اسٽرابيري (strawberry)

'صحت سرير جي' فورم ۾ زاھد حيدر ملاح طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2014۔

  1. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    [​IMG]
    اسٽرابيري
    ذائقه دار ۽ فائده مند
    خوشبودار ڳاڙھي رنگ سان گڏ ساون پتڙين جو تاج پھريل دل جي شڪل سان ملندڙ اسٽرابيري گلاب جي خاندان سان تعلق رکي ٿي، ۽ ان کي محبت جي علامت ۽ صحت جي ضمانت پڻ سمجهو ويندو آھي۔
    [​IMG]
    ھلندڙ ڪجھ سالن اندر پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ اسٽرابيري جي پوک ۾ ڪافي حد تائين اضافو ٿيو آھي، ان جو ڪارڻ زمين جي زرخيزي جي ڪري پڻ آھي۔ ماھرن جو چوڻ آھي ته اگر زمين زرخيز ھجي ته واڌو پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي۔
    [​IMG]
    ھي ذائقي سان گڏو گڏ صحت جي تمام گهڻي فائده مند آھي ۽ ان کي پنهنجي روزمره جي غذا ۾ شامل ڪرڻ انتھائي مفيد آھي۔ ھن ميوي جو شمار دنيا جي لذيذ ۽ خوش ذائقه ميوات ۾ ٿئي ٿو۔
    [​IMG]
    اسٽرابيري دنيا جو واحد ميوو آھي جنهن جو ٻج ان جي کل ۾ ٿيندو آھي، ان جي استعمال سان انسان گهڻين قسمن جي بيمارين، موزي مرضن کان بچي سگهي ٿو۔
    اينٽي اوڪسي ڊينٽ توھان جي جسم ۾ يورڪ ايسڊ جي مقدار کي وڌڻ ناھي ڏيندو جنهن جي ڪري توھان بک ۾محسوس ڪندا آھيو۔ ان ڪري جنهن کي به بک نه لڳندي ھجي اھو اسٽرابيري استعمال ڪري۔ ان کان علاوه اسٽرابيري جا ڪئي فائده آھن، جھڙوڪ ؛ ان جو ڪثرت سان استعمال ڪندڙ ھميشه چست و تندرست رھندو آھي، ھر شخص ھن ميوي کي پسند ڪري ٿو، ھي گهٽ خوراڪ استعمال ڪندڙ (ڊائيٽ) کي سنھڙو ڪري ٿي.

    [​IMG]
    ھن ۾ موجود وٽامن ٽن قسمن سان ڪوليسٽرول کان محفوظ رکن ٿا، ھي خون موجود گهاٽي سڻڀ جي سطح کي گهٽائي، رت کي ڇڊو ڪن ٿا، اسٽرابيري کائڻ سان قوت مدافعت بحال رھي ٿي، جنهن جي ڪري نزلي زڪام، سميت ڪيترن ئي قسمن جي انفيڪشنز کان باآساني محفوظ رھي ٿو.
    اسٽرابيري چمڙي جي لاءِ پڻ فائدي مند آھي، خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتھائي مفيد آھي۔ ان کي کيري وانگر اکين تي رکڻ سان اکين جي سوڄ ختم ٿيندي آھي۔ روزانه ٽي کان چار عدد کائڻ سان نظر ڪمزور ٿيڻ کان محفوظ رھندي آھي۔

    [​IMG]
    اسٽرابيري خون پيدا ڪندڙ ميوو آھي، جلدي ھضم ٿي ويندو آھي، ان کان علاوه شگر جي لاءِ پڻ انتھائي مفيد آھي، ان جي پتڙين جو جوشاندو يا قھوا سنڌن جي سور جا مريض استعمال ڪري سگهن ٿا۔

    احتياطي ھدايتون ؛ گردي ، پتي ۽ جگر جي مرض جي صورت ۾ اسٽرابيري جي استعمال کان پاسو ڪرڻ بھتر آھي۔

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين ملاح صاحب تمام سهڻي ونڊ بهترين تفصيل سان.
    جي هن جي پيدوار جي باري ۾ ڪاڄاڻ ڏيو ته مهرباني، مثال طور ڪهڙي موسم ۾ ڪهڙي ٻني ۾ ۽ پاڻي جي ڪيتري گهرج ، ڇا هن جو ٻوٽو هڪ دفعو هڻبو يا هر سال ٽماٽي ۽ مرچ وانگر نئين سر پوک پوکبي، هن جو ٻج پوکبو يا پنيري پوکبي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زاهد صاحب اوهان تمام سهڻو ليک شيئر ڪيو آهي. اسٽرابيري جي پيداوار هاڻي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي. اسٽرابيري جي فائدن بابت پڙهي خوشي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    انشا الله ادا جيترو ٿي سگهيو ان باري ۾ ڄاڻ دوستن سان شيئر ڪنداسين.
    مھرباني لک ٿورا
     
  6. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ادا سليمان اوھان جي وڏي مھرباني.
    سدا خوش رھو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 اپريل 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو