هڪ عظيم ليڊر: جنهن اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ عظيم ليڊر: جنهن اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو!​


    سيد عرفان علي شاهه

    هن ملڪ ۾ ڀٽو کان وڌيڪ پسنديده ڪا به سياسي شخصيت ناهي. اها هڪ حقيقت آهي ته نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ ماڻهو هن عظيم شخص سان پيار ڪن ٿا، پر هن جي سوچ، نظرئي، مقصد ۽ خوابن کان گهٽ واقف آهن. شايد هاڻي به ڪيترا ئي اهڙا اسيمبلي ميمبر هجن، جن کي ڀٽوازم بابت گهٽ ڄاڻ هجي. منهنجو به ڀٽو سان پيار ڪرڻ جو ڪجهه اهڙو ئي رشتو هو. ننڍپڻ ۾ ان جي قسم ملڻ تي ڀت تان ٽپو ڏيڻ، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پيءُ جي نافرماني ڪندي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي گهمڻ ۽ ٻيون کوڙ ساريون يادون وابسته آهن. منهنجي هي محبت انهن لکين ماڻهن جيان ئي هئي، جيڪا مون هنن سان رهي هنن کان ئي سکي هئي. شايد ئي مارڪيٽ ۾ ڀٽي صاحب بابت ڪو اهڙو ڪتاب هجي، جيڪو مون وٽ نه هجي. آئون ڀٽي صاحب جي تعريف ۽ مخالفت ۾ لکيل سمورن ڪتابن جو مطالعو ڪري چڪو آهيان. ان جي سخت مخالف شير باز مزاري ۽ اصغر خان جا به لکيل ڪتاب پڙهيا اٿم ۽ ڪجهه ڏينهن ته انهن جي سحر ۾ ورتل رهيس. قيوم نظامي، رائو رشيد، ڪرنل رفيع سميت خود ڀٽي صاحب جا لکيل ڪتاب به پڙهيا آهن ته وري والپرٽ ۽ مودي جهڙن اڻ ڌرين ليکارين جا به ڪتاب نظرن اڳيان گذريا آهن. انهن ڪتابن مان هن جي خامين ۽ خوبين جو به پتو پيو ته وري ڪمزورين بابت به باخبر ٿيس ۽ پنهنجي ارادن تي ڄمي بيهڻ ۽ وڏين وڏين غلطين کي عوام آڏو تسليم ڪرڻ جي سگهه رکندڙ شخصيت بابت ڄاڻ ملي.

    سياست ۾ سياستدان گهڻا ئي هوندا، پر انهن ۾ اڳواڻ گهٽ هوندا آهن، شايد اهي پيدائشي ليڊر هوندا آهن، جن ۾ خاص خوبيون هونديون آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي به ڪيترين ئي خوبين سان گڏ هن جهان ۾ اک کولي هئي. 12 ورهين جي عمر ۾ جڏهن هو بس ۾ سرينگر وڃي رهيو هو، تڏهن هن مسافرن سان ٿيندڙ ويڌن ڏسي اهو فيصلو ڪيو ته اگر اقتدار مليو ته ٽرانسپورٽ کي قومي ملڪيت قرار ڏبو. جيڪا عمر ٻار جي رانديڪن سان کيڏڻ ۽ سکڻ واري هوندي آهي، انهيءِ عمر ۾ ڀٽو صاحب پنهنجي قوم جي مستقبل بابت هوم ورڪ ڪري رهيو هو. هن قائد اعظم محمد علي جناح کي خط لکي اهو چيو هو ته، ”آئون هن ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي مقدس ڌرتي لاءِ وڙهي ته نٿو سگهان، پر هڪ وقت اهڙو ضرور ايندو، جڏهن مان هن ڌرتي لاءِ پنهنجي جان به ڏئي ڇڏيندس.“

    قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي يونيورسٽي دور جا ساٿي ٻڌائين ٿا ته هو اڪثر پوري مسلم امه کي سپر پاور جي مقابلي ۾ متحد ۽ مضبوط بنائڻ جا خواب ڏسندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ۽ پڪا مثال ڏئي سمجهائيندو به هو. هو پين اسلامڪ ليگ ٺاهڻ جو خواهشمند هو. مطلب ته هن جو صرف پيپلز پارٽي ٺاهڻ جو خواب نه هو، پر هو ته پوري دنيا جي مسلمانن جي پارٽي ٺاهڻ جا خواب ڏسندو هو. ڀٽو انتهائي سمجهدار ۽ جذباتي انسان هو. اڄ سياست ۾ جذبات کي بيوقوفي تصور ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن جذباتن جي اظهار کي ئي ختم ڪيو وڃي ته پوءِ انسان ۽ حيوان ۾ ڪو خاص فرق نٿو رهي. آمريڪا ۾ شاگردي واري دور ۾ هڪ يونيورسٽي ۾ عالمي پروگرام ۾ تقرير ڪندي شهيد ڀٽي هڪ عورت کي مخاطب ٿيندي چيو، (جيڪا هن کان اڳ تقرير ڪري چڪي هئي) ته ”اگر تو کي اها خبر ناهي ته منهنجو ملڪ ڪٿي آهي ته مان توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس، اگر تون ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿي ته پوءِ توکي دنيا جي هر ننڍي جزيري بابت ڄاڻ هجڻ کپي.“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1970ع ڌاري لاهور جي موچي گيٽ وٽ تقرير ڪندي چيو هو ته، ”ماڻهو چون ٿا ته آئون جذباتي آهيان ۽ عوام جي جذبن سان کيڏندو آهيان، پر آئون انهن کي اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان هڪ غيرتمند مسلمان آهيان، انهن جذباتن جي ڪري ئي ڀٽو ۽ غريب عوام جو رشتو جڙيل آهي.“ شايد اڄ انهيءِ ڪري اسان مان ڪو ليڊر پيدا نٿو ٿئي جو ڪير عوام سان جذباتي رشتو ئي جوڙي ناهي سگهيو.

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب پرڏيهي وزارت دوران ملڪ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو شايد اسان جي دوستن کي خبر ئي آهي. پاڪ-چين دوستي هجي يا روس سان بهتر تعلقاتن سميت ٻيا ڪيترائي ڪم، جن جو ڪريڊٽ ايوب خان جي کاتي ۾ وڌو وڃي ٿو، اصل ۾ اهي ڀٽي صاحب جا ڪارناما آهن. ملڪ دشمن عنصر بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جو الزام شهيد ڀٽي تي لڳائيندي (ادهر تم ادهر هم) جو نعرو بار بار دهرائين ٿا. قيوم نظامي پنهنجي ڪتاب ”جو ميني ديکها اور سُنا“ جي 100 نمبر صفحي تي لکي ٿو ته، ”ڀٽي صاحب ڪراچي جي هڪ جلسي ۾ چيو هو ته ”مجيب اوڏانهن تون ۽ هيڏانهن آئون اڪثريت ۾ آهيان، اچ ته ٻئي اڪثريتي اڳواڻ ڳالهيون ڪري پاڪستان کي بحران مان ٻاهر ڪڍون.“ ٻئي ڏينهن هڪ اردو روزاني اخبار ”اُدهر تم، ادهر هم“ جي سرخي لڳائي.

    قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيترا ڪم ڪرايا، ايترا شايد ئي ڪير ڪرائي سگهيو هجي يا ڪرائي سگهي. اها ايڏي وڏي ليڊر جي ڪيڏي نه وڏي بدقسمتي آهي، جو ان جي نالي کي ته ڪيش ڪرايو وڃي ٿو، پر سندس ايڪشن جي پيروي نه ٿي ڪئي وڃي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کان چين جي دوري دوران چواين لائي (جيڪو چين جو وڏو ليڊر هو) پڇيو ”ته تون ايڏو تڪڙو ڇو آهين؟ سمورا ڪم ايترو جلدي ڇو ٿو ڪرڻ چاهين؟“ تنهن تي ڀٽي صاحب جواب ڏنس ته ، ”توهان واقعي صحيح ٿا چئو، مان انهيءِ ڪري تڪڙ ٿو ڪريان جو اسٽيبلشمينٽ مونکي ايترو وقت نه ڏيندي، مان پنهنجي ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهيان.“



    بشڪريه عرفان علي شاه ڪاوش اخبار جي ٿورن سان گڏ

    http://www.youtube.com/watch?v=LtzDixXLtZo&feature=related


    l]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو