ڳالهه پئي هلي نيوٽن، آئنسٽائن ۽ بنيادي سائنسي اصولن جي. مونکي ڳالهه ڪرڻي هئي حيات جيوڙن جي . اڳ ۾ ئي ذڪرڪري آيو آهيان ته بايو لاجي يعني علم نباتات جو بنيادي اصول زندگي اڳي ئي پيدا ٿيل زندگي (هيات) مان پيدا ٿئي ٿي. اهو ته ٺهيو پر ـ حيات جيوڙاـ فطرت ايڏو ته وافر انداز ۾ پيدا ڪيا اهن جو عقل چرخ ٿيو وڃي . اناج ، ٻج ۽ ڪئين ماڪوڙين يا ماڪڙ جي واڌ ويجهه کي ڇڏي رڳو انساني حيات جيوڙن ڏي ڏسو ته بس حيرت آهي حيرت. مڙداني ٻج جو جيڪڏهن هڪ ذرو سُئي جي چهنب تي رکو ته ڏهه لک حيات جيوڙا اچي ويندا ۽ چهنب تي اڃا به جاءِ بچي پوندي. انسان جا ايڏا ڪروڙن جا ڪروڙ حيات جيوڙا پيدا ڪرڻ ۾ فطرت جو ڪو ته عظيم مقصد هوندو. علامه المشرقي 1945ع ۾ ڪراڇي جي ڪاليج چوراهي تي هڪ اهڙي ته تقرير ڪئي جو سندس متنازع شخصيت جي باوجود، هزار کن شاگردن جن ۾ هندو مسلمان ، سک ڪانگريسي، مسلم ليگي ۽ ڪميونسٽ به هئا. اهڙي خاموشيءَ ۽ توجهه سان ٻڌي جو هوند هڪ سُئي ڪرڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي . علامه صاحب جئين ته وڏو سائنسدان، رياضيدان ۽ مفڪر هو تنهن ڪري سندس تقري توڙي تحرير جي هر جملي ۾ منطقي لهاظ کان سوال به هوندو هو ته ازخود جواب به، سندس مشهور ڪتاب ـ تذڪرهـ به انهيءَ طرز تي لکيل آهي. انهيءَ تقرير جهڙوئي هڪ خط علامه صاحب دنيا جي سمورن سائنسدانن کي اماڻيو. شيخ اياز کي پڙهڻ لاءِ ڏنم ته پڙهي اهڙو ته حيران ٿيو جو چيائين ته، ڪمال آهي هن ماڻهوءَ جو، جڏهن خلا ۾ سفر ڪرڻ جو تصور ئي ڪون هو ته هن ماڻهو اڳواٽ اها ڳالهه ڪري ڇڏي آهي. اهو خط انگريزي ۾ آهي۽ ان ۾ ٽيهارو کن پئراگراف آهن. مان رڳو چئن رڳو چئن پئراگرافن جو ترجمو ڪري نموني طور پيش ڪيان ٿو؛ مان وارا فطرت جا ڄاڻو ۽ علم جا معزز متلاشي، سائنسدان، انجنيئر سماج سڌارڪ، قانوندان وغيره. 1 جيڪڏهن هن بي انت لامحدود ڪائنات جون ڪل سهولتون حيات جي واڌ ويجهه لاءِ رڳو هن ننڍڙي ڌرتيءَ جي مخلوق لاءِ مخصوص ۽ ميسر آهن ته پوءِ چئبو ته باقي لکين ڪروڙين ستارا وغيره مهض مئل ۽ اجايو زيان آهن، ۽ جي ائين آهي ته پوءِ فطرت جو هي سڄو مانڊاڻ ۽ خود فطرت بيوقوفي جي حد تائين بيسود، بي مقصد ۽ اجايو زيان آهي ۽ فقط انسان ئي هن وسيع ۽ عريض ڪائنات ۾ واحد ۽ اڪيلو مخلوق آهي جو لازما ڪنهن وڏي دانشمندانه مقصد ۽ ڪارنامي خاطر خلقيو ويو. 2 جيڪڏهن دانش يا شعور، ماس ۽ رت کان سواءِ وجود نٿا رکن ته پوءِ چئبو ته هي سموري ڪائنات (سواءِ ڌرتيءِ جي) دانش ۽ شعور کان وانجهيل آهي ۽ پوءِ اهو نتيجو اّخذ ڪيو هي لا محدود ۽ بي انت ڪائنات توڙي فطرت ، حيرت جي حد تا.