عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
مَنَ ڪيڏو سُورُ سمايو آ،
پر سارو دردُ اجايو آ.
بي قدري کي مون دل ڏئي،
يَر پنهنجو پاڻ لڄايو آ.
نه رُڪبا نيڻ نه رُڪبا ڙي،
مون ڪيڏو آبُ وهايو آ.
دل هُن جِيءَ تي گُذريو ناهي،
مون پاڻ کي پاڻ جلايو آ.
قسمت “گُلَ” جِي اهڙي ڪا،
جنهن رِڻَ ۾ خوب رُلايو آ.
پر سارو دردُ اجايو آ.
بي قدري کي مون دل ڏئي،
يَر پنهنجو پاڻ لڄايو آ.
نه رُڪبا نيڻ نه رُڪبا ڙي،
مون ڪيڏو آبُ وهايو آ.
دل هُن جِيءَ تي گُذريو ناهي،
مون پاڻ کي پاڻ جلايو آ.
قسمت “گُلَ” جِي اهڙي ڪا،
جنهن رِڻَ ۾ خوب رُلايو آ.