شيرين
سينيئر رڪن
نظم
مون سان پير ڀرين ها جيڪر
توکي ٿر ۾ ٿان نه ملي ها
پر تنهنجي پيرن کي شايد
اهڙي آهڙ ڀا نه ملي ها
ٽانڊا ٽانڊا ٿي ويو آهين
پو ڀي پاڻ جلڻ لئه آتو!
پيرن ۾ ٿئي ڇالا ڇورا!
پهڻن تي به هلڻ لئه آتو!
توم ايڏو آن پياسو، مورک!
ڄڻ ڪا هاڻ ملهار نه ايندي
ست رنگا انڊلٺ به نه کڙندا
کستوري هٻڪار به ايندي
ڄيرا ڄڻندڙ هن ڌرتي تي
تون به جليو آن مان به جليو هان
پنهنجي پنهنجي رند تي راهي!
تون به هليو آن مان به هليو هان
گڏجي پنڌ ڪريون ها جيڪر
ڪو ڇپرو ڪا ڇان نه ملي ها
پر واٽهڙو! گڏ هلڻ سان
جهڙ ڦڙ واري جهان ته ملي ها
تنهنجا ڇالن هاڻا پيرا
رڙهندي رڙهندي رت ٿين ها
منهنجا گيت انهن گهڙين ۾
توکي ڪائي تانگهه ڏين ها
تون جي سهڪي ساڻو ٿين ها
ٻيهر ڀيڙي بيت ٻڌون ها
گيتن جي پڙ لاو ۾ گم ٿي
پنهنجي پنهنجي ماڳ وڌون ها
ڇا ٿيو جي ڪا ڇان نه ملي آهي
ڇا ٿيو جي ڪا ڇان نه ملي آهي
حليم باغي
مون سان پير ڀرين ها جيڪر
توکي ٿر ۾ ٿان نه ملي ها
پر تنهنجي پيرن کي شايد
اهڙي آهڙ ڀا نه ملي ها
ٽانڊا ٽانڊا ٿي ويو آهين
پو ڀي پاڻ جلڻ لئه آتو!
پيرن ۾ ٿئي ڇالا ڇورا!
پهڻن تي به هلڻ لئه آتو!
توم ايڏو آن پياسو، مورک!
ڄڻ ڪا هاڻ ملهار نه ايندي
ست رنگا انڊلٺ به نه کڙندا
کستوري هٻڪار به ايندي
ڄيرا ڄڻندڙ هن ڌرتي تي
تون به جليو آن مان به جليو هان
پنهنجي پنهنجي رند تي راهي!
تون به هليو آن مان به هليو هان
گڏجي پنڌ ڪريون ها جيڪر
ڪو ڇپرو ڪا ڇان نه ملي ها
پر واٽهڙو! گڏ هلڻ سان
جهڙ ڦڙ واري جهان ته ملي ها
تنهنجا ڇالن هاڻا پيرا
رڙهندي رڙهندي رت ٿين ها
منهنجا گيت انهن گهڙين ۾
توکي ڪائي تانگهه ڏين ها
تون جي سهڪي ساڻو ٿين ها
ٻيهر ڀيڙي بيت ٻڌون ها
گيتن جي پڙ لاو ۾ گم ٿي
پنهنجي پنهنجي ماڳ وڌون ها
ڇا ٿيو جي ڪا ڇان نه ملي آهي
ڇا ٿيو جي ڪا ڇان نه ملي آهي
حليم باغي