• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غيرضروري آفر ڇو ٿا ڪريو...

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ ڇوڪري يوفون جي هيلپ لائن تي ڪال ڪئي، اڳيان ڪال هڪ ڇوڪري کنئي
”جي سر! السلام عليڪم يوفون هيلپ لائن ۾ خوش آمديد
مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿي؟“
ڇوڪرو: ”ڇا توهان مون سان شادي ڪندو؟“
هيلپ لائن: ”ايڪسڪيوزمي سر، هي يوفون هيلپ لائن آهي، فون جي حوالي سان مان اوهان کي ڇا ٻڌائي سگهان ٿي؟“

ڇوڪرو: ”نه توهان هي ٻڌايو ته ڇا توهان مون سان شادي ڪرڻ چاهيو ٿيون؟“
هيلپ لائن: ”سوري سر، مان انٽريسٽڊ ناهيان شاديءَ ۾، توهان يوفون جي...... “

ڇوڪرو: ”اوهان هني مون تي ڪاڏي هلڻ پسند ڪندو؟“
هيلپ لائن: ”سوري سر، مان اوهان کي چئي رهي آهيان ته اوهان فون جي باري ۾ ڪا......“

ڇوڪرو: ”وليمو ڪاٿي پسند ڪندو، سيرينا ۾ يا ميريئٽ ۾؟“
هيلپ لائن (ڪاوڙ منجهان) : ”سر اوهان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مان شاديءَ ۾ انٽريسٽڊ ناهيان، اوهان ڇو مون کي غير ضروري آفر ڏئي رهيا آهيو؟“

ڇوڪرو: ”ميڊم هاڻي اوهان کي اندازو ٿي ويو ته اوهان جي ڪمپني جيڪي اسان کي غيرضروري آفرز جا ايس ايم ايس ڪري ٿي ته ان وقت اسان جي ڇا حالت هوندي آهي“
 
هاهاهاها ... ساڳيو ويل اسان سان به ڪيو اٿن، اصل ميسيجن جي لائن لڳي پئي آهي
 
مثال طور

10168120_823872957627191_8569946481035934374_n.jpg
 
Back
Top