روهيڙو، هڪ املُهه وڻ

'مختلف موضوع' فورم ۾ سهيل صديقي طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2014۔

  1. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٿرپارڪر ۾ نوڪريءَ دوران ڪافي ڀيرا صبح سوير ننگرپارڪر وڃڻ ٿيو. مٺيءَ کان ننگرپارڪر تائينٻن ڪلاڪن جي سفر دوران اسلام ڪوٽ کان پوءِ گھڻو ڪري رستي جي ٻنهي پاسي روهيڙي جا ڳاڙهن يا پيلن گلن سان جھنجھيل وڻ نظر اچي وينداهئا.هن وڻ جو به پنهنجو حسن آهي جو ٿر پارڪر جي وارياسين ڀٽن جي ڄڻ ته خوبصورتي ٻيڻي ٿي پوندي هئي ۽ هلندڙ گاڏيءَ مان تيستائين ان منظر تان اک نه هٽندي هئي جيستائين مڪمل اهو منظر اکين اڳيان غائب نه ٿي وڃي. مان ان سڄي سفر ۾ روهيڙي جي وڻ کي ڏسي ڏاڍو مزو وٺندو هئس ڇو ته واريءَ جي ڀٽن تي روهيڙي جا گهنڊ نما گل ايڏا ته دلفريب هئا جو ڇا ڳالهه ڪجي.

    ڪجهه ڏهاڙا اڳ پنهنجي دوست ڀارومل سوٽهڙ سان ڪچهريءَ دوران روهيڙي وڻ جو ذڪر نڪتو. هُن ٻڌايو ته هِن وقت مورن جي نسل ڪشيءَ سان گڏ ٿر پارڪر ۾ روهيڙيسميت پنجن وڻن جي به نسل ڪشي ٿي رهي آهي جنکي بچائڻ جي ضرورت آهي.انهيءَ دوران مون سوچو ته روهيڙي جي بچاءُ خاطر ڪجهه ڪجي. ضرور ڪو خدا جو ٻانهو ڪٿي نه ڪٿي اُن املهه وڻ جي نسل ڪشي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. بهرحال جيڪڏهن وس وارن تائين هن وڻ جي خاتمي جي ڳالهه پهچندي ته کين معلوم ٿيندو ته اسان ڪيڏو نه وڏو ظلم ڪرڻ وڃون پيا.

    روهيڙي وڻ جو گهڻو تعداد دنيا ۾ فقط ڪجهه ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ عربستان، هندستان ۽ پاڪستان سرفهرست آهن. هي وڻ خشڪيءَ جو وڻ سڏيو وڃي ٿو ۽ خشڪ علائقن ۾ سخت ۽ سوڪهڙيواري موسم جي باوجود به پنهنجو وجود برقرار رکي ٿو. هندستان ۽ پاڪستان ۾ روهيڙي کي گهڻن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو جن ۾ روهيڙو يا لوهيڙو گهڻو عام آهي پر هندستان جي علائقن راجستان، جيسلمير، جوڌ پور، اجمير، هريانا پنجاب ۽ بيڪانير ۾ هن وڻ کي راکٽوڙا، چلاچڙا به چيو وڃي ٿو ۽ ٿر وارن علائقن ۾ هن کي روهيڙي سان گڏ، ماکيءَ وارو وڻ ۽ مارواڙ ۾ مارواڙ ٽيڪ يا رڻ جو وڻ سڏيو وڃي ٿو. هن وڻ جو نباتياتي، طبي ۽ ڪيميائي نالو ٽيڪوما انڊيليٽا آهي. هندستان ۾لاتعداد ادارا روهيڙي جي اهميت کي سمجهنديان جي افزائش لاءِ قدم کڻي رهياآهن ۽ راجستان، جيسلمير، جوڌ پور ۽ اجمير ۾ ريفاريسٽريشن ۽ ايگروفاريسٽريشن ڪري نرسريون ۽ افزائشي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ انڊين ڪائونسل فار فاريسٽري ائنڊ ايجوڪيشن، راجستان يونيورسٽي، هريانا ايگريڪلچر يونيورسٽي، ايرڊ فاريسٽ ريسرچ انسٽيٽوٽ، انگلينڊ، آمريڪا جون ڪافي غير سرڪاري تنظيمون روهيڙي وڻ جي افزائش، بچاءَ ۽ تحقيق تي عملي ڪم ڪري رهيون آهن. ڪنهن دوست ٻڌايو ته لکين ايڪڙ زمين صرف روهيڙي جي وڻ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي ته جئين روهيڙي جي ٻيهر پوکي ڪري سگهجي. انهيءَ کان علاوه ٻيلو کاتو اتي هر سال روهيڙي لاءِ انگ اکر گڏ ڪري ٿو ۽ منصوبا بندي ڪري ٿو.

