قومن جي عروج ۽ زوال جا بنيادي سبب مولانا محمد تقي اميني رح قرآن حڪيم قومن جي قيام ۽ بقا لاءِ بنيادي حيثيت سان ٻه شيون ضروري قرار ڏنيون آهن ۽ اهي ٻئي انساني فطرت ۽ مقام مطابق آهن: (1) اخلاقيات جي اعليٰ پيماني تي تنظيم ۽ (2) ماديت جي ارتقا جو سلسلو. انهن ٻنهيءَ مان ڪنهن هڪ ۾ به غفلت اختيار ڪئي وئي ته بين الاقوامي ميدان ۾ نه اها قوم اصلح سڏبي ۽ نه ئي ان جي قيام ۽ بقا جي ڪا ضمانت ٿيندي. يعني جيڪڏهن فقط ماديت ڏانهن ڌيان ڏنو ويو ۽ ان سان گڏ مٿانهن تصورن ۽ اخلاقي قدرن جي تنظيم نه ٿي ته اڳتي هلي اها ئي ماديت غير مفيد بلڪه تباهه ڪندڙ بڻجي ويندي. قومن جي تاريخ ۾ اهڙا مثال ڪثرت سان ملن ٿا جن شروعات ۾ ڪجهه اخلاقي تبديليون ڪري (۽ ان اخلاقيات جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي مرحلن مان گذري، منظم بڻجي ۽ انقلاب آڻي) طاقت ۽ اقتدار حاصل ڪري ورتو، پر بعد ۾ ماديت ڏانهن مڪمل طور متوجه ٿي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويون. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن مٿانهن تصورن ۽ اخلاقي قدرن سان گڏ ماديت جي ارتقا جاري نه رهي ته ان سان نه ڪو مضبوط ۽ پائدار ڪلچر پيدا ٿيندو ۽ نه ئي ان جي بقا جي ضمانت ملندي. تاريخ ۾ اهڙين قومن جا مثال پڻ موجود آهن ته طاقت ۽ بادشاهت کسجڻ کانپوءِ جڏهن مادي ارتقا جو سلسلو ختم ٿي ويو ته سندن علم ۽ تهذيب ۽ تمدن وغيره سڀ موڪلائي ويا ۽ آخرڪار هوريان هوريان اهي قومون پڻ ختم ٿي ويون. قومي بقا جي ضمانت: ”عدل“ قرآن حڪيم قومي ۽ جماعت زندگيءَ ۾ عدل ۽ عدالت تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو آهي. غور سان ڏٺو وڃي ته سمورن سٺن عملن جو بنياد ۽ قومي اخلاق جو خلاصو هيءَ ئي خصلت آهي. امام غزالي رح ”عدل“ کي فضيلتن جو مجموعو قرار ڏيندي ان جي وصف ڪئي آهي ته ”عقلي ۽ شهواني قوتن جي ضروري ترتيب ۽ تنظيم ۽ پوءِ ان مطابق انهن قوتن جي عمل ۾ اچڻ جو نالو ”عدل“ آهي. عدل فضيلت جي مجموعي جو نالو آهي. فضيلتن جي ٽن اصولن (پاڪائي، دانائي، بهادري) جو فروغ خود عدل جا فروع آهن.“ (احياءُ العلوم ج3 ص 48) حضرت شاهه ولي الله رح عدالت جي وصف هيٺين لفظن ۾ بيان ڪئي آهي: ”عدالت هڪ صلاحيت جو نالو آهي جنهن مان اهڙا عمل ۽ ڪم صادر ٿيندا آهن جو انهن جي ذريعي ملڪي ۽ قومي انتظام سولائيءَ سان قيام پذير ٿيندا آهن.“ (حجة الله البالغه جلد پهريون ص 98) اهڙيءَ طرح قومن ۽ جماعتن جي زوال جا ڪجهه بنيادي سبب هي آهن: (1) شرڪ ۽ نفاق (2) بي عملي ۽ بد عملي (3) باطل پرستي ۽ خود فريبي (4) ڪمزوري ۽ خود غرضي. انهن جي مفهوم ۾ عموميت هن طرح پيدا ڪري سگهجي ٿي: (1) جن اصولن ۽ نظرين تي ڪنهن تحريڪ جو بنياد هجي يا ڪنهن قوم جي تنظيم ٿي هجي، انهن کي تسليم ڪرڻ جي باوجود شرڪ يا ناق سبب دل ۾ يقين ۽ اڀارجي اها ڪيفيت پيدا نه ٿي هجي جيڪا ايمان جي خاصيت ۽ نتيجو هجي. (2) اصولن ۽ نظرين کي ڪم آڻڻ لاءِ جن جن صلاحيتن ۽ تدبيرن جي ضرورت پوي ۽ جنهن قسم جي اطلاعت ۽ قربانيءَ جو مطالبو ڪيو وڃي، قوم جا فرد ان لاءِ تيار نه هجن يا ان جي خلاف عمل ڪندا هجن. (3) قوم جا فرد حق پرستيءَ بدران باطل پرستيءَ ڏانهن مائل هجن ۽ حق جي پرچار بدران خود فريبيءَ ۾ مبتلا هجن. (4) قوم جي فردن ۾ استقلال ۽ ضبط نفس جي کوٽ هجي ۽ ڪمزوري ۽ خود غرضي سندن رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي هجي. شرڪ ۽ نفاق جي حقيقت شرڪ جو مطلب الله جي ذات، صفتن ۽ ڪمن ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ آهي. ان جو اصل تعلق عقيدي سان آهي. نفسياتي لحاظ کان جڏهن عقيدي ۾ لوڏو ۽ تزلزل اچي وڃي، اهو ڪمزور ٿي پوي ته پوءِ زندگيءَ جي ڪا به ڪل درست نٿي رهي سگهي. اجتماعيت جي ڄاڻن جي نظر ۾ عقيدي جي حيثيت بنياد يا ٿنڀي واري آهي ۽ قومي ۽ جماعتي زندگيءَ کي اصل خطرو اصولن ۽ عقيدن جي بي يقيني سان ئي پيدا ٿيندو آهي. (”انقلاب الامم“ ص 147.) لحاط کان شرڪ جو اثر زندگيءَ جي سمورن پاسن ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ ان جي پوري نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيندو آهي. نفاق جون عام طور ٻه شڪليون ملن ٿيون: (1) ڪنهن زندگيءَ جي نظام کي عمل ۾ آڻڻ کانپوءِ مخالفن جو گروهه مفادن جي حصول خاطر يا نقصانن کان بچڻ جي غرض سان ان نظام جي تعليمات کي هڪ حد تائين اپنائيندو آهي پر دل سان نه مڃيندو آهي. (2) دل سان مڃڻ وارن ۾ ڪيترائي اهڙا فرد هوندا آهن جن ۾ يقين ۽ عمل جو اهو روح پيدا نه ٿيندو آهي جيڪو ڪنهن تعليم کي حقيقي معنائن ۾ قبول ڪرڻ کان پوءِ هجڻ گهرجي، ۽ اخلاص ۽ سچائيءَ جا اهي جوهر نمايان نه ٿيندا آهن جيڪي ايماني ڪمال جو نتيجو آهن. هيءَ حالت هيٺين سببن ڪري پيدا ٿيندي آهي: (1) پراڻين ريتن رسمن ۽ رواجن جو غلبو (2) نفسائي خواهشن جي پيروي (3) ذاتي غرض ۽ مفاد (4) دنياوي لذتن سان چنبڙي پوڻ (5) تلقيدي جمود وغيره رسول الله ﷺ جي فرمان ۾ اهو ئي مراد آهي: ”چار خصلتون اهڙيون آهن جيڪي جنهن شخص ۾ گڏ ٿي وڃن ته اهو پورو منافق آهي. ۽ جنهن ۾ ڪا هڪ ملي ته سمجهو ته نفاق جي هڪ خصلت پيدا ٿي وئي، جيتوڻيڪ اهو نماز پڙهندو هجي، روزو رکندو هجي ۽ پاڻ ۾ گمان ڪندو هجي ته اهو پڪو مسلمان آهي: (1) جڏهن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي. (2) جڏهن واعدو ڪري ته ان جي ابتڙ ڪري(3) جڏهن وٽس امانت رکجي ته ان ۾ خيانت ڪري (4) جڏهن ويڙهه جهڳڙو ڪري ته گار گند ڪڍي.(مسلم وغيره) هيٺ قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ اجتماعي زندگيءَ ۾ شرڪ ۽ نفاق جا ڪجهه اثر بيان ڪن ٿا، جن مان معلوم ٿيندو ته زوال آڻڻ ۾ هي ٻئي ڪيتري قدر دور رس اثر رکندڙ آهن: (1) اصولن ۽ نظرين تي عزم ۽ يقين جو اهو روح باقي نه رهندو آهي جيڪو انسان کي سراپا عمل بڻائيندو آهي ۽ سندس رعب ۽ هيبت قائم رکندو آهي. (2) زندگيءَ ۾ نظم۽ مرڪزيت باقي نه رهندي آهي ۽ اطاعت ۽ اتحاد جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي. ”جڏهن کين الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو ته انهن مان هڪ ٽولو هڪدم ڦري وڃي ٿو.