ننديتا پنهنجي حصي جي سنڌ جي ڳولها ۾ ذوالفقار هاليپوٽو منهنجي پاڻ کي ڳولهائڻ لاءِ ماڻهو ڇا ڇا نٿو ڪري- ڪي انهيءَ کوجنا ۾ جنم ڀوميءَ ڏانهن موٽن ٿا ته جيئن ماضيءَ جي دري کلي ۽ پوءِ شناخت يا سڃاڻپ لاءِ ۽ پنهنجي ڳولهاءِ لاءِ ڪي وسيع ۽ ڪشاده دريون کلن - پوءِ ماڻهو ان دريءَ مان واقعا، ڳالهيون، تاريخ ۽ ياديون ميڙي زندگي جي اهميت ۽ پنهنجي موجودگي کي ڪنهن پزل (Puzzle) وانگر جوڙي ٿو . ٽڪڙا ٽڪرن سان ملائي ٿو يادگيرن جي ڳنڍين جي آڌار تي ڪو وڏو ۽ اهڙو وشال تصور جوڙي ٿو جنهن ۾ هن کي سڀ ڪجهه نظر اچي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ملي پوي ٿو. هو پنهنجي پاڻ سان ملي ٿو پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڳانڍاپي سان روبرو ٿئي ٿو. ممبئي ۾ رهندڙ هڪ پرجوش ۽ متاثر ڪن سڀاءُ رکندڙ سنڌياڻي ننديتا ڀاوناڻي به هڪ اهڙو ئي پزل کڻي هڪ اهڙي وشال ۽ آڪاش جيڏي تصوير جوڙڻ ۾ لڳي پئي آهي جنهن ۾ کيس منهنجي پاڻ سان ملڻ، پنهنجي وڏڙن جي جنم ڀومي - انهن جي يادگيرين ۽ ماضي ۾ جهاتي پائڻ جو جوش ۽ جذبو آهي ۽ انهيءَ ڳولها ۾ هو سنڌ جو رخ ڪري ٿي. ان ڏس ۾ هو جڏهن به موقعو ملي ٿو ته سنڌ ياترا ڪري ٿي. تازو وفاقي اردو يونيورسٽي پاران سنڌي ميڊيا بابت منعقد عمل هڪ عاليشان بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهڻ جي بهاني کيس وري سنڌ اچڻ جو موقعو مليو ته ان ٻيهر پنهنجي حصي جي سنڌ ڳولهڻ شروع ڪئي. ڪيترن ئي پيڙهين کان ڪيترن ئي بحرانن ۾ گهريل هجڻ باوجود به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي نه ڇڏڻ واري ڪيترن ئي بهادر سنڌي ڪٽنبن مان هڪ سائين فتح برفت ۽ سندس سلڇڻي نياڻي آزاد ي برفت ننديتا جو تعارف ڪرايو. جنهن مهل ننديتا هندوستان ۾ رهندڙ سنڌي صحافت بابت شاندار انگريزيءَ ۾ پنهنجو مقالو پيش ڪيو ته پوءِ کيس ڪانفرنس ۾ ڪنهن سان به نالو ٻڌائي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي جو سندس مقالي پوري پنڊال کي موهي وڌو هو. مون ساڻس مختصر ڪچهري ڪئي ۽ حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني ۽ گهر موٽي سندس ڏنل بزنس ڪارڊ ۾ ويب سائيٽ تي سندسن ڪم ۽ پروفائل ڏسڻ شروع ڪيم. تمام گهڻا داستان نظر آيا ۽ ڪجهه ڳالهيون ننديتا پاڻ شيئر ڪيون، پر حيدرآباد جي سنڌي هندو گهراڻن جي شاندار ماضي بابت معلومات جا جيڪي در مدد علي سنڌي، ادي ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ شوڪت شوري کوليا انهن مان ڪيترائي نوان قصا نندتا لاءِ به نوان هئا. منهنجي گهر تي سنڌ جي