• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽو خاندان ۽ منهنجا ويچار …

نثارابڙو

نائب منتظم
ڀٽو خاندان ۽ منهنجا ويچار …

بيشڪ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي پر اثر شخصيت، ڏاهپ ۽ سياسي بصيرت جا قصا سنڌ ۾ صدين تائين ڳايا ويندا ... هي اهڙو ته سحر انگيز سياستدان هو جنهن عام ماڻهونءَ جي ٻولي ڳالهائي، عام ماڻهن جي خاص ۽ بنيادي ضرورتن جو نعرو (روٽي ڪپڙا اور مڪان) هڻي، سياست کي گهٽين، رستن ۽ تعليمي ادارن تائين کڻي آيو ۔۔۔ تقرير ڪرڻ جو فن ۽ وقتائتا بحث ڪري پنهنجي ڳالهه مڃائن جو ماهر سياستدان هو ...

افسوس جو شهيدَ جنهن ملڪ خاطر قربانيون ڏنيون، محنت ڪئي ۽ پاڪستان ايسٽبلشمنٽ لئه ڪيل ڪارنامن جي فهرست به ڊگهي آهي پر پوءِ به کيس شهيد ڪيو ويو ۽ ماٽيجي پٽ وارو سلوڪ ڪيو ويو، جنهن ملڪ جي غريب عوام جي زندگيءَ کي بدلائڻ جي ڳالهه ڪئي هيائين ... انهيءَ ملڪ ۾ اڃان تائين نه سامراجي قوتون ختم ٿيون آهن، نه ڦرلٽ ختم ٿي آهي، بلڪه شيطاني قوتون اڳ کان اڳريون آهن ... ۽ نه وري شهيد کي ئي ڪا مڃتا آهي ۔۔۔

هت ٻاهر جيڪي پنجابي ۽ پٺاڻ رهنٿا انهن سان اسين جڏهن ڀٽي صاحب جو ذڪر سٺن لفظن ۾ ڪندا آهيون ته منهن تي ٻارنهن وڄي ويندا اٿن ۔۔۔ جنهن عمل کي اسين سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو چئون ٿا ته ڀٽي صاحب انڊسٽريز ۽ ٻيا ادارا نيشنلائيز ڪيا ان عمل کي پنجابي سندس بري کان برو عمل قرار ڏينٿا ۔۔۔ باقي جيڪو آئين ٺاهيو ويو هو، انجي حالت ته اسانجي سامهون آهي ۽ هي اهو ئي آئين آهي جنهن جي ڪري سنڌي ۽ بلوچي غلاميءَ جي مضبوط ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهن ...

چوڻ وارا چونٿا ته ڀٽي صاحب جي شهادت جا ڪجهه اهم ڪارڻ هي هئا؛
هڪ ته سندس جو سنڌي هجڻ،
ٻيو ته پهريان آقاء آمريڪا جي حمايت ۽ پوءِ مخالفت ڪري، روس ۽ چين طرف هُٿُ وڌائڻ ۽
ٽيون اسلامڪ بلاڪ جي ٺاهڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۔۔۔

سائين جي ايم سيد جو هڪ هي به قول آهي ته، ”سنڌ هن صديءَ (ويهين صديءَ) ۾ ٻه تمام وڏيون ۽ ڏاهيون شخصيتون پئدا ڪيون پر افسوس جو ٻئي شخصيتون سنڌ جي ڪم نه آيون، هڪ جناح ٻيو ڀٽو صاحب“

هن وقت ڀٽي گهراڻي جا سڀ شهيد ۽ انهن جون قبرون سنڌ جي مفاد پرست ٽولي لئه هيرن جي کاڻ ٿي پيا آهن، قبرپرست سنڌين کي جذباتي ڪري انهن کان ووٽ وٺي، پنهنجا مفاد پورا ڪرڻ ۽ ٻاهرين دنيا ۾ اڳ کان موجود خزانن ۾ اڃان واڌارو ڪرڻ سندن نصب العين آهي ۔۔۔

