وندر هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون؟ (آبڙي) ”وندر“ هڪ ننءِ جو نالو آهي، جا پٻ جبل مان نڪري، ٻٽيهه ڪوه وهي، سونمياڻي جي ڏاکڻي پاسي عربي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. هنجو پيٽ ڪراچي واري لياري ننءِ کان به وڏو آهي. حب ندي کان وندر ڏي وڃبو ته اول بريدو لڪ ۽ پوءِ کارڙي ناڪو ايندا. انهي ناڪي تي لس ٻيلي جي ڄام جا ملازم هنگلاج جي جاٽين جو سامان کولائي ڏسندا آهن. جيڪي ڪپڙا بت تي پيل هوندا اٿن تن تي محصول ڪونهي، باقي ٻيا وڳا توڙي سيڌو پاڌو ۽ مٺايون، تن سڀني تي محصول ڏيڻو پئي ٿو. شاهه صاحب وٽ رڳو سڪ جو سمر هو، تنهنڪري هنکي مصول سڀ معاف هو. کارڙي ناڪي کان پوءِ واٽ تي هڪ هنڌ ٿوري باغات آهي. اتي جيڪي وڻ آهن، تن ۾ انب جا وڻ گهڻا آهن، تنهنڪري انهي هنڌ کي ”انب“ يا ”انباولي“ سڏيندا آهن. وندر ننءِ انهي انباولي ۽ سونمياڻي جي وچ ۾ آهي. وندر کان سونمياڻي ٻه ڪوه پري آهي. پهريون ڪوه سوا پنڌ ڪبو ته سونمياڻي جي ٻاهران هڪ ڊٺل قلعي جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا. انهي قلعي کي ”بالا وارو ڪوٽ“ ڪري چون ٿا. ڪئپٽن هارٽ سونمياڻي بندر جي احوال ڏيندي ڄاڻايو آهي ته اڳي هن پاسي درياهي چورن رڻ ٻاري ڏنو هو. چورن تي چوڪسي ڪرڻ لاءِ اهو ڪوٽ جوڙايو هوائون، جنهن ۾ چوڪيدار رات ڏينهن پهرو ڏيندا هئا. سونمياڻي ڪراچي کان چوويھ ڪوه پري آهي ۽ اڄ ڪالهه ايڏاهين موٽرون وڃن ٿيون. هتي اصل مهاڻن جي مياڻي هئي. سمنڊ جي نزديڪ هئڻ سبب هي هنڌ واپار ۾ اهڙو وڌيو جو مٿس نالو ئي ”سون مياڻي“ يعني سون جهڙي مياڻي پيو. هتي ٻه سئو کن گهر هندن جا آهن، ۽ پنج ڇهه سئو کن گهر مسلمانن جا آهن، جن مان ڪيترا مهاڻا آهن، جي اڄ تائين پنهنجي مياڻي وسائيندا اچن. (هي ڪتاب 1928ع ۾ ڇپيو ويو هو. هاڻ خبر ناهي اتي ڪي گهر هندن جا به آهن ڪي نه، ورهاڱي اسان جي وجود کي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ــ ايڊمن) سونمياڻي ۾ هنگلاج جي جاٽين کان سري آسامي ٻه روپيا في وٺندا آهن، جنهن مان لس ٻيلي جي ڄام کي اٽڪل ڇھ سئو روپيه ساليانو پيدائش ٿئي ٿي. اها في نياڻين ۽ فقيرن کان اصل ڪونه وٺندا آهن، تنهنڪري شاهه صاحب کي هي سونگ به ڪونه ڀرڻو پيو هوندو. ڪتاب ــــــــــ لطيفي سئر ليکڪ ـــــــــــ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پهريون ڇاپو ــ 1928