زندگي جي سفر ۾ ڪيترين شخصيتن سان ملاقاتيون ٿينديو رهن ٿيون . انهن مان اڄ ڪن ٻن پوليس آفيسرن جي انتظامي زندگيءَ جي باري ۾ ڪي ڳالهيون ونڊيان ٿو . انهن جي ايمانداري تي مون کي ڪنهن به قسم جو ڪو انومان ڪونهي ، پر انهن جي ڪم ڪار جي طريقي ۾ هڪڙي ڀيٽ ڪريان ٿو . جيڪا منهنجي ذهن پنهنجي مشاهدي ۾ آندي . هڪڙو محترم غلام نبي ميمڻ . هڪڙي ڏينهن ان جي آفيس ۾ پاڻ تي ڪٽيل ڪنهن نا جائز ايف .آءِ .آر جي سلسلي ۾ پاڻ سان ٿيل واردات جو قصو کين ٻڌائي رهيو هوس ۽ هو صبر ۽ تحمل سان مون کي ٻڌي رهيو هو ، ته ايتري ۾ هڪڙي بلوچياڻي جنهن جو تعلق گڏاپ پوليس اسٽيشن سان هو ۽ ان جو پٽ قتل ٿي ويو هو ۽ پوليس قاتلن کي ڳولهڻ ۽ گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي هئي ڌا ڙ گهوڙا ڪندي ان جي آفيس ۾ داخل ٿي . مون کي چيائون ته سائين پهريائين هن جي ڳاله ٻڌون ته پوءِ اوهان کي ٻڌون ٿا . هڪ پوليس آفيسر طرفان اهڙا لفظ چوڻ تي منهنجي دل ۾ ان جي عزت ۽ عظمت جو مقام هماليه جبل جيترو اونچو ٿي ويو . سو پاڻ ان عورت کي به صبر سان ٻڌي لاڳاپيل ايس .ايڇ .او ۽ تفتيشي آفيسر کي گهرايو . هو به ڪي ويجهو ويٺا هئا ، اندر داخل ٿي سلام ڪري اٽينشن واري حالت ۾ بيهي رهيا . پاڻ انهن کان ان قاتلن جي لڀڻ ۽ گرفتاريءَ بابت پڇيو . جواب ۾ ڪنڌ جهڪائي چيائون ته سائين قاتل الائي ڪير آهن ۽ اسان ڪنهن کي گرفتار ڪريون ،ڳولا جاري آهي . اهو جواب ٻڌي غلام نبي ميمڻ صاحب پنهنجي کيسي مان هزار جو نوٽ ڪڍي پوليس آفيسرن کي ڏيئي چيو ته هن مان بازار مان وڃي ٽي مُسلا ۽ ٽي ٽوپيون وٺي اچو ته اهي وڇائي هن آفيس ۾ ويهي نمازون پڙهون ته من ملائڪ قاتلن جي باري ۾ ٻڌائين ۽ گرفتار ڪرائين . اهي جملا ٻڌندي ٻنهي آفيسرن کان معافي گهرڻ ۽ ڪجه وقت گهرڻ جي التجا نڪري ويئي . بس پوءِ پتو پيو ته حقيقي قاتل جلدي ۾ گرفتار ٿيا . ان کان پوء مون کي ٻڌي ۽ ايمانداري سان حڪم ڏنائون. ٻيو پوليس آفيسر محترم ثناءُ الله عباسي . پاڻ ڪيترا به ايماندار هجن پر سندن شخصيت ۾ جلد بازي ۽ هلڪڙائپ جو عنصر ڪجهه زياده ڀريل ۽ نمايان نظر ٿي آيا. تنهن ڪري شايد انصاف ڪرڻ جي جلدي ڪري ڪيترن ئي بيگناه ماڻهن کي نقصان رسايو هوندائون. جينئن اسان تي ڪنهنجي سفارش ڪرڻ ڪري ۽ چالاق ايس .ايڇ .او جي مڪاري ۽ چالاقي ڪري ايف .آ .آر داخل ڪرايائين . ان سلسلي ۾ منهنجي ساڻس ڇهه دفعا ملاقات ٿي نه صرف مان پر ، مون سان گڏ معاشري جا شريف ماڻهو به گڏ هئا . همراه جو جيترو هيو قد بت، ان کان وڌيڪ ڪرسي تان ٽينس جي بال وانگر هيٺ مٿي ٿي رهيو هو ، ڄڻ ته سندس ڪرسي ۾ هزارين کٽمل هئا . ان کان علاوه حرام جو اسان جي ڳالهه ٻڌي، رڳو پنهنجي زبان هلائي رهيو هو، اها به اهڙي جيئن گهٽين جا رولاڪ ڇوڪرا ڳالهائيدا آهن ، شايد اهو ته سندس تڪيو ڪلام هيو ................. نه ڦاڙيانو. پنجن ملاقاتن کان پو وڃي همراهه کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ، ۽ اسان سان ٿيل زيادتي تي صوبيدار سميت معافي ورتائين ۽ ايف .آ .آر کي 169 ڪرمنل پروسيجر هيٺ خارج ڪيائين . اسان آزاد ته ٿياسين پر ان جي اهڙي انڌي ايمانداري واري شوق جيڪو اسان کي نقصان رسايو ان جو نتيجو اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيا آهيون.