• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اپريل فول جو سچو واقعو

راشد قريشي

سينيئر رڪن
هي واقعو ٻه سال پراڻو آهي، جڏهن مان سائين رشيد سمون جيڪو هن فورم جو باني آهي، ان جي ننڍي ڀاء روشن سمون سان ملڻ ويس، ان ڏينهن پهرين اپريل هئي، جيئن ئي مون روشن جو دروازو کڙڪايو ته ڇا ٿو ڏسان ته روشن جي ٻانهن تي پٽيون ٻڌل هيون، ۽ هو پنهنجي ٻانهن کي بلڪل سڌو ڪري مون ڏانهن وڌيو، مان ان ڏينهن ڏاڍن سان ڏاڍي ڪئي هئي، سو انڪري مان سمجهي ويس ته روشن مونسان ڏاڍي ڪرڻ ٿو چاهي، وري به مون هن کان پڇي ورتو ته کيس ٻانهن ۾ ڇا ٿيو آهي، هن وراڻيو ته سندس ٻانهن ڀڄي پئي آهي، بس هن جو ائين چوڻ ۽ منهنجو هن کي ٻانهن کان وٺي زور سان لوڏڻ، ۽ چوڻ ته تون وري مونکي ٿو اپريل فول ڪرين، پر ان وقت منهنجا هوش خطا ٿي ويا جڏهن مونکي خبر پئي ته هن جي ٻانهن واقعي ۾ ڪاٺيون کڻڻ وقت ڀڄي پئي هُئي، ۽ پوءِ هن مونسان ڇا ڪيو هوندو اُن جو اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا۔ معاف ڪجو سائين رشيد۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ suhnan saan
 
جواب: اپريل فول جو سچو واقعو

واه ادا واه اوهان ته asul matt

اپريل فول جي بهاني همراه کان رڙيون ڪڍايون هوندوَ ۔۔۔

ڀلا منهنجي به ٻڌو

انهن ڏينهن ۾ منهنجي نئين نئين شادي ٿي هئي ... ٻه هفتا کن مس ٿيا هئا ته پهرين اپريل ٿي ... رات جو ٻين وڳي منهنجي سالي جي فون آئي ته، مون واري ساليءَ کي پيٽ ۾ سخت سور ٿيو جو اصل مرڻ جهڙي ٿي وئي آهي ۽ اسين کيس آغا خان اسپتال وڃي رهيا آهيون ... ائين چئي فون بند ڪيائين ... مونکي ياد ئي نه رهيو ته ڪو اپريل جي پهرين آهي ...
بس پوءِ ته مون واري پتني ۽ مون تياري ڪئي، گاڏي ڪڍي سڌو آغا خان وڃي پهتاسون ... ساليءَ جي نالي جي پڇا ڪري ڪري ٿڪجي پياسون پر مائي لڀي نه جڙي ... جڏهن ٻاهر نڪتاسون ته وڃي گهران پڇا ڪريون ته اسپيال جي دروازي تي ئي سالو ۽ سندس دوست مليا ...

هنن جو کلڻ ۽ منهنجو تپي باه ٿيڻ ... بس وڌيڪ پاڻ سمجهي وڃو ...
 
جواب: اپريل فول جو سچو واقعو

سائين اهي ته ننڍا قصا آهن پر ڪجهه قصا اهڙا به آهن جيڪي گهڻن جو ساهه ئي سڪائي ٿا ڇڏين۔۔ وڏي ۽ بي وقوفي واري ڪوڙن کان پاسو ڪجي ته ڀلو آهي۔۔
اسان جي گهر کان اڳلي لائين ۾ منهنجي سڳي مامي جو گهر آهي۔ پوئين سال انهيءَ ڏينهن تي منهنجي مامي کي هن ڏينهن جي خبر نه هئي، ان جو پٽ يعني منهنجي ننڍڙو ماروٽ انهيءَ مهل اسڪول ويل هو۔۔۔۔
ڪن شرارتي ڇوڪرن مامي جو در کڙڪائي انهن کي ڏسيو ته اوهان جي پٽ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي۔۔۔ پوءِ جيڪا اسان گهرڀاتين جي حالت هئي اها اسان کي ئي خبر آهي۔۔۔ باقي هن ڀيري سنڌ سلامت جي مهرباني سان مونکي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي ته مٿان اپريل فول هو۔۔ الله ڪيو خير سان گذري ويو۔
 
جواب: اپريل فول جو سچو واقعو

ادا اها اپريل فول اسان لاءِ کي ٺاهڻ نه پر اسان کي بگاڙڻ جي لاءِ آهي،
مهرباني ڪري انهي ڏينهن کي مسلمانن جو ڏينهن ڪري ملهايو (صرف سچ ٻڌو ۽ ٻڌايو) ته اسان جي ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ئي ڪامابي آهي
 
جواب: اپريل فول جو سچو واقعو

واه ادا واه اوهان ته asul matt

اپريل فول جي بهاني همراه کان رڙيون ڪڍايون هوندوَ ۔۔۔

ڀلا منهنجي به ٻڌو

انهن ڏينهن ۾ منهنجي نئين نئين شادي ٿي هئي ... ٻه هفتا کن مس ٿيا هئا ته پهرين اپريل ٿي ... رات جو ٻين وڳي منهنجي سالي جي فون آئي ته، مون واري ساليءَ کي پيٽ ۾ سخت سور ٿيو جو اصل مرڻ جهڙي ٿي وئي آهي ۽ اسين کيس آغا خان اسپتال وڃي رهيا آهيون ... ائين چئي فون بند ڪيائين ... مونکي ياد ئي نه رهيو ته ڪو اپريل جي پهرين آهي ...
بس پوءِ ته مون واري پتني ۽ مون تياري ڪئي، گاڏي ڪڍي سڌو آغا خان وڃي پهتاسون ... ساليءَ جي نالي جي پڇا ڪري ڪري ٿڪجي پياسون پر مائي لڀي نه جڙي ... جڏهن ٻاهر نڪتاسون ته وڃي گهران پڇا ڪريون ته اسپيال جي دروازي تي ئي سالو ۽ سندس دوست مليا ...

هنن جو کلڻ ۽ منهنجو تپي باه ٿيڻ ... بس وڌيڪ پاڻ سمجهي وڃو ...

ها ها ها ها ها ها ها
سائين هي ڇا ٿي ويو
اهو به توهان سان
هاهاهاهاهاههاها
 
جواب: اپريل فول جو سچو واقعو

ادا اها اپريل فول اسان لاءِ کي ٺاهڻ نه پر اسان کي بگاڙڻ جي لاءِ آهي،
مهرباني ڪري انهي ڏينهن کي مسلمانن جو ڏينهن ڪري ملهايو (صرف سچ ٻڌو ۽ ٻڌايو) ته اسان جي ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ئي ڪامابي آهي

بلڪل ادا عبد الوهاب
اوهان 200 فيصد درست آهيو
 
Back
Top