“ (3) دل جو استحڪام ۽ الله تي ڪامل اعتقاد نه رهندو آهي جنهن ڪري همت پست رهندي آهي، ضبط نفس ۽ مردانگيءَ جو روح فنا ٿي ويندو آهي ۽ آهستي آهستي زندگيءَ جا عنصر ۽ جزا: اقدام، عزم، بهادري ۽ ارادو وغيره سڀنيءَ ۾ زوال اچي ويندو آهي. جيئن قرآن حڪيم ايمان واري زندگيءَ کي ”القول الثابت“ سان تعبير ڪيو آهي ۽ حقيقي ايمان کان محروم زندگيءَ کي ”مالهامن قرار“ (جنهن کي ڪا پاڙئي ڪانهي) ابراهيم- ). گڏوگڏ اهڙي حالت ۾ طبيعت طرح طرح جي وهمن ۽ خيالن جو مجموعو بڻجي ويندي آهي. (4) سندن ظاهر ۽ باطن ۾ يڪسانيت نه رهندي آهي. جيستائين ذاتي غرضن ۽ مفادن خلاف ڪرڻ جو سوال نه هجي، سندن اقوال ۽ افعال هر طرح سان سينگاريل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. پر جڏهن ايثار ۽ قربانيءَ جو وقت ايندو آهي يا ڪنهن ننڍڙي مفاد تي ضرب پوندي آهي ته بي نقاب ٿي سامهون ايندا آهن. منجهن ) سهاري ڏيڻ ۽ برداشت جي سگهه بلڪل نه هوندي آهي” (منافقون 4) (5) مقصد واضع شڪل ۾ آڏو نه هوندي آهي، جنهن ڪري جدوجهد جي رفتار ڍري ٿي ويندي آهي ۽ تن پروري ۽ عيش پرستيءَ جي ذهنيت ظاهر ٿيندي آهي.(ذاريات 9) (6) محنت ۽ مشقت وارا ڪم نه ٿي سگهندا آهن. پاڻ بچائڻ، مصلحت پسندي، هٺ ڌرمي ۽ حيله سازي وعيره جهڙا جراثيم زندگيءَ ۾ نمودار ٿيندا آهن. (توبه- 42) جڏهن مذهبي طبقو انهن جراثيمن جو شڪار ٿيندو آهي ته ان جو مذهب اهڙي حالت ۾ افاديت ۽ صلاحيت جو جوهر وڃائي ويهندو آهي ۽ دنيا طلبي ۽ هوس پرستيءَ جو ذريعو بڻجي ويندو آهي. (7) ذاتي غرضن ۽ مفادن جي بندگي ٿيندي آهي، پنهنجي معمولي مفاد لاءِ قوم جي جبل جيڏي نقصان جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي. (توبه-46-50) (8) قومي ۽ جماعتي شعار جي ادائگي اهڙي بي دليءَ ۽ بدذوقيءَ سان ڪئي ويندي آهي ڄڻ ڪو ٻوجهه مٿان اچي پيو آهي جو جيترو ٿي سگهي جلد ان کان ڇوٽڪارو ملي پوي. (9) ڪجهه ماڻهو الڳ ٿلڳ رهي حالتن ۽ واقعن جي رفتار جو جائزو وٺندا آهن، جنهن جماعت جو جڏهن پڙ ڳڙو ڏسندا آهن ته ان سان شامل ٿي ويندا آهن ۽ گذريل وقت بابت غذر ۽ معذرت ڪري ڇڏيندا آهن. هن ۾ اها صورت به شامل آهي ته مغلوب قوم جا فرد غالب قوم سان ملي ويندا آهن ۽ پوءِ کين عهدن يا انعامن جي ذريعي کانئن پوري قوم کي دٻائڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي. (10) اخلاص ۽ سچائيءَ وارو روح نڪري ويندو آهي آهي، پوءِ جائز ۽ ناجائز، درست ۽ نا درست، جيئن به مال ملي اهو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. (توبه- 58) (11) ايمان ۽ يقين جي دولت کان محروميءَ سبب قوتِ ارادي (همت) ختم ٿي ويندي آهي. عزم ۽ همت جي ڪمن وقت اهڙي روش اختيار ڪئي ويندي آهي جنهن مان انتهائي بزدلي ۽ ڪميڻائپ جو ثبوت ملندو آهي. (توبه- 