ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪالهه انتهائي عقيدت سان ڀٽو جي ورسي ملهائي وئي ۔۔۔ 4 اپريل 1979 جي ان بدنصيب ڏينهن کي ياد ڪندي مختلف ميڊيا چينلس پنهنجي خصوصي نشريات کي آن ايئر ڪيو۔۔۔۔
    هتي مان فيس بوڪ جي هڪ وڊيو جنهن ۾ ميزبان ڪرنل ريٽائرڊ رفيع الدين (جيڪو ان وقت جو سپيشل سڪيورٽي سپرينٽينڊينٽ هيو) کان ان ڏينهن بابت تاثرات پڇيا آهن۔۔۔

    [FV]113858035297551[/FV]​

    هتي ايڪسپريس اينڪر شاهد ڪامران ملڪ جي خصوصي پروگرام فرنٽ لائين جي وڊيو پڻ لڳائي رهيو آهيان ۔۔۔۔۔۔ جنهن ۾ هن ڀٽو جي شخصيت، ملڪ پاڪستان لاءِ جذبو، مسلم امه کي متحد رکڻ جون ڪوششون، 1973 جو تاريخي آئين ۽ قائدِ عوام جي تاريخي تقريرن سان گڏو گڏ سندس ٻاهرين ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز، بنگلاديش سانحو ۽ سندس مخالفن جي خيالن سان گڏو گڏ ڪرنل ريٽائرڊ رفيع الدين کان خاص ڦاهي جي رات واري مڪمل روداد سيڪنڊ سيڪنڊ شامل آهي۔۔۔
    هن وڊيو ۾ جنرل ضياء الحق جا مختلف انٽرويو جنهن ۾ ڪوڙا وعده ۽ ڀٽو خلاف خيال به ڏيکاريا ويا آهن ۽ هن وڊيو ۾ ان ظلم جو به انڪشاف آهي ته ملڪ جي انٽيليجنسين سندس لاش جي بي حرمتي ڪندي ميت جي خاص حصن جي ڦوٽوگرافي صرف ان لاءِ ڪئي ته ڀٽو مسلمان به هيو يا نه۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت جي ساٿين کي ماضي جي ان ظالمانا ڪاروائي ۾ هڪ سنڌي سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم کي ياد ڏيارڻ هڪ مظلوم سنڌي ليڊر کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وڊيو لڳائجي ٿي جنهن لاءِ وڊيو جي اڙدو هجڻ کي نظر انداز ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي۔۔۔


    [m]http://www.zshare.net/video/746089566c0234db/[/m]​

    فرينڊس ڪارنر جي تعاون سان
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟

    سائين ڏاڍا اهم انڪشاف آهن۔۔۔ انهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔۔ ونڊ ڪرڻ تي لک ٿورا
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟

    ادا سائين، ڀٽي جو قصور صرف ايترو هو ته هو سنڌي هو ۽ ٻيو ته هو ملڪ سان سچو هو،
     
  4. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟

    ڪجهه عرصو اڳ بي بي سي جي ويب سائٽ تي سائين جي ايم سيد جي زندگي تي آرٽيڪل پڙهيو هوم جنهن ۾ سائين جي زندگي جي ٻين پهلوئن تي ذڪر سان گڏ، جڏهن سائين جي لائبريري ۾ موجود ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ مختلف دستاويزن جو ذڪر آيو ته اتي، سائين جي ايم سيد کي سر شاهنواز ڀٽو طرفان موڪليل دعوت نامي جي ڪارڊ جو ذڪر به نمايان طور تي ٿيل هو۔ اهو دعوتنامو سندس پُٽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي رسم طهر جي سلسلي ۾ هيو۔
    سائين جي بايوگرافي ۾ دعوتنامي جو ذڪر سائين جي سياسي ۽ خانداني اهميت ۽ ڀُٽي خاندان سان تعلقات کي واضح ڪرڻ هو ۽ شايد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي سنڌ جي سائين سان ڀيٽڻ هيو، جنهن جي حيات سائين جي سامهون هڪ ٻار جي حيثيت سان هئي

    ڪاش پاڪستان جون سامراجي قوتون سنڌ ۽ سنڌ جي شخصيتن کي سمجهن ها ته اڄ پاڪستان جو مقام پوري دنيا ۾ نمايان هجي ها۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟

    سائين معلومات فراهم ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني گهڻو وقت اڳ اهو انٽرويو جي او تي به پيش ڪيو ويو هو ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو