• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وفا

ساجد علي چانڊيو

سينيئر رڪن
وفا ان واعدي جي پابندي آهي جيڪو ٻين سان ڪريون ٿا. انسان جي سچائي ايمان، مردانگي ۽ جوانمردي جي نشاني آهي. وفا ان وعدي جي نسبت به آهي جيڪو اسان الله سائين سان ڪيو آهي ۽ انهن وعدن جي نسبت به آهي جيڪي اسان دوستن سان ڪريون ٿا. ان وعدي جي نسبت به جيڪي دشمن سان ڪريون ٿا، ان وعدي جي نسبت به جيڪو اسان نذر جي صورت ۾ پنهنجي ذمي کڻون ٿا. انهن سڀني جاين تي وعدي جي پابندي واجب آهي وعدي کي ٽوڙڻ ۽ ڀائپي جي حقن ۽ دوستي جي قراردادن جي نسبت سان بي وفائي ڪرڻ ايمان جي ڪمزوري ۽ نهايت بُري صفت آهي. الله سائين واعدي وفائي کي واجب ڪيو آهي ۽ واعدي بابت پڇا ڳاڇا به ڪندو. اسان کي به گهرجي ته جيڪو واعدو ڪريون ان کي پورو به ڪريون يعني وفا ڪريون.
 
Back
Top