• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انڌي يا بلائيند ايف . آ . آر

اسان جي ملڪي ٿاڻن تي ڪي ماڻهو جڏهين ڪن اڻڄاتل ملزمن تي رپورٽ لکرائيندا آهن . ته اهڙين ايف . آ . آرين ک انڌي يا بلائيند ايف . آ . آر چئبو آهي
 
اهڙيون بلائينڊ ايف آء آرا الائي ڪيتريون هر مهيني داخل ٿينديون هونديون
 
اهڙين ايف .آ .آرين جو فاعدو پوليس کي اهو ملندو آهي ته هڪ ته انهن ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙڻ کان بچي پوندي آهي . ٻيو رشوت وصول ڪرڻ لا آسان ۽ سولو طريقو ،ٽيون اهڙين ايف . آ .آرين ۾ جنهن به شريف يا بدمعاش کي سوگهو ڪرڻ گهرن ، ته اهو فرد يا ماڻهو اهڙو سوگهو ٿي پوندو آهي جو ،ڄڻ ته ڪنهن ڪوڙڪي ۾ جانور . اهڙين انڌي فريادن کي پوليس يا حڪومت پنهنجي مخالفن کي اهڙي ته مهارت سان سوگهو ڪندي آهي جو ويچارا ،انهن جي اشارن تي نچڻ لا تيار ٿي ويندا آهن يا سقراط وانگر ويه جي پيالي پينئڻ لا تيار ٿين .
اهڙين انڌي فريادن ۾ مون کي ۽ مون سان گڏ نهايت ايماندار ۽ شريف ماڻهن کي بيگم نازلي ڀٽي جي چوڻ تي ، سهڪڙي پاڻ کي ايماندارسڏائيندڙ ايس. پي عباسي جهڙي پوليس آفيسر هڪڙو دفعو ٽي وي ۽ ٻيو دفعو بندوق جي چوري ۾ سوگهو ڪرايو ، پر نصيب ڀلا هئا جو بچي نڪتاسين . مرحوم عبدالحميد خان جتوئي  کي ڍڳي جي چوري ۾ سوگهو ڪيو ويو وغيره وغيره .س
گذريل مارچ ۽ هلندڙ اپريل2014 ع ۾ حيدرآباد ضلعي ڊويزن سان لاڳاپيل ٻه وڏا پوليس عملدار اهڙين بلائينڊ فريادن مان خوب فائدو وٺي رهيا آهن ۽ پاڪستاني عدالتي نظام انهن جي چوڻ تي هلڻ لاءِ مجبور آهي . س
اهي ٻيئي پوليس آفيسر هڪڙي شيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج کان انتقام وٺڻ ۽ ٻئي شِيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج جي ونگار وهڻ ۽ ان کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙين بلائنڊ .ايف .آءِ .آرين کي استعمال ڪندي ، لاڳيتو ڪارين جي چوري ۽ ناجائز هٿيار رکڻ وغيره جهڙن ڏوهن ۾ لڳاتار هڪڙي ريمانڊ ختم ٿيڻ پوءِ ٻيو ريمانڊ وٺي رهيون آهن شايد اهڙو عمل ڪندي ،هڪڙي قتل ڪيس جي اصلي قاتل کي بچائي رهيون آهن .
 
ادا عبدالڪريم چانڍيو صاحب السلام عليڪم! توهان جي تحرير جي هيٺين اقتباس ورتل لائينن اسان کي توهان جي ويچارن سان اختلافي نوٽ لکڻ تي مجبور ڪيو آهي.
اهي ٻيئي پوليس آفيسر هڪڙي شيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج کان انتقام وٺڻ ۽ ٻئي شِيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج جي ونگار وهڻ ۽ ان کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙين بلائنڊ .ايف .آءِ .آرين کي استعمال ڪندي ، لاڳيتو ڪارين جي چوري ۽ ناجائز هٿيار رکڻ وغيره جهڙن ڏوهن ۾ لڳاتار هڪڙي ريمانڊ ختم ٿيڻ پوءِ ٻيو ريمانڊ وٺي رهيون آهن شايد اهڙو عمل ڪندي ،هڪڙي قتل ڪيس جي اصلي قاتل کي بچائي رهيون آهن .

