ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
دادو خدآباد تاريخي مقبرو ۽ مسجد هڪ رپورٽ
سنڌ سلامت جا ساٿيو، منهنجي اهيا ڪوشش رهي آهي ته مان سنڌ سلامت جي دوستن کي سنڌ ڌرتي جي ذري ذري جو سير ڪرايان ۽ اهيو به نوٽ ڪرائيندو هلان ته اسان جي سنڌ جي تاريخي جاين جي موجوده دور ۾ ڪهڙي حالت آهي۔ ۽ سنڌ جي سرمائي سان ڪهڙا هاڃان ڪيا پيا وڃن۔ سنڌ جي ماضي ۾ جيڪي شهر پيرس سان مقابلي ۾ هئا انهن جو موجوده دور ۾ ڪهڙو حال آهي۔ سو دوستو انهن ڳالهين کي من ۾ رکي سنڌ سلامت تي ڪافي هسٽاريڪل، ڊاڪيومينٽريز رپورٽس پڻ لڳايون آهن،
مثلن ۔ دادو جي تارخي غار، خيرپورميرس جو ماضي ۽ حال۔ رني ڪوٽ جو قلعو، گورک هل اسٽيشن، منڇرڍنڍ، وغيره وغيره۔ ان کان علاوه مون ڪافي اديبن، شاعرن جون وڊيو رپورٽس پڻ سنڌ سلامت تي لڳايون آهن،
اهڙي ريت اڄ به توهان لاء دادو خدآباد جي ڪلهوڙا دور جي مقبري ۽ مسجد بابت هڪ ٻه رپورٽس هت ڏيان ٿو۔ توهان پاڻ ڏسو جيڪو شهر ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ به رهي چڪو آهي ان جو موجوده ڪهڙو حال آهي۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=DGB5-uR6ffU
http://www.youtube.com/watch?v=IWQjzf1rWbo&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=02V27BwfhBM&feature=related