    روهيڙي وڻ جي بيهڪ ڏاڍي دل لُڀائيندڙ آهي. هي وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا پيلا ۽ نارنگي گل جھلي ٿو. هڪ دفعوبرسات کان پوءِ ۽ ٻيو سياري جي مند ۾. جيڪڏهن ڪنهن دوست املتاس ۽ گُل مُهر جا وڻ ڏٺا هجن ته انهن وانگر روهيڙو به پنهنجي جوڀن جي ڏينهن ۾ سڄو وڻ پيلو يا وري نارنگي رنگ ۾ نظر پيو ايندو آهي. هي وڻ پاڪستان ۾ گهڻو عام جام ۽ گهڻي مقدار ۾ موجود نه آهي ۽ صرف ٿرپارڪر ضلعي ۾ ننگر پارڪر جيتڙ دوست سميت ويجهن علائقن، رڻ يا ننگر پارڪر ويندي رستي تي ڪٿي مليو وڃن. ٿرپارڪر ۾ روهيڙي جي نالي پٺيان زرعي زمينن ، ڳوٺن ۽ کوهن جا نالاپڻ رکيا ويا آهن، جيئن روهيڙي جو تڙ وغيره. انهيءَ کان علاوه پاڪستان ۾ روهيڙو کيرٿر جي جبلن، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ اٽڪ ضلعي جي پهاڙين ۾ به ٿئي ٿو ۽ روهيڙي جو تعداد ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ ٿورو آهي. ويتر اسان روهيڙي جي ڪاٺ پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا آهيون. ڇو ته روهيڙي جو ڪاٺ ديال ۽ ٽالهي وانگر تمام سخت ، پائيدار ۽ اندر بهترين ڪِٺُ هوندو اٿس. ٻيو وري سخت هجڻ ڪري واڍا روهيڙي جي ڪاٺ تي ڪم ڪندي بهتر چٽسالي ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري هن جي ڪاٺ جي قيمت به وڌيڪ آهي.اتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته روهيڙي جو ڪاٺٻارڻ لاءَ تمام بهترين آهي.

    هي املهه وڻ سدا سائو رهي ٿو. هن وڻ کي گرمي يا سرديءَ ۾ ڪو به نقصان ڪونه ٿئي. هن وڻ جون ٻيون به تمام گهڻيون خاصيتون آهن جيئن هن جي پنن، گلن، ۽ ڪاٺ مان نڪرندڙ رس مان دوائون ٺهن ٿيون جيڪي جيري جي بيماري، انيڪ جنسي بيمارين، پيشاب جي بيمارين ۽ هيپاٽاٽس جي علاج ۾ فائدو ڏين ٿيون. تنهن کان سواءِ چمڙي جي بيمارين ۾ بچاءَ لاءَ پڻ اهو رس استعمال ڪيو وڃي ٿو. وري جيڪڏهن اسان هن املهه وڻ جي وڌيڪ فائدن کي ڏسنداسين ته روهيڙي جا گل، پنَ ۽ پلڙا خشڪ علائقن جي جانورن، ٻڪرين، ڍڳين، اُٺن ۽ رڍن لاءَ تمام صحتمند چاري طور استعمالٿين ٿا.ٿر واسين چواڻي ته روهيڙي جي گلن، پنَن ۽ پلڙن کي کائڻ سان مال متارو ٿئي ٿو ۽ خشڪيءَ وارن مهينن ۾ مال کي حالتنسان منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هن جي پلڙن، گلن ۽ پنن کي کائڻ سان مال چمڙيءَ جي بيمارين کان پڻ بچيل رهي ٿو. روهيڙو جانورن جي خوراڪ هجڻ سان گڏ ماحوليات کي بچائڻ ۾ پڻ مددگار ثابتٿئي ٿو جنهن ۾روهيڙي جا ڇڻندڙ پنَ زمين کي زرخيز رکن ٿا. دنيا ۾ روهيڙي کي soil-binding وڻ به چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هن جون پاڙون زمين کي زرخير ڪرڻ سان گڏ زمين مٿان هڪ ڄار وڇائي ڇڏين ٿيون جنهن سان زمين جو مٿانهون تهه مضبوط ٿئي ٿو. هي وڻ هونئن ته تمام گهڻو گهاٽو ڪونه ٿئي پر هي وڻ وارياسن علائقن ۾ هلندڙ تيز طوفاني هوائن ۽ واريءَ جي طوفانن کي روڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. سخت گرمي ۽ خشڪيءَ وارين موسمن ۾ هزارين جاندارن کي هي وڻ پناهه ڏئي ٿو. هن ۾ ماکي ٿئي ٿي، سوين قسمن جي پکين جا آکيرا ٿين ٿا ۽ مال چرڻ دوران اچي هن وڻ جي ڇانو ۾ويهي ٿو.