ادا سائين اوهان ڪيئن ٿا چئو ته پوليس اصلي قاتل کي بچائڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي ۽ ان ڏس ۾ بلائينڊ ايف آئي آر ڪار چوري ۽ هٿيارن رکڻ سان وابسط ۾ محترم ........ جا ريمانڍ وٺي رهي آهي. يا ان جي مخالفن جي وانگار وهي رهي آهي.جنهن جو جوان پٽ وحشيانه انداز ۾ قتل ڪيو ويو آهي.
ڇا اوهان اها وڍيو ڏٺي آهي جنهن ۾ محترم ......... پنهنجي سڀني گناهن بشموليت ڪارچوري جو اعترف ڪيو آهي . ڇا پوليس جسٽافائيڊ نه آهي ته ان اعترف تي وڌيڪ جاچ ڪري ۽ صحيحي حقيقت کي وائکو ڪري.

توهان تي هڪ سٺي ۽ باوقار پيشي سان مسلڪ آهيو. توهان کي اها ته خبر هوندي ته جڏهن ڪيس جي جاچ ( انوسٽيگشن) جاري هوندي آهي ته ان تي ڪمنٽس نه ڏنا ويندا آهن جيستائين فائنل رپورٽ انڍر سيڪشن 168 (چارج شيٽ ) ڪورٽ م داخل نه ڪئي وڃي.
اسان کي سمجه ۾ نه ٿو اچي ته اوهان جهڙي ڏاهي ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاء مٿيان ڪمٽس لکيا آهن . معاف ڪجو اوهان جي دل آزاري اسان جو مقصد نه آهي، پر اسان چاهيون ٿا ته جڏهن سڀ شيون ۽ حقيقتون اوهان جي سامهون اچن تڏهن توهان ڀلي دل کولي نڪتچيني ڪيو. هڪ دفعو ٻيهر معافي جا طلبگار آهيون.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
محترم غلام مصطفيَ ميمڻ صاحب ! اوهان جي مهرباني !
مون کي وڌيڪ ڪا به خبر ناهي ،نه ئي مون ڪا وڊيو ڏٺي آهي . منهنجو مقصد صرف اهو آهي ته پوليس انصاف کان ڪم وٺندي پنهنجي ڪاروائي ڪري ۽ بلائينڊ ايف. آ. آرن جو سهارو نه وٺي . ڇاڪاڻ ته هتي ٻن شِشن ججن سان اانصاف ڪرڻ جو معاملو آهي .هڪڙي جج جو جوان پٽ قتل ٿيو آهي ته ٻئي طرف قتل جو جيڪو سبب ڄاڻائي ٻئي شيشن جج جو گهيرو تنگ ڪيو ٿو وڃي ان مان ڪي وڏا نقصان نه ٿين . پوليس کي ڪنهن ٻئي رخ تي به سوچڻ گهرجي ۽ صاف رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ بلائيند ايف.آ .آرين جو سهارو وٺڻ نه گهرجي . ان ڪيس جي ڪي غير جانبدار پوليس آفيسر به ته جانچ ڪري سگهن ٿا .رڳو اهي ڇو ؟ جن تي ملزم جو اعتبار نه هجي .
 
ادا ساجد گهمبيرالسلام عليڪم : ادا سائين اوهان بلڪل صحيحي لکيو آهي ته انڍر سيڪشن 173 ڪريمنل پروسڍير ڪوڊ جي چارج شيٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي آهي پر ان فائنل رپورٽ کي 168 سي آر پي جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي.اميد ته اوهان هاڻي سمجهي ويا هوندا ته اسان پويون سيڪشن پنهنجي مٿين ڪمينٽس ۾ ڇو لکيو آهي.
 
ادا ساجد گهمبيرالسلام عليڪم : ادا سائين اوهان بلڪل صحيحي لکيو آهي ته انڍر سيڪشن 173 ڪريمنل پروسڍير ڪوڊ جي چارج شيٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي آهي پر ان فائنل رپورٽ کي 168 سي آر پي جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي.اميد ته اوهان هاڻي سمجهي ويا هوندا ته اسان پويون سيڪشن پنهنجي مٿين ڪمينٽس ۾ ڇو لکيو آهي.
 
168 جي مطابق ماتحت پوليس آفيسر جيڪا ڪنهن به جاچ جي رپورٽ ڪندو اِها بالادست آفيسر کي ڏيندو جڏهن ته ڪنهن به ڪيس جي تفتيش پوري ٿيندي آهي ته آها رپورٽ 173 جي تحت ميجسٽريٽ کي ڏني ويندي آهي.
 
Back
Top