صدين جي تاريخ جو شاهد عمرڪوٽ سفرڪٿا حبيب لغاري جيئن اڻ اظهاريل محبتون ماڻهو جي سيني ۾ دفن ٿي مري وينديون آهن بلڪل اهڙي طرح يادگيريون به جيڪڏهن دلين جي ديس ۾ دفن ڪري ڇڏجن ته اهي به فنا ٿي وينديون آهن سفر تي سوچجي ٿو ته ان جا به الائي ڪيترا مطلب نڪرن ٿا پر جڏهن اهو سفر ماڻهو جي سڃاڻپ بڻيل هجي ته پوءِ ماڻهو ماڻهو کي ڪٿي ٿو لڀي سگهي اکين جو سفر به عجيب هوندو آهي اکيون به اکين تائين پنڌ ڪن ٿيون بهرحال ڳالهه نڪتي آهي سفر جي هونئن به سفر انساني فطرت جو حصو آهي هر ماڻهو جو من چاهيندو آهي ته هو سفر ڪري ۽ دنيا جا نظارا ڏسي پر جڏهن ۽ جنهن سفر ۾ مٺرا ماڻهو گڏ هجن سچ ته اهو يادگار بڻجي ويندو آهي. وڏي وقت کان وٺي ڪوشش ۾ هئاسين ته يونيورسٽي طرفان سفر ڪرايو وڃي پر سدائين پروگرام ملتوي ٿي ويندو هيو، نيٺ سهيل ميمڻ ۽ نويد جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ سفر ياترا جو ڏينهن به مقرر ٿيو ڪجهه دوستن جو خيال هو ته جهمپير ڏانهن هلجي ڪجهه دوستن چيو ٿي ته سائين لطيف جي چانئٺ چمي اچجي ڪجهه دوستن جو اهو به ارادو هو ته روپي جي ننگر ننگرپارڪر جا پنڌ پڇائجن پر حتمي فيصلو ته اهو ئي ٿيو ته عمر بادشاهه جي ان قلعي کي ڏسجي جتي مارئي قيد ڪاٽيو هو، اها مارئي جنهن وطن ۽ پنهنجن مارن سان وفا ڪئي جنهن لاءِ مرشد لطيف به چيو آهي ته: اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛ اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛ پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان. نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو 23 نومبر ڇنڇر جي ڏينهن اسان کي عمرڪوٽ وڃڻو هو آخر پروگرام ان نموني ترتيب ڏنو ويو ته اسان کي پوائنٽ بس اولڊ ڪئمپس تان کڻندي پوائنٽ بس ته 7:45 منٽ ٻڌايو ويو پر پوائنٽ بس تي اسان 8 کانپوءِ چڙهياسين، بس حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ٿيندي شاگردن کي کڻندي اچي باءِ پاس تي الفلاح هوٽل وٽ بيٺي جتي هاسٽل تان ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اچڻو هو طويل انتظار پڄاڻان جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل تان آيل پوائنٽ بس پهتي تڏهن اسان جو سفر شروع ٿيو، اسان سان سفر ۾ جتي شاگردن ۾ سهيل ميمڻ، علي اڪبر، مظفر، دائود عباسي، راشد علي، مجيب الرحمان، مولوي ظهير، فريد، عارف، دائم، بهادر شاهه، وشن داس، ۽ ٻيا شامل هئا ته وري شاگردياڻيون جواهر به اسان سان همسفر هيون سفر جيڪو تقريبن پوڻا 10 بجي شروع ٿيو ٻه پوائنٽ بسون جنهن مان هڪ فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ته واري ٻي پوائنٽ۾ ٿرڊ ايئر ۽ فائنل ايئر جا شاگرد هئا سفر جي سرواڻي اردو ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين سائين سليم بيگ ۽ پروفيسر عتيق جيلاني ڪري رهيا هئا اسان جو سفر شروع ٿيو ۽ دوستن ٽائيپ تي مختلف گيت هلائڻ شروع ڪيا جيئن هر ماڻهو جي من جو مزاج پنهنجو هوندو آهي بلڪل اهڙي نموني هر ماڻهو جي پسند ئي پنهنجي هوندي آهي مختلف گيتن جا آواز پوائنٽ ۾ گونجڻ شروع ٿيا ۽ انهن گيتن تي مختلف ڇوڪرن رقص به شروع ڪيو اهو رقص جيڪو اسان جهڙن ماڻهن جي سمجهه کان گهڻو مٿانهون هوندو آهي پر تنهن هوندي به اسان ان جو حصو هئاسون ڪٿي ڪٿي ڪنهن گيت شاگردن جي دل جي ترجماني به ڪئي ٿي اهي گيت جيڪي ڪلاسيڪل موسيڪي کان ته گهڻو پري هئا پر جديد دور جي جديد تقاضائن موجب هئا پوائنٽ حيدرآباد جي هوائن کي الوداع ڪيو ڳالهين جا ڳوٺ به اڏبا رهيا انيڪ نگاهون نگاهن ۾ ٻڏنديون ۽ ترنديون رهيون، سفر جيئن جو تيئن هلندو رهيو اهو سفر جيڪو انيڪ يادن جي علامت وانگي هئو ٽنڊي ڄام مان ٿي جڏهن ٽنڊي الهيار ڏي گاڏي رخ رکيو جتي تقريبن ساڍا 10 بجي پهتاسين جتان ٿي ميرپور خاص ڏي روانا ٿياسين ميرپور خاص جيڪو ماضي ۾ منهنجن رولاڪين جو شاهد رهيو آهي انيڪ ڀيرا پنڌ ڪندي مون ميرپور خاص جا رستا لتاڙيا آهن ٿر ياترا ڏي جڏهن به وڃڻ ٿيو آهي تڏهن ميرپور خاص مان گذر ضرور ٿيو آهي ۽ پوءِ ڀلي ڪڏهن اسان سمن سائين جي نگري پڱرئي جي پٽن ڏي ويا هجون تڏهن به هن شهر منجهان گذر ضرور ٿيو آهي ميرپور خاص ۾ اسان جون پوائنٽ بسون تقريبن 11 بجي پهتيون هيون جتي بيهڻ بنا سفر جاري رهيو ميرپور خاص کان شادي پلي وارو روڊ ڏئي بسون پنهنجي پنڌ ڏي راهي ٿيون سوچن جا سلسلا به سفر ڪندا رهيا گيتن جي گونج به من معطر ڪندي رهي ٽهڪ به ڪنن جا ڪنڌ لتاڙيندا رهيا ۽ ڳالهين جا ڳوٺ اڏيندي شادي پلي پهتاسين، شادي پلي جنهن لاءِ الائي ته ڪنهن چيو هو ”شادي پلي ڍڪي ڀلي“ شادي پلي کي الوداع چئي عمرڪوٽ ڏي راهي ٿياسين مسلسل سفر دوران سهيل ميمڻ اسان سڀني کي پاڻي پياريندو رهيو سچ ته جيڪڏهن سهيل نه هجي ها ته اسان مان پاڻي الائي ته ڪير پياري ها بهرحال جيئن جو تيئن سفر اڳتي جاري هيو انتظار جون گهڙيون به ختم ٿيڻ تي هيون ۽ اسان جو سفر به جيئن جو تيئن جاري رهيو عمرڪوٽ جنهن جي عمر مارئي قصي جي حوالي سان به سٺي سڃاڻپ رهي آهي، عمرڪوٽ جنهن جي اترئين پاسي سانگهڙ ضلعو لڳي ٿو اهو سانگهڙ شهر جيڪو منهنجي جنم ڀومي به رهيو آهي جتي رهندي مون ذهن جي صحن ۾ علم جا علم کوڙيا آهن عمرڪوٽ جي اولهه ۾ ميرپور خاص لڳي ٿو جڏهن ته ڏکڻ ۽ اوڀر واري حصي ۾ ضلعو ٿرپارڪر به آهي چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ضلعي جي ڪل پکيڙ 56.8 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي عمر ڪوٽ ۾ به پهچي وياسين جڏهن ته عمرڪوٽ جو قلعو جنهن جي قائم ٿيڻ جي تاريخ توڙي جو ڪتابن ۾ نه ٿي ملي پر تاريخ مان اهو به پتو پوي ٿو ته عمرڪوٽ جو قلعو پرمار سوڍي راجا پنهنجي نياڻي کي ڏاج ۾ ڏنو هو ۽ سندس ناٺي راجا منڊم راءِ 559ع ۾ هن قلعي اندر پنهنجي گادي قائم ڪئي ان حقيقت مان اها به پروڙ پوي