نيويارڪ؛ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ڇايل گوگل پنهنجي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ گوگل پلس کي بند ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي. هي انڪشاف يه دعواه گوگل پلس جي انچارج وک گن جي ڇڏي وڃڻ کان بعد سامهون آئي آهي. گوگل پلس هاڻي سوشل نيٽ ورڪ کي ڇڏي گوگل جي ٻين ويب سائيٽس ۾ شامل ٿي ويندي. ياد رهي ته گوگل پلس فيس بڪ ۽ ٽوئٽر جي طرح ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن استعمال ڪندڙن ۾ ڪمي اچي رهي آهي.