سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيدي​


    هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو

    مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون​
    !“


    هوش محمد پنهنجي بهادري همت ۽ وطن سان پيار جو ثبوت ڏيندي 24 مارچ 1843ع تي دٻي جي شڪست واري صورت حال کي سنڌ جي نه وسرندڙ فتح واري صورت ۾ تبديل ڪري پنهنجو ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو۔ هوش محمد شيدي جي بهادري کي سر جيڪب ڏسي ائين چوڻ تي مجبور ٿيو ته مون سترهن جنگون لڙيون آهن مگر هوش محمد شيدي جهڙو بهادر ماڻهون مون پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو ۽ سندس بهادري ۽ بي خوفي جي ڪري مون کي کيس سان نفرت ۽ ساڙ اڃان به وڌي ويو آهي۔ هوش محمد شيدي مياڻي جي جنگ جيڪا 17فيبروري 1843ع ۾ انگريز ۽ ٽالپرن وچ ۾ لڳي هئي ان ۾ به انگريزن کي ٽوٽا چٻرايا هئا۔ ۽ اهڙن سنڌ جي جوڌن جوانن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو۔
    هوش محمد جو مختصر تعارف​
    ""
    سنڌي ٻولي جو مشهور ليکڪ دانشور محترم جناب ڊاڪٽر غلام علي الانه صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب ( اسان جي آزادي جا اڳواڻ ) ۾ لکي ٿو ته هوش محمد شيدي جي ڄمڻ جي تاريخ جي باري به ڪا صحيح ڄاڻ ملي ناهي سگهي، پر ان لاء ايترو چيو وڃي ٿو ته مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبيدار علي خان جي ڄم جو علم آهي۔ ۽ هوش محمد شيدي مير صوبيدار جو هم عمر هو ۽ مير صوبيدار جنرل هوش محمد شيدي جو سٺو دوست ۽ ساٿي هو۔ ان مان اهيو اندازو ٿئي ٿو ته شهيد هوس محمد شيدي به 1801ع ڌاري ڄائو هجي۔
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خبر ناهي ڇو سنڌ جي تاريخ هميشه اڌوري لکي وئي آهي خاص ڪري سنڌ جي عظيم شخصيتن جي۔ توهان ڏسو ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي به صحيح ۽ جامع معلومات به حاصل ٿئي ناهي سگهي۔ ۽ شاه صاحب جو احوال به اندازن ۽ ڏند ڪٿائن تي لکيل آهي۔ جڏهن ته ايڏي وڏي شاعر جي زندگي تي ڪي 100 کن ته ڪتاب لکجي سگهجن پيا۔ مگر افسوس۔ جو ان وقت جي وڏي تاريخدان مير علي نواز قانع به چند سٽن کان سواء ڀٽائي صاحب جو ڪو تفصيلي احوال ناهي ڏنو جڏهن ته جيڪو ڪتاب مير صاحب لکيو آهي ( تحفته الڪرام ) انهي سائيز جو ڪتاب ته صرف شاه صاحب جي زندگي تي لکڻ گهرجيس هان ، پر ائين نه ڪيائين الائي ڇو۔
    ٻيو اهم سبب اهيو به آهي ته شايد ان ڪري ته اسان سنڌي پنهنجن کي برداشت ناهيون ڪندا۔ ۽ اسان پاڻ ئي پنهنجن جي گلا ۽ مخالفت پيا ڪندا آهيون۔ ۽ ڪوشش ڪندا آهيون ته انهن جي ڪا خامي ملي، پوء ڀلي ڪنهن ۾ هزار خوبيون ڇو نه هجن، دنيا انهن کي نه صرف مڃيندي هجي پر وڏي آواز سان ڇو نه ڳائيندي به هجي پر اسان ان جي ڪنهن هڪ خامي کي پيا منڌوڙينداسين۔ جڏهن ته شايد ٻين قومن ۾ ائين نه آهي۔
    چوندا آهن ته مڇي رهي به پورو وقت پاڻي ۾ ٿي مگر ان ۾ پوء به بدبوء ان ڪري ٿئي ٿي جو مڇي پنهنجو نسل کائيندي آهي۔
    اهڙي ريت هميشه غيرن سان گڏ اسان جا پنهنجا به اسان جي سنڌي عظيم شخصيتن کي گمنام ڪرڻ ۾ ۽ سندن شان شوڪت عظمت گهٽائڻ ۾ رڌل رهيا آهن، ۽ اهيا ڪار اڄ به قائم ۽ دائم آهي توهان آس پاس جو جائزو وٺي ڏسو۔ اهيو صرف ساڙ ۽ حسد جي ڪري آهي۔ ٻيو ڪجهه به نه آهي۔ جنهن حسد لاء قرآن ۾ پڻ ذڪر آهي۔ اسلام ته اهيا به تعليم ڏئي ٿو ته حسد نيڪين کي ائين کائي وڃي ٿو جهڙي طرح اڏهي، يا باه ڪاٺ کي۔ مگر افسوس صد افسوس خبر ناهي اسان سنڌين کي اهيا ڳالهه ڪڏهن سمجهه ايندي۔
    هوش محمد شيدي جو نالو ۽ نعارو
    هوش محمد شيدي نه ڪي وڏا ڪتاب لکيا نه ڪي وڏيو تقريرون ۽ جلسه جلوس ڪيا ۽ نه وري ٻٽاڪون هنيون، نه وري ڪا وڏي تحرير يا شاعري ڇڏي، پر هن صرف هڪ نعارو ڇڏيو، مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون ۽ ان ڳالهه تي قائم رهيو ۽ ان نعاري پويان پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيائين. جنهن جي ڪري سندس نالو ۽ سندس نعارو مرسون مرسوم پر سنڌ نه ڏيسون سنڌ جي هر پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل شخص جي زبان تي گونجي رهيو آهي. ۽ گونجندو رهندو. انشاءالله.