    سوچو ته سهي ايترين ضرورتن پورين ڪرڻ جي باوجود به اسان هن انسان دوست املهه وڻ کي ايترو ڌڪاري ڇڏيو آهي جو شايد ايڏي وڏي ملڪ ۾ ٿورا ئي وڻ وڃي بچايا هوندا.هن ملڪ جي ٻيلي کاتي جا عملدار شايد اگهور ننڊ مان جاڳيا ئي ناهن. ٿرپارڪرجي سرڪاري نرسري ۾ به ِ نم جيڪجھه چڪين کان سواءِ ٻئي ڪنهن به وڻ جي موجوگي ئي نه آهي. سڄي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪٿي به ڪا سوشل نرسري موجود نه آهي.شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان هڪ اهڙي وڻ کان محروم ٿيڻ وڃون پيا جيڪو دنيا جي نقشي ۾ پاڪستان کي عزت ڏياريو بيٺو آهي. سڌريل ملڪن ۾ ٿيندو ائين آهي ته خشڪ ۽ وارياسن علائقن جي هر سال سروي ڪئي ويندي آهي ۽ انگ اکر گڏ ڪيا ويندا آهن ته ڪهڙو نسل وڌي ويجهي پيو ۽ ڪهڙو نسل ختم ٿي رهيو آهي. انهيءَکان پوءِ ناياب وڻن ۽ علائقن کي مڃتا ڏني ويندي آهي، ائين ئي جيئن پاڪستان جي 17 علائقن کي رامسر علائقو قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ 10 سنڌ ۽ باقي سڄي پاڪستان ۾ آهن. ۽ وري انهن 10 مان 3 علائقا ٿرپارڪر ۽ بدين جي ويجهو رڻ ڪڇ سان لڳندڙ آهن. انهن مڙني ۾ روهيڙي جا وڻ موجود آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن رامسر قرار ڏنل علائقن جي سار سنڀال۾ علائقي واسين ۽ حڪومت جون تمام گهڻيونڪوتاهيون آهن. پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين ڪنهن به علائقي جو باقائدي سروي نه ڪيو ويو آهي ته ڪهڙا وڻ نج مقامي آهن ۽ انهن جي ڪيتري اهميت آهي. سال 2010 ۾ فقط يو اين ڊي پي ۽ منسٽري آف اينوائرنمنٽ طرفان هڪ تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ ظاهر ٿيو ته پاڪستان اندر خشڪي وارن علائقن ۾ ست وڻ خطري هيٺ آهن جن مان پنج وڻ نج سنڌ جا آهن انهن ۾ روهيڙو، ڪنڊي، ڦوڳ، ڄار ۽ گهگرال شامل آهن. انهن جي بچاءَ لاءِ ڪنهن دور ۾ حڪومت طرفان ٿرپار ڪر ۾ لک سوا ايڪڙ زمينمخصوص ڪئي وئي پر انهيءَ زمين تي ڪو قدرتي روهيڙو، ڪنڊي، ڦوڳ،ڄار يا گهگرال پٽو هجي ها ته خدا جا لک شڪر.