سنڌين جي مجبوري آهي پي پي پي ۽ ٻين وفاق پرست پارٽين جي لارڊز کي ووٽ ڏيڻ ۽ پاڪستان انتظاميا (ايسٽبلشمنٽ) جي مجبوري آهي سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۔۔۔ انڪري سنڌين جي هڪ خاص مفاد پرست ٽولي کي حڪمرانيءَ جا ڪجهه حق ڏئي، سنڌين جو منهن بند ڪري ڇڏڻ ۔۔۔ جي اسين چئون ته سنڌ سان ظلم آهي ته هو چونٿا ته حڪمران ته اوهانجا پنهنجا ئي آهن ۔۔۔ بس اسانجو وات بند ۔۔۔

رب العالمين کان دعا آهي ته ڀٽي خاندان جي مڙني شهيد ڀاتين جي مغفرت فرمائي کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ڀٽو خاندان ۽ منهنجا ويچار …

ادا توهان سچ ٿا چئو، مگر مرڪز ۾ نالي ماتر ئي سهي پر ڪا به ايڏي وڏي سنڌي پارٽي ڪانهي، سنڌين جي اهيا مجبوري آهي جو اهي اڄ به پي پي پي کي ووٽ ڪن ٿا، مون کي اهيو به اندازو آهي توهان سائين جي ايم سيد صاحب کي پسند ڪريو ٿا ، ۽ توهاب بنيادي طرح جيئي سنڌ پارٽي سان واسطو رکو ٿا، جڏهن ته مان ذاتي طرح ڪنهن به سياسي پارٽي کان مطمعن نه آهيان،، نه پي پي پي ۽ نه وري جيئي سنڌ ۽ ٻين پارٽين کان۔
مان صرف سنڌي ناتي سنڌ، سنڌي ماڻهن، ۽ سنڌي ٻولي سان محبت ڪندو آهيان۔
ادا توهان غير سنڌين جي ڳالهه ڪئي آهي ته اگر انهن جي اڳيان ڀٽو صاحب جو ذڪر ڪجي ٿو ته انهن جي منهن تي ٻارنهن وڄي ٿا وڃن، سو ان لاء عرض ته ادا غير ته غير هوندا آهن پر مان توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته هت ته اسان جا ڪيترائي سنڌي آهن جيڪي ڀٽو صاحب جي نالي ۽ ذڪر تي پنهنجو منهن خراب ڪندا آهن ، ۽ ڀٽو جون گلائون ڪندا آهن۔ ۽ ڀٽو جي مخالفت ڪندا آهن انهن ماڻهن تي مون کي وڏو افسوس ٿيندو آهي۔
جڏهن ته ڪو به پنجابي نواز شريف جي ۽ ڪو به مهاجر الطاف حسين جي گلا ناهي ڪندو، ۽ نه ئي مخالفت ڪندو آهي ۔ اهيا وڏي خوبي (پنهنجن جي مخالفت ۽ گلا) صرف اسان سنڌين ۾ آهي۔ جڏهن ته انهن جي ( نواز شريف ۽ الطاف حسين ) افعالن جي به سڄي دنيا کي خبر آهي۔