57) (12) دين جي پيرويءَ جو روح اڻلڀ ٿي ويندو آهي. دينداريءَ جو ڏيکاءُ فقط ان لاءِ هوندو آهي ته ان کي دنيا ڪمائڻ جو هٿيار ۽ ذريعو بڻائجي. ان نمائش ۾ فروعي ۽ معمولي ڳالهين تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ بنيادي ۽ اصولي احڪامن ڏانهن ڪو به ڌيان نه رهندو آهي. (13) فرقيواريت ۽ گروهه بندي طبيعتن جو حصو بڻجي ويندي آهي. حق پرستيءَ جي جاءِ تي گروهه پرستي اچي ويندي آهي. چڱي ۽ برائيءَ کي جاچڻ لاءِ عقيدي ۽ عمل کي معيار نه بڻايو ويندو آهي پر اهو ڏٺو ويندو آهي ته ”اهو اسان جي ٽولي، گروهه ۽ فرقي ۾ شامل آهي يا نه.“ (14) تعميري ڪمن ڏانهن ڌيان نه رهندو آهي. هر گروهه ٻئي گروهه جي تحقير ۽ تذليل کي دين ۽ ايمان جي سڀ کان وڏي خدمت سمجهڻ لڳندو آهي. (15) ڪوڙ ۽ واعدي خلافيءَ سان ڪم ڪڍڻ کي هنر سمجهيو ويندو آهي، ان جي خرابيءَ جي اهميت دل مان نڪري ويندي آهي. (توبه- 77) (16) قومي ۽ جماعتي خدمت جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو خلوص سان ان فرض کي سرانجام ڏيندا آهن ته کين طعنن ۽ مهڻن سان ملامت ڪئي ويندي آهي ۽ سندن مذاق اڏايو ويندو آهي. (توبه- 79) (17) غلط قسم جو تقليدي جمود پيدا ٿي ويندو آهي ۽ استنباط (نتيجو اخذ ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ) جي سگهه ۽ صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي. (18) حقيقتن کان نظر ڦري ويندي آهي. جادو، ٽوڻي ۽ وهمي ۽ خيالي ڳالهين تي نظر ڄمي ويندي آهي. (19) الله تي نظر نه رهندي آهي بلڪه ٻين شين کي مؤثر بالذات سمجهڻ جو رواج عام ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري خوف ۽ بزدلي پيدا ٿي پوندي آهي ۽ ڪنهن مهم ۾ شرڪت جي جرائت ۽ همت باقي نه رهندي آهي. (20) الله کان وڌيڪ انسانن جو خوف ٿيندو آهي. (حشر 1.3) بي عملي ۽ بد عملي زوال جو ٻيو بنيادي سبب بي عملي ۽ بد عملي آهي ان جون ٻه صورتون آهن: (1) سيرت جي جوڙجڪ ۽ تنظيم سان لاڳاپيل جيڪي اخلاقي اصول ۽ هدايتون آهن انهن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف عمل ڪجي. (2) حالتن ۽ دور جي تقاضائن جي مناسبت سان قوم ۽ جماعت جي قيام ۽ بقا لاءِ جنهن قسم جي مادي جدوجهد گهربل آهي ان کان غفلت ڪئي وڃي. (1) اخلاقي سطح نهايت پست ٿي ويندي آهي. ڪردار جو ڪو به معيار باقي نه رهندو آهي ۽ گناهن ڪرڻ ۾ بيباڪي پيدا ٿي ويندي آهي. ايستائين جو هوريان هوريان گناهن ۾ احساس پڻ دل مان نڪري ويندو آهي. قرآن حڪيم ۾ آهي: ” ۽ ڪيترائي ڳوٺ ظلم ۽ فساد ۾ ٻڏل هئا، اسان تباهه ڪيا ۽ انهن کانپوءِ ٻين ٽولن کي آڻي بيهاريو“ آيت ۾”ظالمته“ جو لفظ آهي ۽ ظلم جي معنيٰ ”وضع الشئي في غير محله“ (جنهن شيءِ جو جيڪو هنڌ هجي ان جو اتي نه هئڻ) آهي. هڪ هنڌ شرڪ کي ”ظلم عظيم“ چيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪا بي موقع ڳالهه ٿي نٿي سگهي. اهڙيءَ طرح سموريون برايون ۽ بد اخلاقيون انسان جي عظمت ۽ بلنديءَ جو جيڪو هنڌ مقرر ڪيو آهي اهي (بد اخلاقيون) ان جي خلاف آهن ۽ ان لحاظ کان ”ظلم“ ۾ داخل آهن. (2) انسانيت حيوانيت جي حدن ۾ داخل ٿي ويندي آهي. قرآن حڪيم ۾ اخلاقي پستي ۽ بي حسيءَ جو ذڪر هن طرح ڪيو ويو آهي: ”بيشڪ الله جي نظر ۾ سڀ کان بدتر حيوان اهي انسان آهن جيڪي ٻوڙا گونگا آهن ۽ سمجهن نٿا.