ٿي ته اهو قلعو 559 ۾ موجود هو عمرڪوٽ جي موجوده قلعي واري بيهڪ توڙي جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي تعمير ڪرايل آهي جيڪا هن 1737ع تائين مڪمل ڪرائي هئي عمرڪوٽ جو قلعو تاريخي حيثيت انهي لاءِ به رکي ٿو جو هن قلعي ۾ عمر بادشاهه اچي مارئي کي قيد ڪيو هو مارئي آخر تائين پنهنجي وطن سان وفا وارو پاند نه ڇڏيو هو هن هر حال ۾ وطن سان نينهن نڀايو هن ته گهڙي لاءِ به عمر جي دامن کي قبول ڪونه ڪيو هو تاريخ مان اسان کي پتو پوي ٿو ته ”عمر سومرو همير جو پٽ هو، سومرن جي زوال واري دور ۾ عمر سومرن جو پنجويهونحاڪم ٿيو، جنهن سمن حاڪمن جي تحت عمر ڪوٽ ۾ ٿر واري علائقي ۾ سرداري ڪئي.مارئي جو وڏو ڏاڏو ’’مهڙ‘‘ هو، ڏاڏو ’ڦل‘ ۽ ’لاکو‘ پيءَ جو نالو هو. ڦوڳنالي هڪڙي شخص، مارئي جو سڱ سندس مائٽن کان گهريو، پر مارئي جي مائٽن اهوسڱ پنهنجي عزيزن مان هڪ کي ڏئي ڇڏيو. پوءِ اهو ڦوڳ فريادي ٿي عمر سومري وٽدانهن کڻي ويو. جڏهن عمر وٽ پهتو ته حقيقت بيان ڪرڻ وقت مارئي جي سونهنصفائي جي ساراهه ڪرڻ لڳو ۽ عمر کي چيائين ته آئون انهي سڱ تان دستبردارآهيان، توهان کيس پنهنجي محل ۾ داخل ڪريو. هو اهڙي ته سهڻي آهي جو منجهانئسنگاهه ڪڍڻ به مشڪل آهي. عمر هڪڙي تکي اُٺ تي سوار ٿي، مارن جي ملڪ ڏانهنروانو ٿيو. جڏهن مارئي تي نظر پيس ته اکيون جهڪن نه پيون. ڪيترا ڏينهن اتيتاڙ ۾ ويٺو رهيو. جڏهن وجھه مليو تڏهن مارئي کي اُٺ تي اُڏائي آڻي عمرڪوٽمان ڪڍيائين.اتي مارئي پاڻ بچائڻ لاءِ پاڻپتوڙيو. عمر جي طرفان کيس ڳھ ڳٺا، زيور، ڪپڙا به آڇيا ويا،ڊپ به ڏنا ويا ۽ خوشين جا خواب به ڏيکاريا ويا، مگر هو ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿي. عمر کي ايئنچوندي رهي ته اهو ڪهڙي مذهب ۾ روا آهي ته پنهنجي مڱيندي جو حق ڀڃي، تنهنجيبي بقا اسبابن جي چٽڪن تي لڳي ريجهي وڃان، پوءِ آخرت جي ڏينهن هلي شرمسارٿيان. عمر جڏهن هن جي آهن دانهن کان متاثر ٿيو، تڏهن هڪ سال بعد سندس مڙسکي گهرائي زيورن سميت ٻانهن ان جي حوالي ڪيائين ۽ کيس مارئي جي پاڪدامنهجڻ جي به تسلي ڏنائين“ بهرحال اهو ته هو عمر مارئي جو قصو پر اسان جي منزل پڄي چڪي هئي سڀ ڇوڪرا لٿاسين ۽ اسان قلعي کي گهمڻ شروع ڪيو تاريخي قلعي جي زبون حالي اسان کي حڪومتي بيحسي جي تاريخ ٻڌائي رهي هئي اسان ميوزيم به ڏٺو جتي سواءِ ڪجهه بندوقن ۽ ڪتابن جي ٻيو ڪجهه به نه هو ها ايترو ضرور هو جو ميوزيم جي اڳيان توپن جا اهي گولا به پيل هئا جن کي ڪڏهن دشمنن کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو اسان ڪوشش ڪري ڏٺي پر اهي گولا ايترا ته وزني هئا جو انهن کي کڻڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه هئي ان کانپوءِ اسان ماني کاڌي دوست ڄامشوري مان ئي چانور ٺهرائي هليا هئا جيڪي اسان عمرڪوٽ جي قلعي اندر قائم ٿيل ميوزيم جي پراڻي عمارت اڳيان ويهي کاڌا بوتل به ملي کاڌي مان فارغ ٿي اڳتي وڌياسين مون سان گڏ نظير سومرو به رولاڪي ڪندو رهيو اسان جنهن وقت قلعي جي ٻاهرين ڀت تي چڙهياسين ته اسان کي اهو احساس ٿيو ته ديوار چين جيان قائم ٿيل قديمي ديوار جيڪا ايتري ويڪري هئي جو ان تي ڪابه گاڏي آساني سان هلي سگهي ٿي پر اها به هاڻ مسمار ٿي رهي آهي ڪيترين ئي جاين تي کڏا پئجي ويا آهن ۽ انهن ۾ هاڻ ته ڪتن جا آستانه ٺهيل آهن ميوزيم جي ٻاهران پارڪ به تعمير ٿيل هئي جتي سائين سليم بيگ ۽ سائين عتيق هڪ دوست سان ويهي ڳالهين جا ڳوٺ اڏي رهيا هئا اسان ديوار تان ٿي واپس ورياسين پئي ته سحر کي پنهنجي ڪنهن ساهڙي سڏيو جنهن جي جواب ۾ هن ورندي ڏني ته سحر ناهي تڏهن الائي ڇو دل چيو ته چئي ڇڏجي جڏهن سحر نه هوندي تڏهن شهر اونداهين ۾ ٻڏي ويندا ڇو ته سحر صبح کي چئبو آهي اها صبح جنهن کانپوءِ ڏينهن ٿيندو آهي ۽ ڪيتريون ئي قومون انقلاب جي ان صبح جي انتظار ۾ جدوجهد ڪنديون رهن ٿيون. جنهن وقت ميوزيم ۽ عمرڪوٽ جو قلعو گهمي ورتو سين تڏهن سائين وارن چيو ته هاڻ واپسي جو سفر ڪجي ۽ پاڻ کي ڪجهه اڳتي ٿر ڏي به هلڻو آهي ميوزيم ۾ مون کي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر يوسف لغاري به مليو جيڪو پنهنجي ڌي ۽ خوبصورت فنڪاره خوشبو لغاري سان گڏ هو جيڪي پڻ ڪنهن گيت جي رڪارڊنگ لاءِ آيل هئا اسان ميوزيم اڳيان گروپ فوٽو به ڪڍرايا ان کانپوءِ ٿر واري علائقي ڏانهن وياسين جتان ڀٽن جو سلسلو شروع ٿيو پئي اهو سلسلو جيڪو انڊيا جي بارڊر تائين وڃي ٿو واپسي جو سفر به نيٺ شروع ٿيو واپسي وقت ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اسين سڀ صدين جيڏو سفر جهاڳي آيا آهيون ۽ اسان جو پنڌ اڃان به پرانهون آهي ٿڪل هئڻ ڪري شاگردن ۾ به اها چستي نه رهي هئي جو هو هر گيت تي رقص ڪن واپسي وقت ڳائڻ جو مقابلو به هلندو رهيو اسان کان ڇوڪريون ڳائڻ ۾ انهي ڪري به ملهه ماري ويون هيون جو هنن جا خوبصورت آواز جڏهن پوائنٽ ۾ گونجندا هيا تڏهن گهڙي لاءِ اسان به پاڻ وڃائي ويهندا هئاسون سڄي سفر ۾ عجيب ڳالهه اها به هئي ته اسان جو دوست علي اڪبر ڪتاب خدا اور محبت پڙهندو رهيو هو هي ڪتاب اهڙو آهي جو ان کي جڏهن به ماڻهو پڙهي ٿو ته پاڻ وڃائي ويهي ٿو ان ڪري ان ڪتاب جي سحر مان نڪرڻ لاءِ دل به نه چوندي آهي اسان دوست ۽ شاگردياڻيون ان ڳالهه تي توڙي جو اڪبر کي ٽوڪيندا رهياسين پر تڏهن به هو پڙهندو ئي رهيو هو واپسي جو سفر جيئن جو تيئن جاري هو ساڳين پيچرن تان ٿيندا اسان واپس موٽي رهيا هئاسين مقابلا به هلي رهيا هئا ته وري ڪنهن ڪنهن گهڙي ٽائيپ به هليو پئي عجيب ڳالهه ته اها هئي الائي ڇو سفر ۾ ڪوبه گيت من کي موهي نه سگهيو هو واپسي جي سفر ۾ جڏهن ڪنهن پنهنجا وار سنواريا تڏهن الائي ڇو مون کي عبدالحڪيم ارشد جي اها ڳالهه ياد پئي ته: ايئن وار پنهنجا نه سينگار تون، متان ڪا نظر توکي گهائي وجهي متان ڪو تنهنجي وارن