    هن مهل جيڪڏهن پاڻ ٿرپارڪر کي ڏسون ته صحرائي علائقا وڌي رهياآهن ۽ وڻن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي انهيءَ ۾ ٻيلي کاتي جا عملدار ۽ مقامي ماڻهو هڪ جيترو ملوث آهن. ڪو ڊپ ڊاءُ نه هئڻ ڪري مقامي ماڻهوبه وڻن جي واڍي ۾ ڪافي اڳتي آهن. ڪنهن دوست سان ڪچهري دوران خبر پئي ته انگريزسرڪار دور ۾ ٿرپارڪر ۾ ڪير ماڻهو روهيڙي جو سڪل ڪاٺ به بغير اجازت ڪٽي يا استعمال نه ڪري سگهندو هو ۽ وڻ جي وڍڻ لاءِ تنهن دور ۾اجازت نامو مختيارڪار کان وٺڻو پوندو هو ۽ هاڻي ان جي ابتڙ آهي.توڙيجو روهيڙي جي ڪاٺ کي ضلعي کان ٻاهر کڻي وڃڻ تي به پابندي آهي پر مقامي پوليس ٻه چار سو رپين عيوض روهيڙي سان ڀريل گاڏي ڇڏيو ڏين. ان کان سواءِ اسان جا ٿري آبادگار زمين آباد ڪرڻ جي نون طريقن کي استعمال ڪندي ٽريڪٽر سان زمين کيڙين ٿا ۽ نتيجي ۾ روهيڙي جا ڦٽندڙ ٻوٽا بهپٽجو وڃن ۽ افزائش جو عمل رڪجي وڃي ٿو.ان ڳالهه کان باخبر هوندي به ته روهيڙي جو وڻ تيار ٿيڻ ۾ 25 کان 30 سال لڳائي ٿو آبادگارزمين جو هر هڪ انچ آباد ڪرڻ خاطر سامهون ايندڙ شاندار ۽ دلفريب گلن جا املهه وڻ وڍيو ڇڏين. هندو ڌرم هن وڻ جي وڍيندڙ کي سٺي نظرن سان نٿو ڏسي ۽ تمام گهڻيون چوڻيون روهيڙي سان منسوب ڪيون ويون آهن ۽ ڪو هندو هن وڻ کي نه وڍيندو ڇاڪاڻ ته وڏڙن جي چوڻ موجب جيڪو ماڻهو روهيڙو ڪٽيندو ان جو نسل تباهه و برباد ٿي ويندو انهيءَ ڊپَ جي نتيجي ۾ ٿرپارڪر ۾ مون ڪنهن به هندوءَ واڍي کي روهيڙي تي ڪم ڪندي نه ڏٺو ۽ گهڻي قدر هندو آباديءَ وارن ڳوٺن ۾ مون روهيڙي جا وڻ بنسبت ٻين علائقن جي گهڻا ڏٺا.اڃا به وقت نه ويو آهي ۽ انساني ۽ مذهبي جذبن کي اُڀاري خدا طرفان مليل املهه وڻن ۽ جاندارن کي بچايون انهيءَ ڏس ۾ روهيڙي جي نسل ڪشي کي روڪڻ ۽ ان جي ريفاريسٽرشن ڪرڻ تي غورڪيون ۽ هيٺين ڏنل صلاحن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.

    روهيڙو ۽ باقي چئن ٻين وڻن کي املهه وڻن جي حيثيت ڏيون ۽ انهن وڻن وڍيندڙنلآءِسرڪار کي اپيل ڪجي ته سخت سزا جو اعلان ڪري ته جيئن انهن کي بچائي سگھون.

