پهرين تازاه معلومات مائيڪرو سافٽ نوڪياجو موبائل فون بڻائڻ وارو يونٽ 7.44 ارب ڊالر ۾ خريد ڪري ورتو ٻنهن ڪمپنين جي درميان ڪاروباري مهائدو اس سي ڪئ اوائل ۾ ٿيو هو پر سرڪاري طور تي منظوري جي ڪري دير ٿي ان ڪاروباري مهائدي تحت نوڪيا وڌيڪ موبائيل بڻائڻ بند ڪري ڇڏيندي مائيڪروسافٽ جي چيف ايگزيڪٽيو ستيا نڊيلا جو چوڻ آهي ته اسان نوڪيا کي پنهنجي فيملي ۾ خوش آمديد چون ٿا. انن وڌيڪ چيو ته موبائل بڻائڻ واري صلاحيت وڌيڪ اثاثن سان اسان کي ترقي ٿيندي مائيڪرو سافٽ نوڪيا جي موبائل فون بڻائڻ واري يونٽ کي خريد ڪرڻ جو اعلان گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڪيو هو فن لينڊ سان تعلق رکندڙ نوڪيا ڪمپني هاڻي نيٽ ورڪ ٽيڪنلوجي ۾ ترقي ۽ ٻين وڌيڪ خدمتن تي توجه ڏيندي نوڪيا جا ٻه پيداوار پلانٽ ان ڪاروباري مهائدي ۾ شامل ڪون آهن. ان ۾ هڪچئني ڀارت ۾ آهن. جنهن کي شايد ڀارتي ٽيڪس حڪام اثاثا بند ڪري ڇڏي ٻيو پلانٽ ماسان جنوبي ڪوريا ۾ آهي جنهن کي نوڪيا پاڻ بند ڪري رهي آهي نوڪيا جو چيف ايگزيڪيٽيو سٽيفن ايلاپ مائڪروسافٽ آلات جي گروپ جو ايگزيڪيٽيو نائب صدر مقرر ٿي ويو آهي. هو لوميا سمارٽ فونز ۽ ٽيبليٽس نوڪيا موبائل فونز ايڪ بڪس هارڊويئر مائڪرو سرفيس ۽ پروسپيڪٽيوپل سيل پي پي آئي مصنوعات جو انچارج هوندو
مطلب اها ڳالهه سچي ئي نڪتي ...... ڪمپنيون جيترو طاقتور بڻجن ٿيون اهو نقصانڪار آهي. مائڪرو سافٽ سڀ ڪجهه خريدڻ چاهي ٿو ... ڏسجي ته ڪٿي دنگ ٿو ڪري؟
دنيا وري ھڪ نئي جنگ طرف پئي وڃي، ڪامپيٽيشن جي جنگ.... اڳ ۾ سپر پاورز وڙھندا ھئا ۽ ھاڻي سپر ڪمپنيز . . .
هي جنگ نه آهي بهترين محنت جو ڦل آهي. ٽيڪنلوجيز ڪمپنيون اڳتي وڌڻ چاهين ٿيون.. ٽيڪنلوجيز ڪمپنون نئين ٽيڪنلوجي جي طرف وڌن پيون