جي ڪارن گهٽائن ۾، هميشه لئه جندڙي اڙائي وجهي نيٺ پوائنٽون اچي شگر مل اسٽاپ وٽ هوٽل تي بيٺيون جتي اسان کي چانهه پيئڻي هئي چانهه جنهن جي طلب ته صبح کان ٿي رهي هئي پر سفر ۾ هئڻ سبب ڪٿي ڪو اهڙو موقعو مليو ئي ڪونه هو جنهن وقت اسان چانهه ٿي پيتي ان وقت دوستن سان بيت بازي جو مقابلو به ٿيندو رهيو ته وري چانهه جون چسڪيون به ڀريندا رهياسين سج اولهه طرف آسمان کي الوداع چئي وڃي رهيو هو شام پنهنجا پاڇا پکيڙي ڇڏيا هئا چانهه پي اتان به الوداع چيوسين ته حيدرآباد جي هوائن ڏانهن سفر شروع ٿيو اهو سفر جيڪو دلربا به هو پر هاڻ پڄاڻي طرف وڃي رهيو هو هر ماڻهو کي پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻو هو ۽ گهڙي لاءِ ڏنل ساٿ پڄاڻي تي پهچڻو هو اسان ذهن جي اسڪرين تي انيڪ يادگيريون سجايون هيون اهي يادگيريون جيڪي صدين جي صدا بڻجي اسان جي من ۾ گونجنديون رهنديون، وڇڙڻ پڄاڻان به اهي پل ياد ايندا ۽ دل اهو چئي ڇڏيندي جيئن اياز گل چيو آهي: يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي، ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي. نيٺ پوائنٽ بس جيڪا مختلف پنڌن ۽ پيچرن کان ٿيندي هلي رهي هئي اها اچي حيدرآباد جي هوائن ۾ داخل ٿي ڪجهه دوست بدين اسٽاپ واري علائقي ۾ لٿا ته وري بس لطيف آباد واري علائقي ۾ آئي جتي سر سليم ۽ سر عتيق سميت ڪيترائي شاگرد لٿا ۽ شاگردياڻيون به لهي پنهنجن گهرن ڏانهن روانيون ٿيون جنهن وقت اسان حيدرآباد جي هوائن ۾ داخل ٿيا هئاسين ته حيدرآباد وارن سڀني دوستن کي هڪ پوائنٽ ۾ چاڙهيو ويو هو ته وري هاسٽل ۽ قاسم چوڪ وارن دوستن ۾ ٻي پوائنٽ ۾ روانو ڪيو ويو نيٺ پوائنٽ لطيف آباد جا علائقا لتاڙيندي اچي گل سينٽر وٽ بيٺي جتي اسان به لٿاسين ۽ سڀني دوستن کي الوداع چيوسين سفر پڄاڻي تي پڄي ويو ذهن جي صحن ۾ اهي ٽهڪ به گونجي رهيا هئا جيڪي اسان پوائنٽ بس ۾ ڏنا هئا ۽ اهي گيت به يادگيرين جو حصو بڻجي ويا هئا جيڪي مڌر آلاپ ٿي هوائن جو حصو ٿي ويا واپسي وقت جڏهن پوائنٽون حيدرآباد جي هوائن ۾ داخل ٿيون هيون ان وقت شاگردياڻين فائنل ايئر وارن ڇوڪرن کان اها به فرمائش ڪئي هئي ته اوهان روئي ڏيکاريو پر اهو ممڪن ڪٿي هو ماڻهو به ڪيڏو بيوس آهي جو چاهڻ باوجود نه مسڪرائي سگهندو آهي نه وري روئي سگهندو آهي ڪڏهن ڪڏهن حالتون هٿن مان نڪري وينديون آهن روئڻ جي فرمائش ڪندڙن گهڙي لاءِ ان ڇوڪري جي لڙڪن بابت سوچيو الائي نه جنهن جو موبائيل فون رستي ۾ پوائنٽ بس مان ڪري پيو هو جنهن جي اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ سندس چپن مان سڏڪن جون صدائون نڪتيون ٿي بهرحال سفر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ هر ڪو پنهنجن گهرن ڏي هليو ويو آئون به پنهنجي آفيس ڀيڙو اچي ٿيس ڇو ته مون کي اڃان به پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻي هئي.