• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سومنات جو مندر ڪنهن توڙيو آهي؟؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ پوليس وارو شهر ۾ نئون مقرر ٿيو ته اسڪول گهمڻ آيو، ان ساڳئي اسڪول ۾ حضرت ڪاڪو آچار جي اولاد به پڙهندڙ هئي جنهن ۾ عالي جناب پپنو قابلِ ذڪر آهن...
پوليس وارو پپنوءَ جي ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته ان کي پنهنجي قابليت ڏيکارڻ جي خاطر استاد پنهنجي شاگردن مان سوال ڪرڻ شروع ڪيا. پهريون پهريون سوال ئي ڪاڪي آچار جي جانشين کان ڪيو ويو.
استاد: ”سهڻا پپنو! ٻڌاءِ ڀلا سومنات جي مندر کي ڪنهن توڙيو هو...“
(پپنو جيڪو سومنات واري سبق جي ڏينهن غائب هو، اهو گهٻرائجي ويو، ٻيو وري مٿان پوليس واري کي بيٺل ڏسي سندس هوش خطا ٿي ويا.)
ان تڪڙ ۾ جواب ڏنو: سائين... قسم سان مان نه توڙيو آهي..... مون کي خبر ناهي..!

استاد به پپنوءَ جي ان جواب تي گهٻرائجي ويو....
پر ڀرسان بيٺل پوليس واري رعب سان چيو: ”ماستر صاحب! ٿوڙو سختيءَ سان پڇيوس... مون کي ته اها ڪاروائي ان ئي ڇوٽوءَ جي لڳي ٿي.... ههههههه“
 
Back
Top