“ انسان جي عظمت ۽ بلنديءَ جو اصل راز سندس اخلاق ۽ ڪردار ۾ لڪل آهي، ڪنهن زندگيءَ ۾ (پوءِ اها انفرادي هجي يا اجتماعي) اهو جڏهن نه هجي نه ان جي حيثيت جانورن کان به بدتر ٿي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اخلاق ۽ ڪردار ۾ تسخيري ۽ تنظيمي صلاحيت جا جوهر موجود آهن جن کان ظاهري ۽ باطني دشمن سان مقابلي وقت ڪم ورتو ويندو آهي. (3) ترقيءَ جا جذبا ٿڌا ٿي ويندا آهن ۽ مٿس مايوسي ڇائنجي ويندي آهي. بلند پروازي ۽ اوالوالعزميءَ جا سر چشما سڪي ويندا آهن. پوءِ عارضي ۽ معمولي فائدن کي زندگيءَ جو مقصد سمجهي انهيءَ جدوجهد ۾ سموري زندگي گذري ويندي آهي. هيءَ ”ذلت تي قناعت ۽ جدوجهد کان پرهيز،اهي سڀ انهن جي بي عملي ۽بد عمليءَ جا اثر ۽ نتيجا هئا جنهن ڪري انهن مان اسنانيت جو جوهر برباد ٿي ويو ۽ سندن سيني ۾ نه سچي دل باقي رهي ۽ نه دلي ۾ زندگي پيدا ڪندڙ خواهشون رهيون هيون. قرآن حڪيم مختلف قومن ۽ پيغمبرن جي ذڪر ۾ عمل ۽ رد عمل جو جيڪو نقشو چٽيو آهي ان مان مٿين حقيقتن جي چٽائي ٿئي ٿي. (4) قوم طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي. عيش، پرستيءَ جي ذهنيت خاص ۽ عام تي قابض ٿي ويندي آهي. مفت خورن جو هڪ طبقو پيدا ٿي پوندو آهي جيڪو قوم تي بار بڻبو آهي ۽ چرپر ۽ عمل کانسواءِ عيش عشرت جي زندگيءَ گذارڻ جو خواهشمند رهندو آهي. اهڙي حالت ۾ همدردي، غم خواري، ايثار ۽ قرباني وغيره جا جذبا وسامي ويندا آهن ۽ خود غرضي، خود فريبي ۽ خوشفهميءَ جا جذبا اڀري ايندا آهن ۽ هر فرد ٻئي کان ڊپ ۽ خوف ۾ رهندو آهي. تاريخ جو هيءَ الميو به هڪ عجيب ۽ غريب آهي ته طبقاتي ڪشمڪش جي وقت حڪمرانن ۽ قومي نمائندن جو پاڻ ۾ هميشه اتحاد رهيو آهي ۽ انسانيت جي تذليل ۾ ٻنهي هڪ ٻئي جو هٿ ونڊايو آهي. تنهن ڪري قرآن حڪيم سرمائيداريءَ جو ڪردار قانن جي سلسلي ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته جڏهن هيءَ (سرمائيداري) انفرادي زندگيءَ ۾ اڀرندي آهي ته ڪيتري قدر دردنگي ۽ خدا فراموشيءَ جو مظاهرو ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح قومي نمائندن جو ذڪر هيٺين آيت ۾ آهي: ”اي مومنو (يهودين ۽ عيسائين جي) عالمن ۽ مشائخن ۾ هڪ وڏو ڳاڻاٽو اهڙن جو آهي جيڪي ماڻهن جو مال ناحق کائن ٿا ۽ الله جي راهه کان کين روڪين ٿا.“ (توبه- 34) قرآن نازل ٿيڻ وقت يهودي ۽ عيسائي ڇاڪاڻ ته زوال پذير قوم هئا، تنهن ڪري ترجمي ۾ انهن جا علماءِ ۽ مشائخ مراد ورتا ويا. ساڳي حالت زوال جي وقت هر قوم جي اڪثر عالمن ۽ مشائخن جي هوندي آهي. (5) توڪل ۽ تقدير جو غلط مفهوم عام ٿيويندو آهي.