استاد ۽ ماستر فرق!!!!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد علي بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2014۔

?

ڇاتوهان سنڌي جي تعليم بابت هن آرٽيڪل سان متفق آهيو؟

راءِ شماري ختم ڪئي وئي ‏27 نومبر 2014.
  1. سڀني لاءِ

    100.0%
  2. سڀني لاءِ

    50.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    استاد ۽ ماستر فرق!!!!

    محمد علي بوزدار کپرو

    تعليم انسان جي ٽئين اک ڪوٺجي ٿي، تعليم کان سواءِ ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، تعليم عورت جو زيور آهي، تعليم حاصل ڪريو قبر کان وٺي پينگهي تائين، تعليم کان سواءِ اوندهه آهي، تعليم حاصل ڪريو خواه چين وڃڻو پوي. استاد والد جي برابر هوندو آهي وغيره وغيره جهڙا جملا اسان جي نظر ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا ٽي وي چينل ذريعي يا اسان جي معاشري ۾ اسان جي سامهون ايندا آهن. استاد جو مان مرتبو والدين جي برابر تصور ڪيو ويندو هو. آخر ڪهڙي ڳالهه ٿي جو استاد جو مرتبو ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ويو ۽ اچي فقط ماستر رهيا آهن. غور ڪجي !! اڄ کان ڪافي عرصو پهرين هڪ استاد جي ايتري عزت هوندي هئي جو سموري ڳوٺ جا ماڻهو ڪا صلاح وغيره وٺڻ لاءِ استاد سان رجوع ڪندا هئا. استاد اسڪول ۾ ٻارن کي محنت، ايمانداري سان پڙهائيندو هو جيڪڏهن ٻار تي سختي ڪرڻي پوندي هئي تب ڪئي ويندي هئي مگر ان عمل ڪو مائٽ استاد کي نه چوندو هو ته اسان جي ٻارڙي کي ڇا جي لاءِ سختي ڪئي اٿئو. هڪ استاد 100 کان مٿي شاگردن کي معياري تعليم ڏيندو هو ۽ ان وقت جا پڙهيل ڳڙهيل شاگرد اڄ انهن استادن جي عزت ليکيا ٿا وڃن. جي برعڪس دنيا جي ترقيافته ملڪن ۾ اڄ به استاد جي ساڳيو مان ، مرتبو ۽ عزت آهي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن وقت ۾ هوندي هئي. ٻين ترقيافته ملڪن ۾ استادن کي اڄ به والدين جي برابر ليکيو ٿو وڃي. مگر اسان ملڪ ۾ هن وقت استاد نه رهيا آهن 95 سيڪڙو ماستر بچيا آهن، 5 سيڪڙو جيڪي استاد آهن اهي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪن ته پنهنجي ذميواري سمجهي ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪن ٿا. مگر 95 سيڪڙو استادن جو لقب اڄ جي دور ۾ گاڏي هلائيندڙ ڊرائيور، مانڊلي تي ڀلو پان ٺاهيندڙ ڪريگر ، گاڏي ٺاهيندڙ مستري کي، گهر ٺاهيندڙ رازي کي، رنگ ڪندڙ رنگريز کي استاد جي رتبي سان ليکيو ٿو وڃي. اصل حقيقي استادن کي استادن ڪوٺڻ جي بجاءِ اڄ جي دور ۾ استاد ڪاريگر کي ڪوٺيو ويندو آهي. موجوده سياسي دئور ۾ ماسترن کي اليڪشن کٽرائڻ جو مهرو سمجهيو ٿو وڃي، ماسترن کي ٻارن کي پڙهائڻ جي تاڪيد جي بجاءِ اسان سان سياستدان ان کي سياسي دائو پيچن ۾ استعمال ڪندا آهن. اليڪشن ڊيوٽي هجي، ووٽر لسٽن جو اندارج، آدمشماري هجي يا گهر شماري، سياستدان سڀني ڪمن ۾ ماسترن کي استعمال ڪندا آيا آهن. نتيجو ڇا نڪتو ته استاد مان اهي ماستر بڻجي ويا ۽ ٻارن کي پڙهائڻ جي بجاءِ اسڪولن ۾ فرضي طور وڃن ٿا سرڪاري سطح تي سنڌ ۾ تعليم نه هجڻ جي برابر آهي. مڊل ڪلاس جا ماڻهو سميت سرندي وارن پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري تعليم تباهه ڏسندي پنهنجي ٻارڙن کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري اسڪولن جوڻيجو وار ڄام واري دور ۾ جيڪي تعليم کاتي ۾ ماستر ڀرتي ڪيا ويا سمورا مئٽرڪ پاس جي معيار تي ڀرتي ٿيا.