سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گِھڙي وَسندي مِينهَن؛ هَلو ته پُڇُون سُهڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن؛ جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئِي مَنَ ۾.
سانوَڻَ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءُ سَرَهِي سِياري؛ تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري؛ مُحبَـتِي ماري، ڪونهي دادُ دَرياهَ ۾.