اديبن ۽ ساڃاهه وندن سان ٿيل نندتا جي ڪچهريءَ مون کي لکڻ لاءِ اتساهيو. خاص طور تي ان ڳالهه اتساهيو ته اڄ هندستان ۾ رهندڙ جيڪي نوجوان سنڌي، پنهنجي ادب، آرٽ، ثقافت تي تحقيق ڪري رهيا آهن انهن کي همٿائيجي ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي به انهن پاران ڪيل تحقيق ۽ سرجندڙ شاندار مواد بابت آگاهي ڏجي. نندتا جو گهراڻو حيدرآباد مان ممبئي لڏي ويو. سندس والد هڪ بينڪر هو ۽ ننديتا پنهنجي والد جي بينڪ آن انڊيا واري نوري ڪري دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏٺا. اسين سندس مشاهدي وارو هيڏو نچوڙ هو، والد کيس هر سٺي عمل طور ڏسڻ ت ي چاهيو ۽ ننديتا چارٽرڊ اڪائوننٽ ۽ قانون جي ڊگري وٺي ممبئي ۾ هڪ شاندار آفيس کولي وڪالت ڪرڻ لڳي. نندتا ٻڌائي ٿي ته هڪ ڏينهن جو ممبئي جي سنڌي ڪالوني هڪ تامل عورت جي ڪيس جي سلسلي ۾ ساڻس ملڻ وئي ته کي اهو ڏسي وڏي حيرت ٿي ته تامل عورت پنهنجي سنڌي پاڙيسرين سان زبردست سنڌي ڳالهائي رهي آهي. هن واپس اچي ڪيترن ئي ڏانهن ان ڳالهه تي ويچاريو ته هوءَ سنڌي مائٽن جو اولاد هجڻ باوجود به پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي نٿي سگهي جڏهن ته سنڌين جي رڳو پاڙي ۾ رهندڙ هڪ تامل ڇوڪري سنڌين جي صحبت ڪري ڦرڦر سنڌي ڳالهائي رهي آهي. ان خيال سندس زندگيءَ ۾ هڪ يوٽرن آندو ۽ هوءَ وڪالت ۽ چارٽر اڪائونٽنٽ جهڙا ڪمائي وارا سڻڀا شعبا ڇڏي اينٿراپالاجي ۾ داخلا وٺي ممبئي ۾ رهندڙ سنڌين تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪيائين. جنرل تحقيق کان ٿيندي ٿيندي، سنڌين سان ڪچهريون ڪندي ڪندي ۽ سندن واتان ورهاڱي جي وڍ جا سوڙ ٻڌندي ٻڌندي نيٺ هُن 1947ع جي ورهاڱي کي ئي پنهنجو تحقيق جو خاص موضوع بڻايو. ڇاڪاڻ ته ممبئي ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ وٽ جيڪي به ڳالهيون هيون انهن جو بنياد ۽ گفتگو جو مهور ڦري گهري ورهاڱو ۽ سندن دردناڪ لڏپلاڻ هئي. پنهنجي تحقيق ۽ ٿيسز جي ڪم کي اڳيان وڌائيندي هو ورهاڱي جي وڍ کي ويتر سمجهڻ لاءِ اپريل 2001ع ۾ سنڌ آئي. هڪ مهيني جي ويزا تي نندتا جڏهن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو شهر گهميا ۽ سنڌ جا ٻيا ماڳ مڪان ڏٺا ــ ماڻهن سان ملڻ ، ڪچهريون ۽ رهاڻيون ــ بس سندس زندگيءَ ۾ وري ٻيو ٽرن اچڻ لڳو ۽ وري هُن پنهنجي تحقيق جي موضوع کي ورهاڱي کانپوءِ ممبئي يا هندستان ۾ رهندڙ سنڌين واري ڦوڪس تان هٽائي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري سنڌ تي فوڪس ڪري ڇڏيوــ ائين هُن ڪراس باڊر سنڌ ۽ سنڌين تي تحقيق وڌائڻ شروع ڪئي ــ هُن سنڌ پهريون دفعو ڏٺي هئي ۽ اِها سنڌ ڏسي هو ايترو ته متاثر ٿي جو هُن لکين روپيا ڪمائڻ وارا شعبا ڇڏي رولاڪين کي ترجيح ڏيندي پنهنجي حصي جي سنڌ کي ڳولڻ لڳي. سنڌ جي عشق ۾ گهيرجي ويل نندتا انتهائي تيزيءَ سان سنڌي سکڻ لڳي هو رومن ۾ سنڌي لکڻ لڳي. پاڻ ٻڌائي ٿي ته سنڌي لکڻ ۽ سمجهڻ مهل سندس ذهن تي هر هر ڦرڦر ڳالهائيندڙ ان تامل ڇوڪريءَ جو چهرو تري ايندو هو. هو 2013ع ۾ وري سنڌ آئي ۽ سنڌ کي وري هڪ نئين انداز سان ايڪسپلور ڪرڻ لڳي ــ سنڌ سان اهڙي جند جڙيس جو هاڻ پنهنجي پيشورانه توڙي علمي ادبي ڪم جو گهڻو حصو سنڌ کي ارپيو ويٺي آهي. هڪ بهترين ڪتاب The Making of Exile: Sindhi Hindus and the Partition of India لکيو اٿس ــ جنهن ۾ سنڌ مان هندستان لڏي ويل سنڌي گهراڻن بابت بهترين تحقيق ڪئي اٿس سنڌي ثقافت ۽ تاريخ تي هڪ ٻيو شاندار ڪتاب لکي رهي. “I will and I Can” نالي سان جي هند ڪاليج ممبئي جي تاريخ لکي اٿس اِهو ڪاليج ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ممبئي لڏي ويل سنڌي هندو پروفيسرن قائم ڪيو هو جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ هندستان جي بهترين ڪاليجن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. نندتا ڪاليج جي اڏاوت کان وٺي مشهوري ماڻڻ تائين واري سفر ۾ سنڌي هندو استادن جي عزيم الشان پورهيي بابت تفصيلي حاصل احوال لکيو آهي. اڄ هندستان ۾ ريفريجريٽر ۽ ايئرڪنڊيشنر جي هڪ وڏي ڪمپني بلو اسٽار جي مالڪ موهن آڏواڻي جي بايوگرافي لکي اٿس. اکيون آليون ڪندڙ هن ڪٿا ۾ هُن لٽيل قافلن ۽ خالي هٿن سان مادري وطن ڇڏيندڙ سنڌي هندن پاران هڪ نئين ديس ۾ ڪاميابيءَ جا علم اڀا ڪرڻ پٺيان سندن محنت ۽ ڪمٽ منٽ جي حقيقي تصوير پيش ڪئي آهي. نندتا جو قصو به اسان جهڙو آهي ــ هو هڪ بي چين روح آهي کيس سُخ ئي نٿو اچي هر وقت تجسس ڳولها ۽ بس ڳولها واري طبعيت ــ هو تاريخ تي به لکي ٿي، ثقافت تي به قلم هلائي ٿي، هُو بهترين ڪالم نويس به آهي ته هڪ سٺي تحقيقدان ۽ اينٿرا بالاجسٽ به ـ هندستان جي هڪ وڏي اخبار دي هندو ۾ هُن سنڌي ثقافت ۽ تاريخ کي پنهنجن مضمونن جي ذريعي اجاڳر ڪيو آهي ۽ انگريزيءَ جهڙي عالمي ٻوليءَ ۾ جديد خيالن سان سنڌ جو ماڊرن اميج پيش ڪيو آهي. ٺٽي جي تاريخي هنڌ مڪليءَ بابت هڪ مضمون Grave Tales (قبرون ڳالهائين ٿيون) لکيو اٿس جيڪو مڪلي ۾ مدفون سنڌ جي تاريخ جي هڪ پوري دور، ان دور جي ڪردارن، واقعن ۽ ماڳن بابت هڪ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ مضمون لکيو اٿس. هندستان جي انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ۽ انگريزي ٻوليءَ جي عاشق آئيڊنس اڳيان هُن سنڌ کي اثرائتي علمي ۽ سائنسي انداز ۾ پيش ڪري ڄڻ ته اسان تي ٿورو ڪيو آهي. سندس هڪ ٻيو تخليقي مقالو A River Story (دريا جي ڪهاڻي لکيو اٿس هي مضمون پڙهي اوهان کي ايلس البينيا يا پياري امر لغاري جا مضمون ياد اچي ويندا. هن مضمون ۾ نندتا لڌاڪ جي وادين مان شور ڪندي ــ مستيون ڪندي ٺٽي وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سنڌو دريا بابت بهترين اڪائونٽ لکيو آهي جنهن ۾ هُن دراصل ڊائون اسٽريم ــ پڇڙي ــ ڊيلٽا ۽ سنڌ جو ڪيس وڙهيو آهي. هندستان ۾ ٻولين جي پروموشن لاءِ تمام گهڻو ڪم ٿئي ٿو هندستان ۾ ڪٿا سائوٿ ايشين ڪائونسل برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان عالمي سطح جو هڪ مئگزين شايع ڪري ٿي ڪجهه وقت اڳ هن اداري ڏکڻ ايشيا جون ويهه بهترين ڪهاڻيون جي عنوان سان هڪ ڪتاب ڇاپيو جنهن ۾ پنجابي، تامل، ميراٺي، گجراتي، بينگالي ، سودو برِصغير ۾ ڳالهائينجندڙ ڪيترين ئي ٻولين جو بهترين مواد (ڪهاڻيون ڇاپيون آهن) ان پبليڪيشن جو مقصد برِصغير جي رنگارنگ جاگرافي ۾ رهندڙ گونا گون ثقافتي رنگن، قومن ۽ قبيلن جي آرٽ،ا دب ۽ تاريخ بابت ملٽي ڪلچرل ڄاڻ شيئر ڪئي وڃي. ڪيڏي نه فخر جوڳي ڳالهه آهي ته ان ويهن ڪهاڻين ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جون ٻه ڪهاڻيون شامل آهن جنهن ۾ هڪ ڪهاڻي پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آهي جنهن کي نندتا آسمان جي نالي سان خوبصورت نموني ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻي ڪهاڻي امر جليل جي آهي جنهن کي ڪيسواڻي ترجمو ڪيو آهي. جيئن اڄ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ سان چاهه کي بين الاقواميت واري ٻولين يعني انگريزي وغيره ۾ لکيو پيو وڃي يا ترجمو ڪيو پيو وڃي ۽ ائين ئي اسان واري پاسي جي سنڌ ۾ به سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي ادب ۽ آرٽ تاريخ ثقافت کي انگريزي سودو اهڙين ٻولين ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪيترن سالن کان هندستان ۾ رهندڙ سنڌي گهراڻن جا ڪي نوجوان ڇوڪريون سنڌي ٻولي ــ آرٽ ــ ادب ــ تاريخ ۽ ثقافت بابت انگريزيءَ ۾ لکيو ۽ ترجمو ڪري سنڌ جو هڪ نئون تعارف اجاڳر ڪري رهيون آهن ــ انهن ۾ نندتا ــ نندتا، ساز ۽ ڪوٺاڙي سرِفهرست آهن. اسان واري حصي جي سنڌ کي به نندتا ڀاوناڻي، سازاگروال ۽ ريٽا ڪوٺاڻي جهڙا ڪردار گهرجن.