    هوش محمد شيدي ۽ ڌاريو ڪيپٽن
    هوش محمد شيدي جي بهادري جي حوالي سان محترم منصور قادر جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ عقلمندي جو ٻڌي هڪ ڌاريو ڪيپٽن هزارين ميل پنڌ ڪري جڏهن حيدرآباد سنڌ مان گلن جي چادر وٺي جڏهن حيدرآباد جي پڪي قلعي وٽ پهتو ته کيس حيرت وٺي وئي ، ڇو جو جڏهن هن هوش محمد شيدي بابت پڇيو ته اتي جي ماڻهن هن کي ٻڌايو ته هتي ته ڪابه هوش محمد شيدي جي قبر ڪانهي ۽ ڪهڙو هوش محمد .
    ۽ پوء اهو ڪيپٽن ٿوري گهڻي معلومات حاصل ڪري واپس وريو ۽ ڊان اخبار ۾ 28 مئي 1975ع تي هڪ مضمون لکيو جنهن ۾ هن لکيو ته مون کي جنرل هوش محمد شيدي جي بهادري جو ٻڌي ڪري هوش محمد شيدي لاء هڪ امنگ جاڳي ۽ انجي قبر تي وڃڻ لاء دل بيتاب ٿي۔ ۽ مان ان جي قبر تي حضري ڀرڻ لاء حيدرآبد سنڌ پهتس مگر افسوس جو هيڏي وڏي بهادر انسان جي قبر جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. جڏهن ته انگريز فوجين جيڪي ماريا ويا هئي انهن جي يادگار ته موجود آهي پر هڪ بهادر انگريز دشمن جي قبر جي ڪنهن کي به خبر ناهي۔
    توهان ڏسو ته هڪ ڌارئي ڪيپٽن کي به سندس قبر ۽ يادگار جو ايترو فڪر ۽ خيال آهي، مگر اسان کي ڪا به پرواه ڪانهي.
    هوش محمد شيدي جي قبر

    هوش محمد شيدي جي قبر جي نشاندهي جي شروعات هڪ ڌارئي ڪيپٽن معين الدين ڪئي جنهن هوش محمد شيدي جي بهادري جو ٻڌي حيدرآباد سنڌ آيو ۽ پوء ڊان اخبار ۾ هڪ مضمون لکيو. تنهن کاپوء سنڌ جي عاشق ليکڪ جناب محترم پير علي محمد شاه راشدي 12جنوري 1979ع تي وري ٻيهرڪئي ۽ هڪ مضمون رند ۽ پنڌ نالي لکيو.
    جنهن ۾ هن لکيو آهي ته جيسيتائين منهنجي معلومات آهي ته حيدرآباد واري قبر هوش محمد شيدي جي نه پر ٽالپرن جي هڪ توبچي جي آهي. جنهن جي نالي جي خبر ناهي. پير صاحب وڌيڪ ايڇ ٽي لمبرڪ جي مقالي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ( جيڪو مقالو ايڇ ٽي ليمبرڪ 24فيبروري 1937ع ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي اڏو پڙهيو هو. ) شيرسنڌ مير محمد خان ٽالپر جي هڪ ٻئي سپاهي کي جيڪو توب انداز هو، هي اعزازميسر ٿيو ته اهوئي پهريون
    Unknown warrior نامعلوم جوڌو شمار ٿئي.
    سر چارلس نيپئر جي حڪم تي ان سپاهي جو لاش ميدان جنگ مان کڻائي ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ دفن ڪرايو ويو. ۽ قبر مٿان هيٺيون قطبو لکيو ويو.
    هي آخري آرامگاه ميرن جي هڪ اهڙي بهادر سپاهي جي آهي جيڪو حيدرآباد واري جنگ ۾ ڏاڍي بهادري سان وڙهيو.
    پر ڪجهه وقت کانپوء سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي عالم اديب اڪٽر غلام علي الانه صاحب راشدي صاحب جي راء سان اختلاف ڪندي ۽ ڪيپٽن معين الدين جي راء سان اتفاق ڪندي لکيو آهي ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر حيدرآباد جي پڪي قلعي اندر آهي، ۽ پاڻ ٻڌائن ٿا ته پاڻ هڪ جهوني بزرگ جيئي ڀٽي نالي شخص سان ڪچهري ۽ ملاقات دوران هي حقيقت معلوم ڪئي هئي. ۽ اهو بزرگ ڳوٺ ڦليلي جو رهاڪو هو. ۽ ان ٻڌايو هو ته قلعي اندر قبر جنرل هوش محمد شيدي جي ئي آهي. ۽ هوش محمد شيدي کي انگريزن خود پاڻ فوجي اعزاز سان وڌي شان شوڪت سان دفنايو هو. ۽ هن وڌيڪ اهيو به ٻڌايو ته هوش محمد شيدي جي پوئينرن مان محبوب شيدي، جيئي شاه، حاجي لکاڻو شيدي، ۽ حاجي عثمان شيدي هوش محمد شيدي جي خندان مان آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    سائين وگهيو صاحب معاف ڪجو اوهان جي موڪليل تحرير تي دير سان نظر پئي۔۔۔۔۔

    تمام پياري شخصيت جي باري ۾ تمام پيارو لکيل مواد، اسان جي دل کي وڏو ڪري ڇڏيو۔۔ ههڙا سنڌي جوان جن سنڌ جي لاءِ قرباني ڏنيون ۔۔۔۔۔ انهن جي باري ۾ ڪٿي به ڪو سنڌ حڪومت طرفان ڏڻ نه پيو ملهايو وڃي ۔۔۔۔۔ اسان جي ثقافتي ادراي کي اهڙين هستين جي باري ۾ سوچڻ کپي۔۔۔۔ ۽ انهن جا ميلا ملهايا وڃن ته هوند ايندڙ نسل ۾ به جاڳرتا پيدا ٿيندي۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    ادا زاهد سومرو صاحب اوهان جون اهي نوازشون چئبيون جو اوهان منهنجي محنت کي ڳولي ڳولي پڙهيو۔ ادا مهربانيون الله توهان کي هميشه خوش رکي۔ آمين دعائن جو طالب ۽ دعاگو
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    ادا سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي،
    هر ٻار ٻچي جي زبان تي هوش محمد جو نارو آهي، پر اسان جي ڪامورن جي ڪنن ۾ ڪپهه ۽ اکين تي ڏاندن وارا کوپا چڙهيل آهن، جو انهن کي اهڙي جرنيل جي خبر ناهي جنهن جي بهادري جا قصا ٻڌي ڪري ٻاهريان ماڻهون انهي جي قبر تي حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    واه واه زبردست ادا
     
  6. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    تمام بهترين شخصيت جو ذڪر ڪيو ادا توهان ۔۔۔
     
  7. هوش محمد

    هوش محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Software Engineering Student
    ماڳ:
    Hyderabad till may 2011, now at Karachi
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    ادا سٻ کان پهرئين ته آءُ اوهان جو ٿورائتو آهيان جو توهان انهي شينهن جوان جو ذڪر ڪيو۔
    اول ته هي سورمو ۽ جودهو جوان جنهن سندهه امڙ لاءِ پنهنجي جان جي بازي لگائي ڇڏي ۽ غيرت جو بيپناه مظاهرو ڪندي انگريز فوج سان وڙهندي پنهنجي سر به هن ڌرتي تي قربان ڪري چڌيو، اهڙن سرويچن کي اهڙي طرح وسارڻ زيادتي ئي نه پر سندن جي بيحرمتي جي برابر آهي۔
    اسان کي اهيو ياد رکڻ گهرجي ته هي بهادر انسان هن ڌرتي ڄاءو نه هئو پر تنهن هوندي به هن اهيو پنهنجو اولين فرض سمجهيو ته هي ڌرتي به ماءُ جي برابر آهي ۽ ماءُ جي عزت جي حفاظت ڪرڻ هر پٽ جو اصول آهي۔
    آءُ چاهيندس ته هن فورم تان اسان سڀني ميمبرن پاران سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي کي هڪ قراداد پيش ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ اهڙن دلير ماڻهن جي قربانين کي روشناس ڪراءڻ لاءِ جوڳا اپاءِ وٺڻ لاءِ زور ڏنو وڃي۔
     
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    مهرباني ادا
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    ادا تمام گهڻي خوشي ٿي توهان جو سنڌ ۽ سنڌي ثقافت سان جذبو ڏسي دل باغ باغ ٿيو وڃي
    تمام پيارو لکيل مواد آهي، ادي ذاهد وانگراسان جي دل کي وڏو ڪري ڇڏيو ۔۔

    ادهڙائي مواد اسانجي تاريخ کي زنده رکندا آهن۔

    مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. هوش محمد

    هوش محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Software Engineering Student
    ماڳ:
    Hyderabad till may 2011, now at Karachi
    جواب: سنڌ جو سچو سپاهي شهيدجنرل هوش محمد شيدي

    هِن جنم، هُن جنم لاءَ وچن ٿو ڪيان
    مان جتي به هجان، سنڌ تنهنجو هجان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو