• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناوليٽ ؛ پڇتاءَ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
مون کي ننڍي هوندي تاريخ ۾ پڙهايو ويو هو تہ ، اسان جي ٺيٺ مسلمان اڳواڻن ، اسلام ۽ مسلمانن جي بقاءَ دنيا وارن کي مثالي اسلامي حڪومت جو خاڪو ڏيڻ لاءِ ننڍي کنڊ جو هيءُ حصو ورتو هو ، اهو تہ پڌرو آهي ، اهي ٺيٺ مسلمان اڳواڻ وڏيرا ۽ نواب ئي هئا . جيڪي سڄو سال پنهنجن جو رت پي سڄيل رهندا آهن ۽ سال ۾ هڪ ٻہ ڀيرو پنهنجي خدا جو ڏن ڏيڻ لاءِ هڏائون ڀت عام خلق کي کارائي جنت ۾ جڳهہ الاٽ ڪرائيندا آهن ... ها سو ڳالهہ پئي هلي عورت جي ، ادا ، هڪ کان ٻہ چار زالون ۽ وڌيڪ ٻانهيون شريعت پٽاندڙ رکي سگهو ٿا . هن شرط سان تہ سڀني سان انصاف ڪري سگهو ، هڪ ديندار مسلمان لاءِ اهڙو انصاف ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهہ ڪا نہ آهي ، جيڪڏهن انساني ايجاد جهاز ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ جائز آهي تہ پوءِ ، ڪشتن ، معجونن ، ڪيپسولن وسيلي اهڙو انصاف ڪرڻ بہ جائز ٿيو نہ ! ان ڪري ديندارن لاءِ عورتن سان بيانصافي جو تہ سوال ئي پيدا ڪو نہ ٿو ٿئي . سنڌ جا وڏيرا ، پير ، مير ۽ مولوي هِن ڏِسَ ۾ تہ ڪڏهن بہ بي انصافي نہ ڪندا آهن ، نيٺ اهڙي ريت اسلام ۽ اسلامي انصاف جون تقاضائون تہ پوريون ڪرڻيون آهن نہ ! پوءِ الله جنهن کي ايمان جي دولت ڏئي .
ناوليٽ ؛ پڇتاءَ
ليڪک ؛ ماڻڪ
 
Back
Top