ئين اجائي ۽ بنا مطالب بنا مقصد مقصد اجايون آهي. ان جي برخلاف جئين ڪيترائي فطرت جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته فطرت جي ههڙي دانشمندانه، بي عيب ۽ باقاعدي ساخت پاڻمرادو ٻڌائي ٿي ته ضرور ڪنهن تمام عظيم ۽ همه گير ـ قوت ـ ئي اهڙو عجيب ۽ حيرت انگيز نظام خلقيو هوندو، جيڪڏهن ان حقيقت کي مڃيو وڃي ته پوءِ اهو قبول ڪرڻو پوندو ته دانش ۽ شعور، ماس ۽ رت کان سواءِ به موجود ٿي سگهن ٿا (يا وجود رکن ٿا) پوءِ اسين آساني سان ان نتيجي تي پهچي وينداسين ته ماس 7 رت، دانش ۽ شعور زندگيءَ لاءِ ضرور نه آهن. پوءِ ائين پڻ ٿي سگهي ٿو ته ان ـ وڏي همه گير قوتـ کان سواءِ ٻي به ڪا دانشمندي ۽ باشعور مخلوق هن ڪائنات ۾ هجي جنهن جو مدار هن زميني ماس ۽ رت کان سواءِ هجي. 3 اشرف المخلوقات؛ جيڪڏهن ماس ۽ رت کان سواءِ ڪا باشعور مخلوق هن ڪائنات ۾ موجود آهي يا اهڙي ڪا بي مخلوق آهي، جنهن جا عصوا ۽ حيات گهرڙا زميني ماڻهو کان مخلتف آهن، تڏهن به اهو ڪونه چئي سگهبو ته اها مخلوق، زميني انسان کان ڪو عقل ۽ شعور ۽ دانش ۾ افضل آهي، ڇا ڪاڻ ته اهي اڃا زميني انسان سان نه ڪوئي رابطو قائم ڪري سگهيا آهن ۽ نه وري ڪو ٻيو نماءُ ڪري سگهيا آهن. تنهن ڪري موجوده وقت ۾ هڪ يقيني نتيجو اهو ٿو نڪري ته زميني انسان هڪ مخصوص وجود آهي جو هن ڪائنات ۾ نمايان ۽ ظاهر ظهور بيٺو آهي، لاشڪ ڪنهن وڏي خاص مقرر ڪيل مقصد لاءِ. 4 اهو خاص مقرر ڪيل مقصد صرف اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو هن سموري ڪائنات کي مسخر ڪري (فتح ڪري يا قابض ٿي وڃي). اهو مقصد تيسين حاصل ڪين ٿيندو جيسين اسين انسان پاڻ کي ڪنهن ٻي مٿاهين سطح ۾ تبديل ڪري اهڙو وجود اختيار ڪري ماس ۽ رت کان آزاد هجي يا ڪم از ڪم اهڙو روپ يا وجود جيڪو ڪائنات جي ٻين آسماني ۽ خلائي جوهن تي وڃڻ ۽ رهڻ جي صلاحيت رکي. جيتوڻيڪ ڪائنات جي وسعتن ۽ اسرارن کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه احمقانه آهي ته جيڪڏهن ماڻهو جي تخليق انهي مقصد حاصل ڪري سگهي ته پوءِ هي سموري تخليق هڪ بي معني ا نمائش آهي. ۽ پڻ ماڻهو جو شعور ۽ دانش ۽ ان ڏس ۾ سندس لکمن ڪروڙن سالن جي ارتقائي ڪوشش ۽ ترقي جنهن سبب هو هيٺاهين سطح کان اڀري مٿي آيو ۽ جا ڪجهه ڄاڻ ۽ قوت، فطرت جي عنصرن مان حاصل ڪيائين ، سو سڀ ڪجهه اجائي ڪوشش هئي. جنهن کيس ڪنهن به منزل تي نه پهچايو ۽ اهو سڀ ڪجهه اجايو ۽ اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هئا. جيڪڏهن اهڙو مفروضو قبول ڪيو وڃي ته پوءِ هيءِ سڄي ساري ڀرپور ۽ جاندار ڪائنات محض هڪ بيجان ، بيمقصد ۽ ڀوڪپائيءَ جو بي معني ا ڊرامو آهي. انهيءَ ڪري هن زمين تي، ماڻهو جهڙي مخلوق جي وجود جو صرف اهو ئي مقصد ٿي سگهي ٿو ته هو ڪائنات ۽ ان جي اسرار کي مسخر ڪري ۽ مٿس فتح حاصل ڪري ۽ قابض ٿئي. ضرور اهوئي انسان جي تخليق ۽ وجود جو مقصد آهي، جنهن لاءِ ماڻهو کي هڙني مشڪلاتن کي هتائي ڪئين به ڪري حاصل ڪرڻو آهي. ڪتاب؛ ڏسي ڏوهه اکين سين (جمال ابڙو) تان ورتل ڪجهه سٽون.