    مقامي آبادگارن کي تربيت ڏئي ايگروفاريسٽ جي نظرئي جي ڄاڻ ڏيون ۽ ان لاءِ انهن کي قائل ڪيون ۽ زمين آباد ڪرڻ جي پراڻن طريقن کي ترجيح ڏيون جنهن سان زرعي زمين کي فائدو پوندو، ڪاربانڊآڪسائيڊ ۾ گهٽتائي ٿيندي،

    فاريسٽ ڊپارٽمنٽ ۽ زرعي ادارن کي پابند ڪيون ته روهيڙي جو ٻج ان جي پلڙن مان حاصل ڪن ۽ مقامي ماڻهن ۾ مفت تقسيم ڪن.

    سرڪار کي گهرجي ته ٿرپارڪر جي هزارين ايڪڙ خالي پيل سرڪاري زمين کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ۽ اتان جي ٻيلي کاتي، جهنگلي جيوت کاتي ۽ سياحت کاتي کي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪري ته جيئن روهيڙي جي اهميت کي سمجهندي تحقيقي مرڪز قائم ڪري ۽مثالي نرسريون ۽ افزائش مرڪز جوڙيا وڃن.

    ريفاريسٽيشن ۽ سوشل نرسريون قائم ڪيون وڃن جن ۾ دنيا جي نالي وارين غير سرڪاري تنظيمن کي شامل ڪري ۽ انهن جي ماهرن جي مهارت کي استعمال ڪيو وڃي.

    قانونساز ادارن کي گھرجي ته نج مقامي وڻن جي اهميت کي سمجهندي قانون سازي ڪن.

    خشڪ ۽ صحرائي علائقن جو گهٽ ۾ گهٽ هر پنجن سال کان پوءِ سروي ڪري انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ته جيئن مسقبل جي ضرورتن کي ڏسندي بهتر منصوبابندي ڪري سگهجي.

    ٿرپارڪر ۽ خشڪي وارن علائقن ۾ ٻيلي کاتي جي عملدار، مالهين ۽ سهولت ڪارن جي پگهارن ۾ خاطر خواهه اضافا ڪيا وڃن ته جيئن خشڪ علائقن ۾ نوڪري ڪندڙي سفارشن ذريعي وڏن شهرن ڏانهن بدليون نه ڪرائين.

    انهن سڀني عملن سان خشڪ ۽ صحرائي علائقن جي معيشت بهتر ٿيندي. مقامي ماڻهن کي ٻارڻ ۽ مارڪيٽ ۾ کپائڻ لاءِ وڌيڪ ڪاٺ دستياب ٿيندو. ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ شاندار ڪاٺ جي ڪم کي هٿي ملندي ۽ غربت ۾گهٽتائي ٿيندي. روهيڙي جي پنن ڇڻڻ سان زمين جي زرخيزي ۾ اضافو ٿيندو. وڌيڪ وڻن پيدا ٿيڻ ۽ محفوظ هجڻ سان عالمي سطح تي گرمي پد جي خطرن کي منهن ڏئي سگهبو. خشڪ ساليءَ جي موسم ۾ جانورن کي بهتر چارو ملندو ۽ صحت مند ماحول مهيا ٿي سگهندو. موسمي تيز طوفانن کان بچاءُ ٿيندو ۽ هنن وڻن سان ڪيمڪل ردِ عمل به روڪي سگهبا ۽ جهنگلي جيوت کي پناهه گاهون ملنديون. ٿرپارڪر ۾ تتر، مور، سهي، هرڻ، ماکي ۽ ٻين جاندارن کي بچائي سگھبو جو اهي هن وقت وڌيڪ خطري هيٺ آهن. ٿر ۾مقامي ماڻهن کي قدرتي ڀاڄين سميتکاڌي پيتي جون مفت شيون مهيا ٿي سگھنديون ۽ اتي ڦٽندڙ وڻن ۽ ٻوٽن جي افزائش پڻ بهتر نموني ٿي سگھندي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,695
    ورتل پسنديدگيون:
    27,154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ اهم موضوع آهي ... ڪاش اسان جا وس وارا ان تي سوچين .... ڇو ته جڏهن هي وڻ گهٽجي ويو ته پوء صرف ڳالهيون ئي ملنديون، يا ڪتابن ۾ پڙهڻ لاء ملندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو