• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چهري جي رنگ کي نکاريو

شيرين

سينيئر رڪن
جيڪڏهن اوهان پنهنجي رنگت کي نکارڻ چاهيو ٿا ته آلن جو ماسڪ هڻو.
(1) ڪچي آلو کي ڇلي ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو، ۽ هڪ ٽڪڙي کي چڱي طرح پيسي ڀوري ڪپڙي تي ڦهلائي چهري تي لڳايو. ۽ رات جي وقت استعمال ڪريو.
تمام راتين ۾ هن جو عرق چمڙي ۾ جذب ٿي ويندو،
صبح جو پوتي جي ڪنڊ کي پاڻي ۾ ٻوڙي ان سان چهرو صاف ڪريو، ان کان پو منهن ڌوئي ڇڏيو.
(2) شلجم ۽ گجرن کي پاڻي ۾ اٻاري ان کي پيسي ڇڏيو ۽ ان کي چهري تي لڳايو ۽ اڌ ڪلاڪ جذب ٿيڻ ڏيو. وقت پورو ٿيڻ کان پو پوتي کي جي ڪنڊ کي کير ۾ ٻوڙي ان سان چهرو صاف ڪريو.
هي اوهان جي چهري کي صاف ڪندو ۽ اوهان جو رنگ ڳورو ڪندو تمام مير ڪڍندو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top