(تقدير الله جي علم ۽ اندازي جو نالو آهي ته ڪا به شيءِ سندس علم ۽ اندازي کان ٻاهر ڪونهي ۽ توڪل ڪامل جدوجهد سان الله تي اعتماد ۽ ڀروسي کي چئبو آهي. انهن ٻنهيءَ تي اصل حقيقت نه انسان کي بي عمل بڻائيندي آهي ۽ نه سستي ۽ ڪاهلي پيدا ڪندي آهي، بلڪه هڪ خاص سوچ ڏيئي هر وقت سرگرم عمل رکندي آهي. گڏوگڏ زندگيءَ جا کوڙ سارا فتنا دفع ٿيندا رهندا آهن. مثال طور، ڪاميابيءَ جي صورت ۾ غرور پيد اناهي ٿيندو جيڪو ترقيءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ مايوسي پيدا نه ٿيندي آهي جيڪا موت برابر آهي. ان کانسواءِ ماڻهو نفس تي اعتماد ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بزدلي ۽ ڪم همتيءَ کان پڻ بچي ويندو آهي.) جنهن ڪري عملي قوتون ۽ صلاحيتون مفلوج ٿي وينديون آهن، ناعاقبت انديشي ۽ سستي طبيعت جو حصو بڻجي ويندي آهي ۽ بنا ڪنهن جدوجهد جي اهو خيال پيدا ٿي پوندو آهي ته جيڪو تقدير ۾ لکيل هو اهو ٿيو ۽ اڳتي به تقدير ۾ جيڪو لکيل آهي، اهو ئي ٿيندو. ان صورتحال جو اثر زندگيءَ ۾ هيئڻ ظاهر ٿيندو آهي جو پنهنجي ذات ۽ مذهب جي مٿانهين هجڻ جي خيالي گهمنڊ ٻين شمورين شين کان ڪناره ڪشيءَ ۾ عافيت معلوم ٿيندي آهي، گڏوگڏ قدامت پرستي ۽ جمود منجهن پيهي ويندو آهي. ان جي تائيد قومن جي هيٺين جوابن مان ٿئي ٿي. ”اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جنهن تي اسان پنهنجي پيءَ ڏاڏي کي ڏٺوسين“. ”اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي انهيءَ عقيدي ۽ طريقي تي ڏٺو آهي ۽ اسان انهن جي ئي نقش قدم تي هنداسين“. (زخرف. 23) اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي ڇڪتاڻ کان پرهيز ڪندي ڪندي مذهب ڪجهه رسمن ۽ رواجن جو مجموعو بڻجي ويندو آهي. ان جي باوجود خوش فهميءَ ۽ خود فريبيءَ جو هيءُ عالم هوندو آهي جو ”الله جو پيارو“ ۽ ”جنت جو حقدار، رڳو پاڻ کي ئي سمجهندا آهن ۽ بنا ڪنهن جدوجهد ۽ عمل جي پنهنجي ساراهه جا خواهشمند رهندا آهن. (6) دليون سخت ۽ بيجان ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري عبرت، نصيحت ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ئي ختم ٿي ويندي آهي ۽ انسان پنهنجي تباهه ٿيل حالت تي قانع ۽ مطمئن بڻجي ويندو آهي. ان کانپوءِ ترقيءَ جي امنگن ۽ جاندار تمنائن وغيره جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ”(بد عملن ۽ نڀاڳ سبب) توهان جون دليون سخت ٿي ويون آهن. اهڙيون سخت ڄڻ پٿر جا جبل آهن يا ان کان وڌيڪ سخت.“ قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ دل جي سختيءَ جا اثر ۽ عملي نتيجا هيٺ ڏجن ٿا: (الف) حق ۽ صداقت جي وضاحت کانپوءِ به ماڻهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. (بقره.87) (ب) مصلحين (سماج سڌارڪن) تي طرح طرح جا الزام لڳائي کين ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. (ج) هڪ ٻئي جي مذهن کي ڪوڙو ۽ اڻپورو ڄاڻائيندا آهن. اهو اختلاف ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي هوندو آهي جنهن کي هو عين دين سمجهندا آهن. (د) احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا رهندا آهن. مخالف جي طاقت دل ۽ دماغ تي اهڙيءَ طرح ڇائنجي ويندي آهي جو ان سان مقابلي جي تصور کان ئي ڏڪندا آهن. (ر) گهڻائي ۽ ٿورائيءَ جو بحث شروع ٿي ويندو آهي. حالانڪه ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو مدار ٿورائي ۽ گهڻائيءَ تي نه پر ذاتي جوهر ۽ صلاحيت تي آهي. (س) ڏينهون ڏينهن برائيءَکان روڪيندڙ گهٽبا ويندا آهن ۽ دين فروشن جو غلبو ٿيندو ويندو آهي.(اعراف- 169) (ح) مال ۽ دولت ۽ زندگيءَ سان محبت وڌي ويندي آهي، جنهن جا هيٺيان اثر زندگيءَ ۾ نمودار ٿيندا آهن. (الف) عزم ۽ همت، ايثار ۽ قربانيءَ جا ڪم نه ٿي سگهندا آهن. (ب) قومي ۽ جماعتي مفاد نظرن کان اوجهل ٿي ڪري رڳو ذاتي غرض ۽ مفاد پيش نظر هوندا آهن. (ج) فوجي طاقت کسجي ويندي آهي ۽ جنگي سامان جي جاءِ عيش عشرت جو سامان وٺندو آهي. (د) خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جا خبيث جذبا زندگيءَ ۾ پيهي ويندا آهن. (ر) حقن جي تحفظ ۽ بقا جي جدوجهد ۽ قومي عزت ۽ ناموس جا جذبا دل مان نڪري ويندا آهن. (7) مال ۽ دولت ۽ زندگيءَ سان محبت عوام تائين محدود نه رهندي آهي، بلڪه اڪثر عالم پڻ ان ۾ ملوث هوندا آهن ۽ هو ان سلسلي ۾ خدائي حڪمن جي تحريف کان به نه گهٻرائيندا آهن ۽ آسان ۽ پنهنجي ضرورت مطابق احڪام قبول ڪندا آهن ۽ جن ۾ محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي آهي، انهن کي ڇڏڻ ۾ عافيت سمجهندا آهن. (8) ذهنيتن تي پردا پئجي ويندا آهن، کليل ترقيءَ جي راهن کي ڏسڻ باوجود انهن کي اپنائڻ جي همت نه ٿيندي آهي. شيطان سندن عملن کي انهن جي نظرن آڏو خوبصورت بڻائي پيش ڪندو آهي. (9) ماڻهو علم ۽ دانائيءَ کي حاصل ڪرڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته جنهن ماحول ۾ هو رهندا آهن اتي علم ۽ حڪمت جو گذر ئي نه ٿيندو آهي. (10) مذهب جي غلط تخيل سبب دين ۽ دنيا جا ٻه الڳ الڳ طبقا بڻجي ويندا آهن ۽ اهو خيال عام ٿي ويندو آهي ته دنيا سان گڏ دين تي عمل ڪرڻ ناممڪن آهي. (جڏهن ته دين جو ميدان عمل هيءَ دنيا ئي آهي ۽ آخرت ۾ جو ڪجهه ٿيندو اهو هن دنيا جي ئي اثرن ۽ نتيجن تي مشتمل هوندو.) ان ورڇ سبب مذهبي طبقي آڏو ڪو به ميدان نه رهڻ ڪري سندن سموري جدوجهد فروعي ۽ فرسوده مسئلن (جن جي زندگيءَ جي حقيقتن سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي) جي موشگافين ۾ محدود ٿي ويندي آهي ۽ هو هوس پرستيءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي. باطل پرستي ۽ خود فريبي امام راغب اصفهاني رح ”الحق“ جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته، الحق جي اصليت ”مطابقت ۽ موافقت“ آهي. باطل ”حق“ جي بلڪل ابتڙ آهي. قومي ۽ جماعتي زندگيءَ ۾ انهن اثرن جي صورت هيءَ آهي ته. انسان معنوي لحاظ کان ٻن