• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اپريل مهيني ۾ وڇڙي ويل اداڪارن ۽ فنڪارن جي ياد ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران اپريل مهيني ۾ وڇڙي ويل اداڪارن ۽ فنڪارن جي ياد ۾ 23 اپريل 2014ع تي هڪ گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿي گذري. هن گڏجاڻي ۾ فنڪارن، صحافين ۽ فن سان واڳيل شخصيتن اپريل ۾ وڇڙي ويل فنڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ انهن جي فن بابت ڳالهايو. ان موقعي تي اهو به مطالبو ڪيو ويو ته حڪومت کي گهرجي ته ڪسمپرسي واري حالت ۾ رهندڙ فنڪارن ۽ اداڪارن يا سندن پونيرن جي سار لهي انهن جي مدد ڪئي وڃي. ان موقعي تي اداڪار انور سولنگي، اداڪار سعيد احمد واگهي ۽ راڳي ماسٽر منظور جي گهر ڀاتين هن گڏجاڻي ۾ خصوصي طور شرڪت ڪري سندن ساروڻيون اوريون. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽي چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته هر مهيني ان مهيني ۾ وڇڙيل فنڪارن کي ياد ڪندي گڏجاڻيون رکون. تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ اپريل مهيني ۾ وڇڙي ويل فنڪارن جي زندگي ۽ انهن جو مختصر تعراف پيش ڪيو. هن تقريب ۾ اسماعيل چانڊيو، لطيف منو، فلم اسٽار وسيم، بشارت سمون، سعيد واگهي جو پٽ وسيم سعيد ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن شرڪت ڪئي.

اپريل مهيني ۾ اسان کان هيٺيان فنڪار وڇڙيا آهن

4 اپريل 2008ع ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار انور سولنگي جو انتقال ٿيو.
5 اپريل 1994ع مشهور قوال غلام فريد صابري دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
8 اپريل 2011ع ناليوارو اداڪار حسين ساريو ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.
9 اپريل 1996ع گلوڪار قمر سومري جو انتقال ٿيو.
11 اپريل 1983ع مشهور گلوڪار احمد رشدي جو انتقال ٿيو.
13 اپريل 1987ع گلوڪاره بيگم فقيرياڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
13 اپريل 1993ع اداڪار سعيد احمد واگهو وڇڙي ويو.
16 اپريل 1987ع سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي جي وفات ٿي.
16 اپريل 1948ع راڳي استاد سينڌو خان وفات ڪري ويو.
17 اپريل 2000ع راڳي زوار محمد جمن ڀٽ لاڏاڻو ڪري ويو.
17 اپريل 2007ع اداڪاره شيلا راماڻي انتقال ڪري وئي۔
21 اپريل 2009ع گلوڪاره اقبال بانو جو انتقال ٿيو.
22 اپريل 2011ع اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر وفات ڪري ويو.
22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو.
23 اپريل 1966ع برک سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو انتقال ٿيو.
24 اپريل 1995ع راڳي حاجي ڪلو وفات ڪري ويو.
24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادي جي وفات ٿي.
25 اپريل 2008ع اسٽيج اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ صداڪار محمد صديق پرهياڙ جو انتقال ٿيو.
26 اپريل 2012ع شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
28 اپريل 1995ع راڳي استاد طفيل خان جي وفات ٿي.
29 اپريل 1976ع اداڪار منور ظريف جي وفات ٿي.
29 اپريل 2003ع لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي وفات ٿي.

10253775_10203399015714313_1539577987447335769_n.jpg


10258561_10203399016954344_5221041018520268240_n.jpg


10170717_10203399299001395_4614181697664095675_n.jpg


10167960_10203399306841591_6313262681694119230_n.jpg


1514961_10203399318041871_338126551741995201_n.jpg


10270436_10203399296641336_6928636349480258260_n.jpg


10295698_10203399289521158_1962091156285233370_n.jpg


10151925_10203399046075072_5345081042437756618_n.jpg


10251971_10203399416804340_9205640906393462465_n.jpg


وڌيڪ تصويرن لاء فيسبوڪ جي هن البم جو ڀيرو ڀريو
 
Back
Top