• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اينڊرائيڊ ريمورٽ ڊيسڪ ٽاپ Android Remote Desktop

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن
اينڊرائيڊ جي زريعي پوري دنيا ۾ موجود ڪمپيوٽرن کي قابو ڪرڻ جي سھولت متعارف؛
15f53sz.jpg

ھاڻي گوگل ڪروم ريمورٽ ڊيسڪ ٽاپ اينڊرائيڊ ۾ به دستياب آھي، جيڪو توھان جي ڪمپيوٽر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سھولت فراھم ڪندو۔
2ufug0g.png

گوگل ڪروم ريمورٽ ڊيسڪ ٽاپ سروس ھاڻي اينڊرائيڊ ڊيوائس ۾ دستياب آھي۔ اھا ايپ گوگل پلي اسٽور تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي۔
گوگل ريمورٽ ڊيسڪ ٽاپ جي بدولت توھان ڪنهن به ڪمپيوٽر کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ کان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو۔ ۽ ان کي استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ ان کان علاوه پنهنجي دوستن ، مائٽن جي مدد به ڪري سگهو ٿا۔ يعني اگر ڪنهن دوست يا مٽ مائٽ جو ڪمپيوٽر خراب ٿي وڃي ته اوھان آسانيءَ سان ان جي ڪمپيوٽر ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي سان داخل ٿي نقص ٺيڪ ڪري سگهو ٿا۔
2ps1utg.png

ڪروم ريمورٽ ڊيسڪ ٽاپ جي اينڊرائيڊ ڊيوائس ۾ سيٽنگ جو عمل نھايت آسان آھي۔ توھان کي صرف ڪروم ويب اسٽور ۾ موجود ايپ جي مدد سان ونڊوز ۽ ميڪ ڪمپيوٽر تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ريمورٽ کي اينيبل ڪرڻو پوندو۔ ۽ توھان ٻنھي ڊيوائسز جي وچ ۾ رابطو قائم ڪري سگهو ٿا۔ گوگل ان ايپ کي آءِ ۔ او ۔ ايس جي لاءِ به جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جيڪو ھن سال جي آخر تائين ممڪن آھي۔
211nskx.jpg

20rnxoi.jpg

2vwwta8.png

2nhl0jn.png


ھتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو
 
واه تمام بهترين
يعني هاڻي موبائيل ذريعي پي سي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
پر منهنجو موبائيل جو ورزن 2.3 آ پر ادا عبيد تنهنجو ته 4.2 سپورٽيڊ آ پو تون ڇو ڪونه ٿو انسٽال ڪرين....؟
 
واه تمام بهترين
يعني هاڻي موبائيل ذريعي پي سي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
پر منهنجو موبائيل جو ورزن 2.3 آ پر ادا عبيد تنهنجو ته 4.2 سپورٽيڊ آ پو تون ڇو ڪونه ٿو انسٽال ڪرين....؟

ايندو هُجي ته ڪيان !! :D:D:D:D:D:D:D
مذاق پيو ڪريان ! وقت ناهي ملندو تجربا ڪرڻ لا .
 
Back
Top