شين کان مرڪب آهي: (1) هڪ هيءُ آهي جنهن جي ذريعي حيواني زندگيءَ جي قيام ۽ بقا جي جدوجهد ٿيندي آهي ۽ (2) ٻي هيءَ آهي جنهن جي ذريعي انساني زندگي (انسانيت) جي نشونما جي جدوجهد ٿيندي آهي. ٻئين جزي جو مقصد حق ۽ حقيقت جو ادراڪ ۽ عملي زندگيءَ ۾ ان کي ڪم آڻڻ آهي. قوم جڏهن باطل پرست ٿي ويندي آهي ته گهڻو ڪري ان جو اثر انهيءَ ٻئين جزي تي پوندو آهي، جنهن ڪري بصيرتِ نفس ختم ٿي ويندي آهي. (بصيتِ نفس ادراڪ جي اها صلاحيت آهي جيڪا حق پرستيءَ جي نتيجي ۾ انسان کي حاصل ٿيندي آهي.) صحيح ذوق ۽ وجدان باقي نه رهندو آهي. تنهن ڪري نه حق جو ادراڪ ٿي سگهندو آهي ۽ نه ان کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي. قرآن حڪيم قوم جي ان حالت کي ”دلين تي مهر لڳائڻ“ وغيره جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. (2) نفسن ۾ هڪ خاص قسم جو انجماد پيدا ٿيندو آهي. سڀ ڪجهه ڏسڻ ٻڌڻ جي باوجود نه ان جو اثر ورتو ويندو آهي ۽ نه ئي حالت ۾ تبديلي ٿيندي آهي. (3) قوم مجموعي حيثيت ۾ عجائب پرست بڻجي ويندي آهي جتي ٿوري به عجيب ڳالهه ڏٺائين ان جي پٺيان هلي پئي. اهڙي حالت ۾ نه سچن رهنمائن جو قدر باقي رهندو آهي ۽ نه حقيقي عملن ۽ ڪمن جي ضرورت، بلڪه ان جو ڪم هر چالبز سامري صفت جادوگر جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجي ويندو ۽ خود فريبيءَ ۾ مبتلا ٿي هر حق پست کي ملامت ڪرڻ وڃي رهندو آهي. ڪمزوري ۽ خود غرضي زوال جو چوٿون اهم سبب ڪمزوري ۽ خود غرضي آهي. نفسياتي لحاظ کان زندگيءَ ۾ جڏهن صبر(استقامت) جا جذبا ڪمزور ٿيندا آهن ته ان ڪري هڪ طرف ته اهي اخلاق تباهه ٿي ويندا آهن جيڪي بقا لاءِ ضروري آهن. مثلاً عدل، همدردي، فياضي، ايثار ۽ قرباني وغيره، ۽ ٻئي طرف انهن وصفن تي زد پوندي آهي جيڪي ارتقا لاءِ لازمي آهن، مثلاً، همت، قوت ارادي، عملي قابليت عمل جو اقدام، کوجنا جو سوق، اتنباط جي صلاحيت وغيره. قوم جڏهن پسپائيءَ جي ان درجي تي پهچندي آهي جو خواهش جو نالو ارادو پئجي ويندو آهي، ته موروثي اخلاق ۽ وصفون پڻ محفوظ نه رهنديون آهن، قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ ڪجهه اثر هي آهن. (1) قوم جا فرد عزم ۽ مقصد جي راهه ۾ مصيبتن ۽ مشڪلاتن سهڻ بدران شڪايتون ۽ ميارون ڏيندا آهن. جڏهن همت ۽ جوانمرديءَ جا جوهر ڏيکارڻ جو وقت ايندو آهي ته پٽون پاراتا ڏيڻ ۽ قسمت جو ماتم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ ان راهه جي معمولي تڪليف پڻ سندن آڏو پهاڙ بڻجي ويندي آهي. (2) مفادن ۽ خواهشن ۾ الجهي هجرت، جهاد ۽ فتح (جيڪي قيام ۽ بقا لاءِ ضروري آهن) کان لنوايو ويندو آهي. (3) ضبط نفس باقي نه رهندو آهي. نظم ۽ اطاعت ۽ استقامت وارو روح ختم ٿي ويندو آهي. ڪم جو جوش پيدا نه ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪم شروع به ڪيائون ته ثابت قدميءَ کان محروم رهندا آهن. (سنڌيڪا: ثناءُ الله سومرو) (الحماد-7، رمضان المبارڪ 1427هه)