پهرين مئي مزدورن جو ڏينهن پورهيت جي عظمت جو اندازو شاھ سائين جي ھن بيت مان لڳائي سگهجي ٿو؛ فرمائين ٿا ته “پاڇا ھي نه پاڙيان، سَرَتيونُ ! سُئيءَ ساڻُ ، ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻُ ، ٻيهر ڄاپي ڄاڻُ ، اِبرَ جيَ اوصاف کي!!!" اي سرتيون مان بادشاھيءَ کي به سئيءَ جي سٽ نه ٿي سمجهان۔ ھوءَ ننگن کي ڪپڙا ٿي پھرائي پر پاڻ ڪجھ به نه ٿي پھري تون ٻيو دفعو ڄمي (مرڻ کان اڳ مري ۽ وري جيئرو ٿي ) سُئيءَ جي گُڻن کي پروڙ۔ (سُر مارئي ص 340، ڪلياڻ آڏواڻي )۔۔ لطيف سائين سُئيءَ جي عظمت کي بادشاھيءَ جي مٽ به نه ٿو سمجهي ڇو جو سُئي جيڪو ڪم ڪري ٿي سو بادشاھ به نه ٿو ڪري ھو صرف ويٺي حڪم ٿو ھلائي ، پنهنجا پورا حق حاصل ٿو ڪري جڏهن ته سُئي ننگن کي ڍڪي ٿي ، پر سندس تن ننگو اٿس۔ ائين ئي مزدور سڄو ڏينهن محنت ڪري ٿو ، ڪارخانن ، مِلُن ۾ ٻين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پر سندس ضرورتون ڪير به پوريون نه ٿو ڪري ، چوندا آھن ته پورھيت جو پگهر سڪڻ کان پھريان اُن محنت جو ثمر کيس ملڻ کپي ، پر ھتي ان جو اُلٽ آھي پورھيت جو پگهر سڪڻ کان پهرين به جيڪڏهن ان کي ثمر ملي ٿو ته به ايترو جو اھو پگهر سڪڻ کان پھريان ئي ختم ٿي وڃي ٿو۔ سڄي ڏينهن جي سخت محنت کان پوءِ جيڪا اُجرت سندس نصيب ۾ آھي ، اھا اڄ جي مهانگائيءَ جي دور ۾ شايد اڌ جي برابر به نه آھي۔ مهانگائي جيتري قدر وڌي آھي ، اُن جي مطابق مزدور جي اُجرت اڌ تائين وڌائي وڃي ٿي، جنهن جو نتيجو پورھيت طبقو ھيٺ کان ھيٺ سطح واري زندگي گهاري رھيو آھي۔ ان کي سھولتون ميسر نه آھن جيڪي ھڪ محنت ڪش فرد جي حيثيت سان کيس ملڻ گهرجن۔مزدورن جا به حقوق آھن انهن کي اھي سھولتون ڏنيون وڃن جيڪي سندن حق آھن۔ سڀ کان پھرين انهن جي صحت جي حوالي سان " فري ھيلٿ فئيسلٽي " مھيا ڪئي وڃي جيڪا سڀ کان اھم آھي، ۽ خاص ڪري مزدورن لاءِ ڇو جو ھو فيڪٽرين، ملن ۾ جڏهن سڄو ڏينهن ڪم ۾ مصروف آھن اتي دونهون ۽ تيزابي ماحول ۾ سندن صحت تي وڌيڪ اثر ٿئي ٿو، ۽ انهن جو هر ڏينهن نه صحيح پر ھر ھفتي " ميڊيڪل چيڪ اپ " ٿيڻ ته لازمي آھي۔ پر افسوس اسان وٽ انهن کي محنت جي اُجرت ئي وڏي مشڪل سان ملي ٿي اتي ٻيون سھولتون ڪيڏانهن ملندن مزدورن جو ڏيھاڙو ملھائڻ سان ڪنهن مزدور کي فائدو نه ٿيندو بلڪه مزدورن جو ڏينهن به امير ئي پيا ملھائن، گهرن ۾ ويھي بيان بازي ڪري، مزدورن جي حق لاءِ ٻه ٽي نُڪتا پيش ڪري ، ھڪ ٻه سيمينار ڪوٺائي خوش ٿي ويھي رهن ٿا۔ ڄڻ ته ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي ڇڏين، مزدور ته اُهي ئي آھن جيڪي اميرن جي گهرن جون سِرون ڍوئڻ ۾ پورا آھن، سندن خبر ئي ناھي ته اڄ ڪو اسان جو ڏينهن به آھي۔ جيڪر ھو به پنهنجو ڏينهن ملھائڻ لاءِ گهر ۾ ويھي رھندا ته سندن گهر جو چلھو ڪيئن ٻرندو، اهو به ته کين ئي سوچڻو آھي اميرن کي نه جيڪي ھڪ موڪل ملڻ جي خوشي ۾ ڪٿي سير سپاٽن ۾ مصروف ھوندا آھن۔ جيڪڏهن مزدورن جو ھڪ ڏينهن ملھائڻو ئي آهي ته سندن حقوقن جي ڳالھ ڪرڻ گهرجي ۽ صرف ڳالھيون نه بلڪه انهن ڳالھين تي عمل به ٿيڻ گهرجي جو ھو آرام سان پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن جو خرچ پورو ڪري سگهن کين ايتري اُجرت ڏيڻ گهرجي جيتري ھڪ آفيسر جي پگهار ھوندي آھي، مزدورن جو به اوترو ئي حق آھي، آفيسر ھڪ ٻن فائيلن تي صحيح ڪري 50، 60 ھزار ھڪ مھيني ۾ ڪمائي ٿو وٺي، ۽ سڪون جي زندگي گذاري ٿو۔ ائين مزدور جو به حق آھي ته کيس به ايتري ئي اُجرت ملڻ گهرجي جو ھو پنھنجي زندگي آرام ۽ سڪون سان گهاري سگهي۔ زماني جو دستور آ ، محنت ڪرڻ وارو مزدور آ ، پگهر سڪڻ کان پھرين ، اُجرت ملڻ کان پھرين ، پيٽ خالي سمھڻ معمول آ، ڇو جو ھو مزدور آ ، زاھد حيدر ملاح
1 مئي مزدورن جو ڏينھن مونکي تمام گھڻو افسوس ٿيندو تڏھن جڏھن ماڻھو 1 مئي تي مزدورن لاء خالي واويلا ڪري فوٽو ڪڍرائيدين وڏا وڏا پوز ھڻندا، ڇو ت انھي ھڪ مئي واري ڏينھن موڪل جو اعلان مزدور کي 3 ويلا بک تي ويھاريو ويندو آھي
دنيا جو عجيب دستور آهي 100 ڪلو اَن (ڪڻڪ) جي ٻوري جيڪو کڻي سگهي ٿو اهو خريد ڪري نه ٿو سگهي ۽ جيڪو خريد ڪري سگهي ٿو اهو وري کڻي نه ٿو سگهي. جيڪو سخت گرميء توڙي سخت سرديء ۾ رات ڏينهن سخت محنت ڪري ٿو ان کي رهڻ لاء اجهو به ڪونهي. جيڪو بالڪل محنت نه ٿو ڪري ان لاء هر شهر ۾ پر آسائش رهائش گاهه نوڪر چاڪر سڀ ڪجهه. هي به عجيب آهي ته پهرين مئي ڏينهن مزدورن جو سڏيو ٿو وڃي ليڪن موڪل وري آفيسرن کي . پورهيت ته يڪم مئي تي به پيٽ گذر جي تلاش ۾ آهي. واه زمانه تنهنجو عجيب دستور.............