توهان سائين جي ايم سيد صاحب جي حوالي سان هي جملا لکيا آهن ( سائين جي ايم سيد جو هڪ هي به قول آهي ته، ”سنڌ هن صديءَ (ويهين صديءَ) ۾ ٻه تمام وڏيون ۽ ڏاهيون شخصيتون پئدا ڪيون پر افسوس جو ٻئي شخصيتون سنڌ جي ڪم نه آيون، هڪ جناح ٻيو ڀٽو صاحب )
سو ادا مان توهان جي ۽ سائين جي ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو۔ اهيا حقيقت آهي ته اهي ٻئي حضرات سنڌ لاء ڪجهه ڪري نه سگهيا، پر مان ائين چوندس ته شايد ڀٽو صاحب کي سنڌ لاء ڪرڻ لاء وقت ئي نه ڏنو ويو۔توهان پاڻ ڏٺو آهي ته سنڌين سان ته هر موڙ تي وڏا پهاڙ کڙا ڪيا ويندا آهن پوء اهي ڪهڙي به پوزيشن تي هجن، توهان پاڻ ٻاهر رهو ٿا توهان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو هوندو، اتي توهان سان غير سنڌين جو برتاء توهان سان ڪهڙو آهي خاص ڪري جيڪي توهان جا بوس آهن يا توهان جا سينئر آهن، ۽ توهان جن جا ماتحت آهيو۔ اهو توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا۔ اردو ۾ چوندا آهن ته ( قبر ڪا حال مردا ئي جاني )
مان پنهنجي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ رهيو پيو آهيان ۽ مون کي ان ڳالهه جو بهتر نموني اندازو آهي۔ ڪيترا سال پهرين مان جڏهن هت ڪراچي آيو هئس ته مون سان هتي جي ماڻهن مهاجرن + پنجابين طرحين طرحين جون رڪاوٽون کڙيون ڪيون هيون۔
مگر مون کي افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ڀٽو صاحب کي شهيد ڪرائڻ واري سان پنهنجا به ڪجهه گڏ هئا۔ ( بقول ڪنهن شاعر مون پڪ سڄاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، )
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته(( سنڌ جي سائين ، جنهن سنڌ لاء سنڌي ماڻهن لاء سنڌي ٻولي لاء پنهنجي پوري زندگي صرف ڪري ڇڏي، جنهن سنڌين کي سنڌ سان پيار ڪرڻ سنڌي ماڻهن سان، سنڌي ٻولي سان پيار ڪرڻ سيکاريو سيکاري، جنهن عظيم سياستدان ، عظيم ليڊر ۔مفڪر لاء مون کي پڻ اوتروئي عزت ۽ احترام آهي جيترو توهان کي آهي، يا ڪنهن جيئي سنڌ پارٽي جي ڪاڪن کي آهي، يا ڪنهن سچي سنڌي کي هجڻ گهرجي۔ )) محترم سائين جي ايم سيد به هميشه هر جلسي ۾ ڀٽو صاحب جي مخالفت ڪئي، ۽ هڪ آمر مڪار، چالاق، ايشياء جي بدنام ڊڪٽيٽر جنرل ضياء کي جنهن نه صرف ڀٽو صاحب کي پر سنڌ جي هر گهر جي ٻچي ٻچي کي شهيد ڪرايو ان کي شريف النفس جو لقب ڏنو، پر کيس پنهنجي شهر سن ۾ دعوت پڻ ڏني، خبر ناهي ڇو، جنهن ڳالهه جون ان وقت جون اخبارون شاهد آهن،
ادا مون کي ياد آهي ته 1986،87۔88۔ جي ڳالهه آهي(مون کي سال صحيح طرح ياد نه آهي، ) ته محترم جناب سائين جي ايم سيد صاحب دادو شهر ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪرڻ لاء آيا هئا، ۽ دادو گرائونڊ ۾ ڪافي عوام گڏ ٿيو هو۔ ۽ جڏهن جناب سائين محترم جي ايم سيد صاحب تقرير شروع ڪئي ۽ سائين جا پهريان الفاط هي هئا مون کي اڄ به ياد آهي ته ((( ڀٽو سنڌ جو غدار هو )) ۽ جڏهن سائين اهي الفاظ ڪڍيا ته مان پاڻ شاهد آهيان ته ان جلسي مان اڌ کان وڌيڪ ماڻهون سائين جا اهي الفاظ ٻڌي ۽ پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن ته سائين کي به اهيا خبر هئي ته سنڌ جو عوام پنهنجي جان کان به وڌيڪ ڀٽو سان محبت ڪندو آهي ۽ ماڻهن پنهنجا مرشد به ڀٽو جي ڪري ڇڏي ڏنا هئا۔ ۽ اهيو مشهور جملو هر ماڻهون جي زبان تي هو ته سر سيد جو پر ووٽ ڀٽو جو ۔ ۽ منهنجي حساب سان سيد صاحب کي ڀٽو صاحب جي ائين مخالفت ڪري ڀٽي جي مخالفين سان ساٿ نه ڏيڻ گهرجي هان،
برحال غلطيون سڀني کان ٿيون آهن جنهن ڪري اسان اڄ به سنڌي ظلم جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهيون۔
وڌيڪ توهان وڏا آهيو توهان جو تجربو مون کان ڪئين دفعه وڌيڪ آهي۔ توهان دنيا ڏسيو ويٺا آهيو۔ مان ته اڃان پنهنجي سنڌ مان به ٻاهر ناهيا نڪتو۔
سائين نثار ابڙا صاحب اگر منهنجي ڪا ڳالهه ڏکي ۽ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿئي هجي ته ان لاء مان توهان کان اڳواٽ معذرت ڪريان ٿو۔
برحال
 