جيڪڏهن ته حقيقي انڪوائري ڪئي وڃي ته ڪيترن جا مئٽرڪ جا سرٽيفيڪٽ پڻ جعلي نڪري سگهن ٿا. مگر پوءِ به ڳالهه اچي ته سياستدادن جي اهي ماسترن کي پنهنجي ڪمن ۾ استعمال آڻيندا آهن جنهن جي ڪري اهي اهڙين ڪاررواين کان بچي ويندا آهن. سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙن ٻارن جو 90 سيڪڙو تعداد غريب، هارين، مزدورن جي ٻارن جي جيڪي مائٽن جي خوابن جي ساڀيا ڪرڻ لاءِ اسڪول ويندا آهن مگر اتي مقرر ٿيل استاد شاگردن کي پڙهائڻ بجاءِ 3 مهينن تائين ڪتاب اچڻ جي انتظار جي بهاني اسڪول بند ڪري ويندا آهن وري جون جولائي ۾ سرڪاري موڪلڻ ٿي وينديون آهن. وري هڪ مهينو ڪتابن جي ورهاست ۾ گذري ويندو آهي وري آگسٽ ۾ مون سون جي برساتن ۾ اسڪولن ريلف ڪئمپن ۾ تبديل ڪيو ويندو جنهن جي ڪري 7 مهينا ڳالهين ۾ گذري ويندا آهن باقي رهيل سهيل قصر استاد پوري ڪريو ڇڏين. سال پورو ٻارڙن کي تعليم 2 کان 3 سبق اهي به سنڌي جا جهڙا تهڙا پڙهائين ، انگريزي استاد پاڻ نٿا ڄاڻين ته شاگردن کي ڇا پڙهائين ائين ئي سال پورو ٿيو وڃي وري رهيل سهيل قصر تعليم کاتي جا آفيسر، سپروائزر پوري ڪري ڇڏين، ڪيترن ئي اسڪول ۾ ماسترن کي ڊيوٽي تان آجو قرار ڏيڻ تي پئسا ورتا ٿا وڃن، ڪن اسڪولن ۾ جتي سختي آهي اتي 40 هزار ماهوار پگهار کڻندڙ ماستر جي جاءِ تي ڪو پرائيوٽ ماڻهو 3 هزار ماهوار تي رکي پاڻ شهر ۾ ڪو ٻيو ڪاروبار ڪندا رهن ٿا جنهن جي ڪري تعليم تباهي جي ڪناري ٿي وڃي پهتي آهي. سپروائزر توڙي آفيسر پڻ اهڙن استادن جي هر ڳالهه قبول ڪندا آهن ڇا ڪاڻ تي اهي استاد انهن جي رشوت جو ذريعو بڻجندا آهن. ڪي ماستر وري اسان جي پيارن ليڊرن سان خاص هوندا آهن جيڪي سدائين ڊيوٽين کان آجا هوندا آهن. حڪومت به ڪجهه نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ تي مقامي طور تي سياستدان جي پٺڀرائي سبب حڪومت به ڪجهه نٿي ڪري سگهي. وري نظرڀيرايون ٿا اسان جي استادن جي ڀلائي جي تنظيمن ڏانهن گهڻو ڪم انهن لاهي ڇڏيو آهي. صدر کان وٺي آخري عهدي تائين جيڪي به هوندا آهن اهي ڊيوٽي کان هميشه لاءِ آجا قرار هوندا آهن. ڪو آفيسر ڪنهن ڊيوٽي چور خلاف ڪارروائي ڪري ٿو ته ان استادن جي ڀلائي واري تنظيم وارا وري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري ماسترن کي بچايو وڃن ڇا ڪاڻ تي آفيسر پاڻ ڪرپٽ ۽ راشي هوندا آهن تنهنڪري ڪري اهي اهڙن احتجاجن کان ڊڄي اهڙين جي هٿان بليڪ ميل ٿي ويندا ۽ انهن خلاف ڪيل ڪارروائي فائل ڪئي ويندي آهي. وري تعليم کاتي ۾ اڪثر استاد صحافتي ڪارڊ وٺي پنج اخبار جون ڪاپيون وڪرو ڪري ڊيوٽين کان پڻ آجا ٿيڻ جا جتن ڪندا رهن ٿا. اسان معاشري ۾ ڪيتراءِ صحافي دوست پڻ ماستر آهن. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جي معاشري ۾ غريب ڏينهون ڏينهون غريب ٿيندو ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته سرڪاري تعليم سنڌ ۾ نه هئڻ جي برابر آهي جنهن جي ڪري غريب جو ٻارن پنجون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ اڳتي پڙهي نٿو سگهي تنهنڪري مائٽن پنهنجي خواب چڪنا چور ٿيندي ڏسي وري پنهنجي اولاد کي ڪمن ڪار ۾ لڳائي ڇڏي ٿو. اهڙي ريت سلسلو هلندو پيو اچي. ڪجهه انسان دوست استاد، توڙي ڪجهه غريب دوست سياستدان، ڪجهه اسان جي معاشري جا ماڻهو جيڪي پنهنجي دل ۾ غريبن جو درد ۽ پنهنجي معاشري ۾ تعليم جي ڀلائي جي سوچ رکندر ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي طاقت آهر ڪوششون ڪندا رهن ٿا مگر اسان جو سمورو معاشرو تبديل ٿي چڪو آهي، ڪرپشن، پنهنجا نوازي، مئريٽ جي لتاڙ سميت ٻين ڳالهين جي ڪري ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي. جنهن جي ڪري اسان جي پياري سنڌ مان تعليم جهڙي شي موڪلائي رهي آهي. استاد طبقو ماسترن ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ پرائمري تعليم نه جو معيار نه هجڻ ڪري نتيجو اهو ٿو نڪري ته پنج ڪلاس پاس ٿيڻ بعد هائي اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ شاگرد بنياد مضبوط نه هجڻ ڪري تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن. ۽ اڳتي هلي ڪاپي ڪلچر جي ور چڙهي ويندا آهن ۽ پئسا خرچ ڪري ڪاپي ڪري پاس ٿيندڙ شاگرد وري نوڪري جي تلاش ۾ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪا سفارش يا پئسا خرچ ڪن ته نوڪري مليو وڃي نه ته غريب جو ٻار جيڪو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به نوڪري کان محروم هوندا آهن. سنڌي جي تعليم تباهه ڪندڙن اسان سڀئي معاشري جا فرد ملوث آهيون. اهي حڪومتي ادارا هجن يا، والدين، اهي سياستدان هجن يا صحافي اسان هٿ وٺي پنهنجي تعليم تباهه ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي تعليم ادارن ۽ اسڪولن جو حال ڏسجي ٿو ته اکين مان لڙڪ نڪري اچن ٿا، ماستر ٻارن کي پڙهائڻ جي بجاءِ هميشه ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسڪول بند ڪرڻ جا حامي هوندا آهن. جنهن جي ڪري اسان جو معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير تعليم نثار کهڙو توڙي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ڪيترئون ئي ڪارروايون ڪن. ڪيتراءِ استاد معطل ڪيا وڃن پر وري به ساڳيا سياستدان انهن استادن کي بحال ڪري ويندا آهن. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وري ماسترن کي استادن واري ساڳي شبعي ۾ ڪيئن آڻجي، وري ساڳيا سرڪاري اسڪول ڪيئن وسائجن، وري مال جو وٿاڻ بڻيل اسڪولن کي اسڪول جي استعمال لاءِ ڪيئڻ آڻجي، وري اوطاقون بڻيل اسڪولن کي درسگاهون ڪيئن بڻائجن. تباهه ٿيندڙ تعليم کي ڪيئن بچايون؟ آهي ڪو ٻڌڻ وارو انهي انڌي معاشري ۾ ؟ ها ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ماستر پنهنجا ضمير جاڳائي استاد ٿيڻ چاهين استاد جي مرتبي کي سمجهن ۽ اسان آئيندي جو اوني کي سمجهي اسان جي معاشري جي معمار معصوم گل جهڙا ٻاڙرا جيڪي غريبن مارو ماڻهن جا آهن جيڪي هارين جا آهن جيڪي مزدورن جا آهن سرڪاري اسڪولن ۾ خوابن جي ساڀيا پوري ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. انهن کي بچاءِ سگهجي. اسان جي معاشري جي هر فرد تي ذميواري آهي ته هو تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ سوچي. تازو ايم اين اي شازيه مري جي کنيل قدم بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ ، سميت ماسترن کي ڊيوٽين تي حاضر ڪرڻ لاءِ تعليمي ڪميٽي جو قيام ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. مگر جيستائين اسان جي تعليم کاتي مان سياسي مداخلت ختم نه ٿيندي ۽ مڙهيل ماسترن جو احتساب نه ڪيو ويندو، ۽ ڊيوٽي چور ماسترن کي سخت کان سخت سزائون نه ڏنيون وينديون، ۽ اوطاقن جي استعمال لاءِ کوليل اسڪول بند نه ڪيا ويندا تيستائين تعليمي ادارن ۾ بهتري نه ايندي.سرڪاري تعليمي قانون موجب 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ٻيو اسڪولن نه کوليو ويندو . مگر اسان جي معاشري ۾ هڪ ڪلوميٽر ۾ 10 کان وڌيڪ اسڪولن اوطاقن جي استعمال لاءِ کوليا ويا آهن ڳوٺ جو ڌڻي استاد اسڪول گهر ۾ ٺهيل هوندي آهي ماستر ڊيوٽي کان آجو سندس ٻارن پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهن ڳوٺ جا غريب شاگردن الله جي آسري ۽ ٻيو ڳوٺ جي مالڪ استاد جي آسري وقت جو ضايع ڪندو نظر اچي ٿو. شازيه مري جهڙي سوچ رکندڙ اسان سياستدان تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻن تي تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪابه تبديلي اچي سگهي. نه ته ايندڙ سالن ۾ اهي سرڪاري اسڪول هڪ تاريخ بڻجي ويندا. ڳالهه ڪجي نياڻين جي تعليم جي بابت حال جي پچندي روئي پوندي وارو شعر ياد ٿو اچي. جيڪا ماسترياڻي عورت آهي پنهنجي پنهنجي گهر ۾ برانچ اسڪولن جي نالن سان اسڪول کولرائي پاڻ ڊيوٽين کان آجيون قرار ٿي ويون آهن. ان ۾ سياسي مداخلت ۽ رشوت جو بازار گرم ٿيل آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرياڻيون به ساڳي ريت ملوث نظر اچن ٿيون. سنڌ ۾ آخر ڪهڙيون طاقتون آهن جيڪي تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ هڪ به قصر نه ڇڏي آهي. ان برعڪس پنجاب ۾ مائٽن پرائيوٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي موڪلڻ جي بجاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ موڪلن ٿا آخر ڇو اسان کي اهڙين سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻندا پوندا اسان جي معاشري جي هر فرد کي تعليم رشوت کان پاڪ ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ انقلاب برپا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ سڀ کان پهرين حڪومتي ادارا سنجيده ٿين. سڀني مقرر ڪيل استادن کي ٽريننگون ڏنيون وڃين ته جيئن پهرين ماسترن پاڻ پرهائڻ جا لائق ٿيئي پوءِ شاگردن کي پڙهائي سگهندو ۽ پنهنجي وڃايل مقام استاد حاصل ڪري سگهندو

    . Email: ma_rajapk@yahoo.com
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام بهترین لیک آهی، مان پاٹ به هاء اسکول م استاد آهیان ، اسان وٹ جیکی شاگرد پرائمری مان اچن تها انهن کی الف، ب به نه تهی اچی، نه کین پنهنجو نالو لکٹ تهو اچی ته اوهان اندازو لگائی سگهو تها ته اسان انهن کی وری نئین سری پهرین اهو کم کرایون تها جیکو پرائمری استادن کی کرٹو هو ان سان گڈو گڈ اسان کی پنهنجو سلیبس به پڑهائٹو هوندو آهی، اوهان سمجهی سگهو تها ته چها پوزیشن هوندی!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو