منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
3 جي ۽ 4 جي جي آمد سان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ اميد آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي به ٿيندي. پر اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جتي اسان ٽئين دنيا جي ملڪن کان ڪوهين ڏور پوئتي بيٺا آهيون اتي 3 جي ۽ 4 جي جا اسان جي معاشري تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اها جدت جنهن سان سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ پي سي جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو ته ساڳي وقت اهو سوال به اڀري ٿو ته غريب ماڻهوءَ يا ڳوٺ ۾ رهندڙ هاريءَ لاءِ اها جدت ڪيتري حد تائين فائيندمند ثابت ٿيندي جڏهن ته هو گذر سفر به وڏين مشڪلاتن سان ٿو ڪري.
تعليم جيڪا اڳ ئي پوئتي پيل آهي ته ڇا انٽرنيٽ جي تيزيءَ سان ٻارن کي ۽ تعليمي ادارن کي ڪو فائدو ڏيئي سگهجي ٿو؟
مان ان ترقي جي خلاف ناهيان پر سوال اهو آهي ته ان نئين ٽيڪنالاجي جي آمد سان اسان مستقبل جي لاءِ ڪهڙو پلان يا رٿا جوڙي رهيا آهيون؟ يا اها نئين ٽيڪنالاجي قوم جي هر فرد لاءِ ڪيئن فائيندمند ثابت ٿيندي؟