جواب: ڀٽو خاندان ۽ منهنجا ويچار …

دوست ممتاز،

بقول شاعر جي
بات تو سچ هي، مگر بات هي رُسوائي ڪِي

1988 ۾ جڏهن پي پي جي حڪومت آئي ته ان کان پوء ٺوڙهي ڦاٽڪ جي اسيرن کي آزاد ڪيو ويو هو۔ گل محمد جکراڻي، دودو مهيري ۽ ٻيا آزادي کان پوء دادو ۾ آيا هئا، ان وقت مان به دوستن سان گڏ سندن جي استقبال لاء پبلڪ اسڪول واري جاء تي بيٺو هوس۔ اتان کان ڊگري ڪاليج دادو تائين جلوس ۾ آيا هئاسين۔۔ مون کي اها اميد هئي ته هو فوجي دور ۾ ٿيل قهري ڪارواين ۽ ظلمن جو داستان ٻڌائيندا ۔۔ پر جڏهن جيالن تقريرون شروع ڪيون ته پهريون جملو پي پي جي مخالفت سان شروع ٿيو ۽ سڄي تقرير جو مقصد ۽ متن ڀٽو دشمني جي جهلڪ هئي۔۔ ان وقت مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو ۽ سچ اهو آهي ته اڄ تائين به مون کي سمجهه ۾ نه آيو آهي ته قومي ڪارڪن جي اها تربيت ۽ سکيا ڇو ڪئي ويندي آهي، جيڪا سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ ۾ ديوار ثابت ٿئي۔۔

خبر ناهي ڪيرگهٽ سچو آهي ۽ ڪير وڌيڪ سچو آهي، پر اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي ته سنڌين ۾ نه ڪو اتحاد آهي ۽ نه ئي ڪو اڳواڻ، ۔۔ پرودگار اسان کي متحد رهڻ جي توفيق عطا ڪري۔۔
 
جواب: ڀٽو خاندان ۽ منهنجا ويچار …

ادا ان جلسي ۾ مان به هئس ۽ ۽ مان ان جو اکين ڏٺو گواه آهيان۔ ادا مڇي ۾ بدبوء به صرف ان ڪري ٿئي ٿي جو مڇي هميشه پنهنجي نسل کي کائيندي آهي۔ بس دعا ڪريو ته اسان سنڌين کي ڪا سمجهه اچي۔ ۽ ادا ان وقت منهنجي عمر به 12 سال هئي۔ ۽ بابا اسان کي جلوس جلسن ۾ وڃڻ لاء به منع ڪندو هو مگر اتفاق سان اسان جو گهر به دادو ڊگري ڪاليج روڊ وٽ گرائونڊ جي ڀرسان آهي سو بابا کان لڪي لڪي مان ان جلسي ۾ ويو هئس۔
ادا اهيا حقيقت آهي ته سنڌين جو ڪو سچو وفادار ۽ سنڌين لاء قرباني ڏيندڙ ڪو به اڳواڻ ڪونهي۔ بس هر ڪو پنهنجي دڪانداري پيو چمڪائي۔ ڪو مرڪزي سياست ۾ ته ڪو قوم پرستي جي آڙ ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا مفاد گهرجن۔
هت ته ڪو به ڪنهن جو نه دائمي دوست آهي نه دائمي دشمن ، اگر دائمي ڪا شيء آهي ته اهي انهن جا مفادات آهن۔
 
Back
Top