• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ اهڙو شهر جنهن کي توهان ڪڏهن وساري نٿا سگهو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
هي شهر انتهائي خوبصورت آهي، پر هتي رهڻ يا وري ڪجهه ڏينهن لا تفريح وڃڻ تمام وڏي دليري جو ڪم آهي. هي ڪم صرف بهادر ماڻهو ئي سرانجام ڏئي سگهن ٿا. آئون ڳالهه ڪري رهيو آهيان روس جي شهر Yakutsk جي .
Yakutsk روس جي رياست Sakh جي گادي جو هنڌ آهي ۽ هي شهر آرڪٽڪ سرڪل جي ڏکڻ ۾ 280 ميلن تي واقع آهي . هن شهر کي دنيا جي ٿڌي ترين جڳهه قرار ڏنو ويو آهي.
46024_02.gif

هي شهر انتهائي خوبصورت آهي پر هن شهر جي گرمي پد وڌيل هئڻ ڪري سياح پري ڀڄندا آهن.

46024_04.gif

سياري جي موسم هن شهر جي رهواسين جي لا انتهائي ڏکيو هجي ٿو، هُو 20 منٽن کان وڌيڪ پنهنجي گهر کان ٻاهر نٿا گذاري سگهن.

46024_06.gif

شهري جيڪڏهن هن ماڻهو کي قُلفي ڪندڙ سياري کان بچڻ ۽ زنده رهڻ چاهين ٿا انهن کي گهر اندر ئي رهڻو پوي ٿو.


46024_08.gif

هِن ٿڌي ترين شهر کي پوري سال جي موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

46024_10.gif

هن شهر جو گرمي پد جولا ۾ وچولي 67.1 فارن هائيٽ کان وٺي جنوري ۾ ڪاٽو 37.5 فارن هائيٽ تائين هوندو آهي.

46024_12.gif

شهري پنهنجي گاڏين کي گرم گيراج ۾ بيهارين ٿا، جتي گاڏين کي ڪمبل سان ڍڪيو وڃي ٿو.

46024_14.gif

هتي وڻن کي به ڍڪيو وڃي ٿو تاڪه انهن کي سي کان بچائي سگهجي

46024_16.gif

هن شهر جا اڪثر رهائشي ٿُلهي کل وارو ڪوٽ استعمال ڪندا آهن ، جڏهن ته ڪوٽ جا مختلف تهه هوندا آهن.

46024_18.gif

هن شهر ۾ ٿوري به غلطي موت جو سبب بنجي سگهي ٿي . ۽ هتي سي جي شدت جو اندازو تمام آساني سان لڳائي سگهجي ٿو، جسم جا اڪثر عضوا تمام ٿڌا ٿي وڃن ٿا.

46024_20.gif

گهٽ ۾ گهٽ هن شهر ۾ حشارت الارض سان پيدا ٿيڻ وارا مسئلا موجو نه آهن.

سليمان وساڻ فاروق سومرو ذيشان رشيد عبد الله السندي سمير عبدالله الطاف حسين جمالي بلوچ سنڌنيشنل پارٽي مرڪز شيرين عبدالغني لوهار
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
لک قرب ٽيگ ڪرڻ جا ، واقعي حيرت انگيز ٿڌو شهر آهي ، هتان جي ماڻهن کي شابس هجي جو اهي هتي گذارين پيا! تمام گهڻين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوندو هوندو ، بس ادا الله پاڪ جو شان آهي سبحان الله
 
خبر ناهي ته ٿڌي موسم هتي ڪيترو عرصو رهندي هوندي... ۽ ماڻهو وهنوار ڪيئن هلائيندا هوندا..
جڏهن دنيا هن وقت گرميء جي موسم جو وقت اڳ اچڻ ۽ وڌيڪ هلڻ جي فڪر ۾ مبتلا آهي اتي اهڙن شهرن جو ذڪر وڌيڪ حيران ڪن آهي...
 
Back
Top