پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کانپوء آخرڪار 3G & 4G لائسنس جي ڪالهه نيلامي پوري ٿي آهي جنهن مان حڪومت کي 1 ارب 11 ڪروڙ ڊالرن جي آمدني ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ پي ٽي اي جي زير نگراني نيلامي جو ڪم مڪمل ٿيو جنهن ۾ زونگ 4 جي ۽ 3جي جا 10 ميگا هرٽز جا لائسنس حاصل ڪيا آهن. جڏهن ته موبلنڪ 3 جي جو 10 ميگا هرٽز جو لائسنس ۽ ٽيلينور ۽ يو فون 5 ميگا هرٽز جا 3 جي لائسنس حاصل ڪيا آهن. ياد رهي ته 3G & 4G ٽيڪنالاجي سبب وڊيو ڪالنگ سان گڏ انٽرنيٽ جا سڀ فيچر هاڻي موبائل فون ۽ ٽيبليٽ تي به مهيا هوندا. ٿري جي ٽيڪنالاجي ڇا آهي ۽ ان جا ڪهڙا فائدا آهن ان بابت هن لنڪ تي تفصيل پڙهو.
جيڪڏهن توهان کي ٽيلينار سم آهي ۽ توهان چاهيو ٿا ته اسان جي علائقي ۾ ٿري جي موجوڊ آهي يا نه. ان لا هي ڪوڊ لڳايو #7799*