3G & 4G Technology: جيب تي ڀاري ٿي سگهي ٿي...!!!

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ زاھد حيدر ملاح طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2014۔

  1. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    [​IMG]
    3جي ۽ 4جي ٽيڪنالوجي اوھان جي جيب تي ڀاري ٿي سگهي ٿي، ٽيلي ڪام ڪمپنين لائسنس جي ڀاري فيسن جو وزن عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري ڇڏي آھي.
    3G & 4G سستي ناھي، ان جي اچڻ سان انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن جي جيب تي ڪافي وزن وڌي سگهي ٿو.
    لاڳاپيل اختيارين موجب تمام موبائيل آپريٽرز ان ڳالھ جو واضع اشارو ڏيئي ڇڏيو آھي ته
    [​IMG]
    ٽيڪنالوجي جي عام ٿيڻ شرط ٽيرف ۾ اضافو ڪيو ويندو، سيليولر سروسز فراهم ڪندڙ ڪمپنين اضافي وزن عوام ڏانهن منتقل ڪندا، 3G & 4G Technology سان ڪمپيوٽر تي ٿيندڙ ڪم کان موبائيل فون تي وڌيڪ آساني ۽ وڌيڪ اسپيڊ سان ٿي سگهندو، جتي E-Commerce , E-Banking , E-Learning ۽ E-Services کي ھٿي ملندي، اتي ئي موبائيل فون آپريٽرز پنهنجي ڪسٽمرز کان وڌيڪ چارجز وصول ڪندا.
    ھن وقت 2جي تي ھڪ ايم بي ڊائونلوڊ ڪرڻ جا سترھن کان ويھ رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جنهن سان اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته ان جديد ٽيڪنالوجي جي ممڪن قيمت ڇا ٿي سگهي ٿي؟
    [​IMG]
    جڏھن ته موبائيل ڪمپنين جو موقف ھي آھي ته پھرين مرحلي ۾ پوسٽ پيڊ ڪسٽمر جڏھن ته ٻئي مرحلي ۾ پري پيڊ وارن کي سھولت فراھم ڪئي ويندي.
    3G ٽيڪنالوجي پڙوسي ملڪن ۾ چڱي خاصي مھانگي آھي، موبائيل فون آپريٽرز ڳالھ جو ڀرپور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. مثال UAE ۾ 1GB جي مھيني جو پيڪيج 100 درھمن ۾ ڏنو ٿو وڃي، يعني 2600 رپيا پاڪستاني.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    اھڙيءَ طرح سان 5GB جو پيڪيج 250 درھمن ۾ ڏنو ٿو وڃي يعني 6600 روپيا پاڪستاني ۾... ڪلڪ ڪري تفصيل ڏسي سگهو ٿا
    اھڙيءَ صورتحال ۾ اوھان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ايندڙ وقت ۾ موبائيل فون آپريٽرز ڪھڙي نه چالاڪيءَ سان عوام جا کيسا خالي ڪرڻ جا منصوبه جوڙي رھيا آھن، ليڪن وقت سان گڏ گڏ ان جي قيمت ۾ ڪمي ايندي، پر ان ۾ يقينن ڪافي وقت لڳندو. . .
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ان جي صرف اچڻ سان مونکي ايوو جو ٻه ميهنن کان بل به ڪون مليو آهي جيڪڏهن 3 جي اچي وئي پوءِ ٺٺ ٿي ويندا. پي ٽي سي ايل براڊبرانڊ ۽ ايوو سستو ٿي ويندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ظاهري آهي ڪمپنيون اها رقم پنهنجي صارفين ڏانهن ئي منتقل ڪنديون .... پر اتي ڪافي سهوليتون به ملنديون. مان جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته نيٽ کان ڪٽيل هوندو آهيان، ڇو ته اتي نه براڊ بينڊ آهي نه ئي ايوو هلندي آهي. هاڻ لڳي ٿو بهتري ٿيندي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    بلڪل بھتري ٿيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو