• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائيل جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون؟

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن
2i9tkx5.jpg

ڇا توھان ڄاڻون ٿا دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيڻ وارو فون ڪھڙو آھي؟
آءِ فون؟ گيلڪسي يا نوڪيا؟ توھان يقينً حيران ٿيندا ته دنيا ڪھڙي فون کي سڀ کان پسند ڪيو؟
اوھان يقينً اھو ڄاڻي حيران ٿيندا ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فروخت ٿيڻ‌ وارو موبائيل فون نه ته آءِ فون جو آھي، ۽ نه ئي وري گيلڪسي بلڪه اھو فون جيڪو ھن وقت تائين 250 ملين يونٽس تائين وڪرو ٿيو آھي،
اھو نوڪيا جو سستو ترين موبائيل فون نوڪيا 1100 آھي۔
2aiiver.jpg

ايترو ئي نه بلڪه نوڪيا 1100 ھاڻي تائين جي بھترين اليڪٽرانڪ ڊيوائس پڻ آھي۔ ان جي شُھرت جو سڀ کان وڏو سبب بلاشڪ ان جي قيمت پڻ آھي۔
16k1kbr.jpg


اگر اوھان حيران آھيو ته ان بهترين فون سيٽ ۾ آخر اھڙيو ڪھڙيون خوبيون ھيون ته اسان اوھان کي ٻڌائيندا ھلون، ھي فون مونوڪروم ڊسپلي جيڪو 4 لائينن (لڪيرن ‌) جي ٽيڪسٽ (لکائي) کي سپورٽ ڪندو ھو۔ 96x65 پڪسل ريزوليشن تي مشتمل ھو۔
ان فون انٽرنيٽ، ڪيمرا ۽ موبائيل ڊيٽا وغيره ڪجھ به نه هو، بنيادي طور تي اھو صرف ڪال تي ڳالھائڻ ۽ ايس ايم ايس جي لاءِ‌ استعمال ڪري سگهبو ھو۔ان کان علاوه ان ۾ ٻه عدد گيمز پڻ ھئاجنهن مان سڀ کان وڌيڪ مشھور " سنيڪ "(نانگ واري راند) ھئي۔
2uzza8k.jpg

اگر سمارٽ فونز جي مناسبت سان ڏسون ته آءِ فون 5 ايس ھن وقت تائين جو بھترين سمارٽ فون آھي۔
2eoguvk.jpg

ماھر تجزيه نگارن جو چوڻ آھي ته ھن وقت تائين 100 ملين آءِ فون 5 ايس وڪرو ٿي چڪا آھن، ۽ اڃا پڻ اھو سلسلو ھلندڙ آھي۔ ۽ ھڪ ڏينهن اھو نوڪيا 1100 جو به ريڪارڊ ٽوڙيندو ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا حيراني واري ڳالھ نه ٿيندي۔
s62m13.jpg

ٻين سمارٽ فونز جي متعلق اڃا تائين ڪو به ريڪارڊ سامھون ناھي اچي سگهيو۔
مگر اميد اھا آھي ته ٻيون نمبر بهترين سمارٽ فون گيلڪسي ايس 3 ھوندو۔
2m2zvci.jpg

ڇو جو 2013 جي وچ ۾ ان جو وڪرو 50 ملين يونٽس تائين پھچي چڪو ھو جنهن ۾ ڪافي اضافو پڻ ٿيو ھوندو۔
o9e0bp.jpg
 
Back
Top