارج صاحبان طرفان ڪئي پئي وڃي.
اسان جي لاڳاپيل سرڪاري اسپتالن جي اهڙن ڪجھ غير فرض شناس عملدارن کي گذارش آهي ته پنهنجي فرض جي سچائيءَ سان ادئگي ڪن ۽ انساني جانين تي رحم کائي انهن مريضن کي ترت علاج ڏئي صحتيابيءَ جي لائق بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ته اسين ٿورائتا رهنداسين.
هڪ ڀا مونکي مشورو ڏنو ته، ادا هت اڃان ڪجهه نه ڪجهه ملي ته سهي ٿو باقي ٻئي هنڌ انڌير آهي.